خاص

ڪجهه سيڪنڊن ۾ رحم جو سرطان سڃاڻڻ وارو انقلابي نشتر (نيزو)

آئي نائف نالي ڇري نشتر (نيزو) اڳ ۾ ئي ڇاتي ۽ دماغي سرطان جي سڃاڻپ لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي، پر ماهرن مطابق ان کي رحم جي سرطان جي فوري سڃاڻپ ۾ پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو. امپيريئل ڪاليج لنڊن جي ماهرن مطابق نه صرف آئي نائف کي ڪاميابي سان ڪينسر جي هڪ ٻي قسم جي سڃاڻپ لاءِ استعمال ڪيو آهي، پر تجربا ٻڌائن ٿا ته اهو ڪم سيڪنڊن ۾ ٿي سگهي ٿو. ساڳي ريت هزارين عورتن جون زندگيون بچائي سگهجن ٿيون ۽ عورتن کي غير ضروري ٽيسٽ مان گذارڻ بدران ڪينسر کان محفوظ قرار ڏيڻ ۾ مدد ملندي.