سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران صدارتي آرڊيننس خلاف گورنر هائوس اڳيان احتجاجي مظاهرو
ٻيٽ بچايو سنڌ بچايو سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران گورنر هائوس اڳيان هزارن جي تعداد ۾ اڳواڻن توڙي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهري ۾ مختلف قومپرست ڌرين ايس ٽي پي، ايس يو پي، جسقم، عوامي تحريڪ، عجپ، جسم، جسقپ، ورڪرز پارٽي سميت مختلف پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ڪراچي کي افغانستان ٿيڻ نه ڏينداسين. پنجاب اسيمبلي ۾ به جلد صدارتي آرڊيننس خلاف بل آندو ويندو. هن چيو ته اسان سنڌ تي جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيون۔ عوامي طاقت سان انقلاب آڻينداسين. پي ٽي آءِ حڪومت سنڌ جي ملڪيت تي قبضا ڪرڻ آئي آهي. پي ٽي آءِ کي گهرجي ته صدارتي آرڊيننس واپس وٺي. وفاق هن مهل تائين صدارتي آرڊيننس واپس نه ورتو آهي، پر اسان وفاق کي چتاءُ ڏيڻ ٿا چاهيون ته سنڌ کي ننڌڻڪو نه سمجهيو وڃي سنڌ سجاڳ ٿي چڪي آهي۔ اسان ٻيهر وفاق جي نمائندي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل کي گورنر هائوس ٻاهران اهو پيغام ڏيڻ ٿا چاهيون ته صدارتي آرڊيننس ۽ صوبن جي ملڪيتن تي وفاق قبضا نه ڪري۔ هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن وفاق پنهنجي هوڏ تان نه لٿو ته پوءِ سنڌ جو عوام ڪفن ٻڌي صدارتي آرڊيننس خلاف اسلام آباد جو رخ ڪندو۔ هن وقت پوري سنڌ صدارتي آرڊيننس خلاف سراپا احتجاج آهي، پر وفاق خاموش آهي. سنڌ ۽ بلوچستان حڪومتن ٻيٽن تي ۽ صدارتي آرڊيننس کي اسيمبلين مان رد ڪري چڪي آهي۔ ان موقعي تي ايس يو پي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي ٻن صوبائي اسيمبلين صدارتي آرڊيننس کي رد ڪيو آهي، پر هن مهل تائين صدارتي آرڊيننس واپس نه ورتو ويو آهي ان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته وفاق سنڌ ۽ بلوچستان سان دشمني جو ثبوت ڏيئي رهيو آهي، پر اسان وفاق جي نمائندي گورنر سنڌ عمران اسماعيل کي اڄ واضح پيغام ڏيڻ ٿا چاهيون ته صدارتي آرڊيننس فوري طور تي واپس ورتو وڃي۔ ٻي صورت ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جو عوام صدارتي آرڊيننس خلاف اسلام آباد جو رخ ڪندو۔ هن جو چوڻ هو ته وفاق سنڌ کي اسلام آباد جي ڪالوني سمجهي رهيو آهي۔ سنڌ سرڪار صوبن جي ٻيٽن جي وڪري جي اين او سي ڏئي وڏي غلطي ڪئي هئي۔

