ادبشاعري

شاعري

وائي

غلام نبي ڪولاچي

اسان تو کي چاھيو آھي، جھڙي تھڙي حال ۾،

جھڙي تھڙي حال ۾.

گُهري سون پريت ۽ پٿر پلئه پيا، اسان کي سوال ۾،

جھڙي تھڙي حال ۾.

وفا جا سڀيئي بنديل در ڏٺاسين، زماني جي ھال ۾،

جھڙي تھڙي حال ۾.

محبت جي ٻيڙي تاري وياسين، توڻي ھئي پاتال ۾،

جھڙي تھڙي حال ۾.

ڏکن جا ھڙيئي ڀريل رنگ آھن، اسان جي جمال ۾،

جھڙي تھڙي حال ۾.

نه ڪلفت کي شامل، ڪيوسين ”ڪولاچي“ پنھنجي اعمال ۾،

جھڙي تھڙي حال ۾.

***

غزل

ممتاز علي ٿرواسي

اسان ڏٺيون اوهان جون ادائون گهڙي لئه

وئين تون وسائــــــــــــــــي گهٽائون گهڙي لئه

اچـــي آ وئــــــــي ياد گڏجـــــــــــــــــي گذاري

اُتر جـــــــــــــــون جــهلي ها هوائون گهڙي لئه

اڱڻ تـــــــــي. هئا هٿ حـــجابــــــي هِلايا

نشانيون نمونا نگاهـــــــــــــــــون گهڙي لئه

چُني اوٽ مان ڳوٺ جانچـــــي هئــــــي هُن

گلــــي گس ڪـــــيون ٿي دعائون گهڙي لئه

ڇــــڏي سونهن تنهنجــــي سنواري سڌاري

ڪريو ڪاش ها ڪـجھ وفائون گهڙي لئه

چـــــري دل چـــوي ٿي نه ”ممتاز“ ملندو

رڳــــــــــو هاڻ آهن رٿائون گهڙي لئه

***

غزل

مسافر هاليپوٽو

لوڪ هن بي ذوق ۾ ڪو ڀرجھلو ناهي رهيو

ها تڌهن ئي يار هاڻي حوصلو ناهي رهيو

جو به ٽولو ٿو ملي سو آ مفادن تي مئل

حق وفا جي واٽ جو ڪو قافلو ناهي رهيو

خودڪشي ۽ خونريزي ڏس هتي معمول آ

جو هتي ناهي ٿيو سو حادثو ناهي رهيو

پيار کي پوڄا عبادت هاڻ چوندي ٿا لڄون

ڇو ته خالي لوڀ کان ڪو واسطو ناهي رهيو

هي ڪڙو لهجو تڏهن ٿو يار لفظن ۾ لکان

ها اندر ايذاءَ تي ڪو ضابطو ناهي رهيو

جان جو جانان هو سو جان ويو آھي کڻي

”کوڙ سارا ڏينهن ٿيا هن رابطو ناهي رهيو“

پاڻ ارپي پيار کي بس مون مسافر آ ڇڏيو

پيار مان ڀل پيار جو ڪو آسرو ناهي رهيو

***

ڇا چئجي!

قلب علي خواجه

مخفي طرح مست رهن ٿا، ڇا چئجي!

ڳوليون ڦولهيون ڪونه لڀن ٿا، ڇا چئجي!

دل جون ڳالهيون ڪنهن سان ڪريون ڪير ٻڌي

چَپ ٿا چوريون، چريو پون ٿا، ڇا چئجي

ڀانيوسين مَن بِلو ٿئي بيمارن جو

الٽو تازا وَڍَ وجهن ٿا ڇا چئجي،

ووٽ ڏناسين، تير هنياسين دشمن کي

ساڳيا موٽيو تير لڳن ٿا ڇا چئجي.

پنڌ اسان، هو ايئرڪنڊيشن ڪارن ۾

بند درين مان ڪونه ڏسن ٿا ڇا چئجي

ملڻ ته ٺهيو، ڳالهه ڪرڻ کي ترسون پيا

فونن تي ”انگيج“ لڳن ٿا ڇا چئجي

”قلب“ رهي پيو ”پناهگيرن“ جي پاڙي ۾

سنڌي سمجهيو وونئون وڃن ٿا ڇا چئجي

***

نظم

اعجاز منگي

وار ڇڙيل ۽ رئو ڳچيءَ ۾

جادو تنهنجي ڦوهه وهيءَ ۾

تڏهن ته سينڊل جي ٺڪ ٺڪ تي

ڇورا ڇرڪي ڪنڌ موڙين ٿا

ٽيڏي اک سان توکي ڏسن ٿا

ٽيڏي اک سان تون به ڏسين ٿي

پنهنجي پر ۾ خوش ٿئين ٿي

چنچل چهرو شوخ ادائون

ڄامشوري جون مست فضائون

فيشن ايبل برگر ڇورا

لفٽ وٺڻ لاءِ ڏين ٿا ڦيرا

ٽي شرٽ تيز ڪلر جي پائي

وارن ۾ هو جيل لڳائي

وارن جو اسٽائل مٽائي

تنهنجو ڌيان ڇڪائڻ خاطر

ڇاڇا پاڳل ڇورا ٿا ڪن

پجيرو، الٽو، لينڊڪروزر

مهراڻ ۾ تنهنجي لاءِ اچن

ڪيڏي تنهنجي اهميت آهي

هر ڪو توکي ٿو پيو چاهي

هڪڙي ڳالهه ٻڌايان جانان

مان به تنهنجو چاهيندڙ آهيان

پر حقيقت کي ڄاڻان ٿو

چاهت پيٽ ڀريندي ناهي

چاهت گاڏي ڏيندي ناهي

گاڏي لاءِ پئسا ٿا گهرجن

پوءِ وڏا بنگلا ٿا گهرجن

ٻهراڙي جو سادو ماڻهو

بنگلن مان هو ڇا ٿو ڄاڻي

محبت هن لاءِ سڀ ڪجهه آهي

محبت مسجد، محبت مندر

محبت منڇر، ڪيٽي بندر

محبت سنڌو، سونهن سمندر

مان توکي محبت آڇيان ٿو

هي اڻ مٽ دولت آڇيان ٿو

تنهنجي مرضي آهي جانان

چاهين يا مون کي ٺڪرائين

مان ته توکي پيو چاهيندس

ساري حياتي پيو پوڄيندس

منهنجو پيار ڪچو ناهي

منهنجو پيار سچو آهي

منهنجو پيار سچو آهي

***

مختصر نثري نظم

صدام ٻپڙ

وڻ

اُهو وڻ

جنهن تي تنهنجو

۽ منهنجو نالو لکيل هو

آخر هن جو ڪهڙو ڏوهه هو

جو هن کي

ڪهاڙيون هڻي

قتل ڪيو ويو.

***

وائي

ناشاد شوڪت شنباڻي

راتيــون ڪاٽي ڏونـگر ڏاري جوت جلائي

چانڊاڻن ۾ ملنداسين

مهڪي مهڪي نينهن نڀائي جوت جلائي

چانڊاڻن ۾ ملنداسين

خوشبو بڻجي مـن مهڪائي جوت جلائي

چانڊاڻن ۾ ملنداسين

رســـتا ڳــولي ساٿ سمائي جوت جلائي

چانڊاڻن ۾ ملنداسين

گيــت گلابي ڪــوئي ڳائي جوت جلائي

چانڊاڻن ۾ ملنداسين!!

***

غزل

مظهر علي ميربحر

ھر پاسي انڌاري آهي

ساري سنڌ ڏکاري آهي

ڊئم اڏن ٿا سنڌوءَ تي ھُو

سوچ سندن ناڪاري آهي

ڪمدار ڪروڙ ڪري ڪلور

ھيڻو ھت ھر ھاري آهي

شاخ پڇڙ تي پاڻي ڪونھي

ڪڻڪ سڙي وئي ساري آھي

۽ پاڻي گُھر ته چون ٿا ھُو!

ھي ته وڏو ڏوھاري آھي

مرد ڪري جي عشق ته عاشق

عورت ڪري ته ڪاري آهي

پٽ جي ڄمڻ تي دھل دماما

ڌيءَ کان ڇو بيزاري آهي؟

عزت ڏئي ٿو عزت وٺي ٿو

ھر ماڻھو واپاري آهي

رحم نه رھيو آ ڪنھن جي دل ۾

سنگ دل سڀني ڌاري آهي

ڌارين تي ڏيان ميار ڪھڙي

باھ ته پنھنجن ٻاري آهي

پنھنجي ڌرتيءَ لئه نه لکي جو!

شاعر سو درٻاري آهي

ماڻھن مٿان مھانگائي جي

مظهر ٿي بمباري آهي

***

نثري نظم

ڊاڪٽر عامر گڏاڻي

اڄ ٻيهر تنهنجي

تصور جا رنگ

منهنجي قلم جي نوڪ تي

نکرڻ لڳا آهن..

شاعري مون کي ڀاڪرين ڀرڻ ٿي چاهي!!!

پر الاءِ ڇومون کي

ڪوتا جي پرن ۾

اهي سڀئي رنگ ڌنڌلا ٿا نظر اچن

جيڪي توکي ڏسي

منهنجي ڏات ديوي تي نکرندا هئا……

شايد وقت جي ڌوڙ ۾

اهي سڀ رنگ لٽجي چڪا آهن…

شايد تون مون کان وسرڻ لڳي آهين…..

***