خدا سان گفتگو
هڪ رات خواب ۾ ڇا ٿو ڏسان ته تيز اکين ٺار روشني منهنجي ڪمري ۾ داخل ٿي مان حيراني منجهان تڪيندو رهيس ته آواز آيو ڇا پيو ڏسين ڇرڪجي ويس پڇا ڪيم ڪير
چيائين: تنهنجو دوست
چيم: آواز سڃاتم ڪون تعارف ڪراءِ
چيائين: دوست کان وڌ ٻيو ڪهڙو تعارف ڏيان؟؟
چيم: ٺيڪ آ حڪم ڪر؟؟
چيائين: ڳچ عرصي کان توکي ٻڌو ناهي اڄ ڳالهائي ڪجھ ته ٻڌان
چيم: ڇڏ يار سچ ڳالهائڻ جي ڪيان ٿو ته زمانو روڪي ٿو وري جي ڪوڙ ڪرڻ جي ڪيان ٿو ته آواز اندر ئي اٽڪي پوي ٿو.
چيائين: هڪ ڳالھ پڇان؟؟
پُڇَ، مون وراڻيو
چيائين: جيڪو اندر ۾ اٿئي ٻڌاءِ
چيم: مارائيندين ڇا؟؟؟؟
کلندين چيائين: نه نه مون تي يقين رک
چيم: يار ڪجھ ڏينهن کان عجيب سوال پيا ذهن منجھ اڀرن جي ذڪر ٿو ڪيان ته دنيا برداشت نه ٿي ڪري.
پر! توکي ٻڌي سمجهان ٿو تون مون کي سمجهندين ۽ هي الجهن دور ڪرڻ ۾ شايد مدد به ٿي وڃي،
جي گهڻو ڪجھ نه سلجهي ته به خير اندر جو وزن گهٽ ٿيندو.
چيائين: جيڪو تون پاڻ ڪري سگهين ٿو ان ۾ ٻئي جي مدد تلاش ڪرڻ مطلب پنهنجو دشمن وڌائڻ.
مان ڀايان ٿو تنهنجي سوالن جا جواب تو وٽ آهن.
پڇم؛ ڪيئن ۽ ڪهڙا؟؟
انهي تي چيم مطلب مون تو سان حال اوريو ۽ پنهنجو دشمن بڻايم؟؟
مسڪرائي چيائين ايئن ئي سمجھ
مونکي به ٿورو اُلڪو ٿيڻ لڳو ۽ چيومانس يار ٿين يا کڻي دشمن ٿي، پر هاڻي چهرو ته ڏيکار؟
چيائين؛ تون منهنجو چهرو ڏسي نه سگهندين
چيم؛ ڇو ڀائو ايترو ڀوائتو آهين ڇا؟؟
ٽهڪ ڏئي چيائين ايئن به ناهي
چيم؛ پوءِ شرمائين ڇو ٿو ديدار ڪراءِ
چيائين؛ ايڏو ضد ٿو ڪرين ته ٺيڪ آ مان سامهون اچان ٿو
جڏهن هو منهنجي سامهون آيو ته ايئن محسوس ڪيم جيئن موسيٰ ڪيو هو، بس فرق ايترو هو جو مان يار کي تڪيندو رهجي ويس
ڪجھ دير گذرڻ بعد وري آواز آيو چيائين ڇو خاموش ٿي وئين؟؟
خاموش ته ناهيان، پر ها حيران ضرور ٿيو آهيان انهي لاءِ ڪجھ سوچان پيو، مون چيو
چيائين؛ وري ڪهڙن سوچن ۾ پئجي وئين تنهنجي فرمائش به ته پوري ڪيم،
چيم؛ يار تون ڪيڏو نه سادو آهين هڪ طرف چوين ٿو مان سڀ ڄاڻا ٿو وري پُڇا ڪري پاڻ کي ڪيڏو نه بيوس بڻائي ٿو ڇڏين
چيائين؛ مان بيوس ناهيان نه ئي مونکان ڪجھ لڪيل آهي
پوءِ مون کان ڇا جي پُڇا پئي ڪئي، حيران ٿيندي پڇيم
چيائين؛ تون وتين ٿو دشمن وڌائيندو ڇو ٿو اٽڪين ظالمن سان جنهن سان اٽڪين ٿو اهي وڏا شاتر اٿئي جيڪي مون منجهان ئي نٿا مڙن تون انهن اڳيان ڇا آهين؟؟
چيم؛ يار حيرت ٿي اهو سڀ ٻڌي مونکي اندازو نه هو ته تون ظالمن اڳيان لاچار بڻيو ويٺو آهين!!
اوچتو ڪنهن آواز تي منهنجي اک کُلي پئي ۽ منهنجا سوال سوال ئي رهجي ويا….
***