ڊائري جا ورق
01 جنوري 2002
نور محمد سان هفتي ڏيڍ ۾ ملاقات ٿيندي آهي ۽ هميشه خوشگوار، علمي ادبي خبرچار، اديبن، ڏاهن، دانشورن جي ڄاڻ، شيخ اياز ۽ سندس ڪتاب تي ڳالهيون ۽ پڻ سياست تي گفتگو ٿيندي آهي. هميشه نور محمد سان ڪچهري ڪري هڪ قسم جي روحاني راحت ملندي آهي. مونکي دنيا جا عظيم ۽ بهترين ڪتاب نور محمد پڙهايا آهن.
سنڌ ۾ هميشه کان عظيم ماڻهن جي بي قدري ٿيندي رهي آهي. شاهه لطيف ۽ اياز جهڙن کي به زندگي ۾ سور سهڻا پيا، شيخ اياز جهڙي عظيم تر شاعر، بيمثال دانشور ۽ فلسفي، سڄي دنيا جي علم ادب و تاريخ جو سمنڊ هو. اهڙي عظيم تاريخي شخصيت جي بي قدري ٿي، اها اسان ۽ خاص طور تي نور محمد اکين سان ڏٺي هئي. نور محمد شروع کان وٺي 60 ۽ 65 کان وٺي شيخ اياز جو مداح، بلڪه هن جو عاشق ۽ هو محبوب هو، آخر مرڻ گهڙي تائين نور احمد، شيخ اياز جي گهڻو ويجهو رهيو. نور محمد ۽ عمر قاضي، ڪراچي ۾ بيماري دوران اياز جي نه صرف اسپتال ۾ پر گهر ۾ به خدمت ڪئي. ٻئي مسلسل تعلق ۾ رهيا، اياز جي مدد ۽ خدمت ڪئي هئائون، شيخ اياز، نور محمد سان گهريلو مسئلا به ڊسڪس ڪندو هو. نور محمد ۽ عمر قاضي گهرا دوست آهن. عمر ڪراچي ۾ روزانو اياز سان تعلق ۾ ۽ اياز جي ڪم ڪار ۾ هوندو هو. اياز کي آخري دور ۾، بي قدريءَ جا ۽ پنهنجن نام نهاد دوستن طرفان مليل عذابن جا جي ٻئي دوست اکين ڏٺا شاهد آهن. اياز انهن سان اظهار به ڪندو هو. بهرحال اياز سان جيڪي دوست ۽ سچا مخلص مداح ۽ ساٿي آخر تائين هن جا ۽ هن ساڻ رهيا. انهن چند ماڻهن مان نور محمد به آهي. نور محمد کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هو اياز جو آخر دم تائين سچو دوست ۽ معتقد ٿي رهيو. نور محمد کي سنڌي اديبن، دانشورن ۽ نام نهاد اياز جي دوستن جي جيڪا شديد نفرت ۽ ڪاوڙ ڏياري، اُها اياز کي ڏنل اذيتن تي هئي، نور محمد اياز متعلق انهن نام نهاد همدردن جون عجيب حرڪتون اکين سان ڏسندو هو، ان نفرت جو اظهار نور محمد پنهنجي گلگت مان دوست کي لکيل خط ۾ زوردار نموني ڪيو آهي.
نور محمد بذات خود تمام وسيع مطالعي ۽ وڏي سياسي و تاريخي ڄاڻ رکڻ وارو دانشور آهي، اياز کي ته نور محمد لفظ لفظ ڪري ڪيئي ڀيرا پڙهيو آهي. اياز جا زياده تر ڪتاب اياز پنهنجي صحيح سان نور محمد کي موڪليندو هو. اياز تي نور محمد هڪ وڏي اٿارٽي آهي، ڪاش ڪو قدر ڪري.
***
5 جنوري، 2002
هيرآباد مان تقريبن روز اچڻ وڃڻ ٿيندو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ هيرآباد جي وچ ۾ هڪ وڏي هندن جي جاءِ ۾ قائم ڪيل ڪمپيوٽر ڪاليج مان سارنگ کي کڻڻ ويس، هن کي ڪجهه دير هئي ته مان ٻاهر گهٽيءَ ۾ بيهي رهيس. سياري جي لهندڙ سونهري سج جي ڪرڻن ۾ منهنجي سامهون هڪ ٻي وڏي شاهي پٿر جي حويلي هئي، جنهن جو پڻ سنهري رنگ، شام جي ڪرڻن ۾ جرڪي رهيو هو. وڏا وڏا محرابي دروازا، انهن مٿان پٿر تي ٿيل گلن ولين ۽ ٻوٽن ۾ هندو ديوتائن جون مورتيون، جانورن جا نقش. اعليٰ ترين آرٽ جو نمونو هئا، مٿي ماڙي جي ڪاٺ جي گئلري، رنگين شيشن واريون دريون ۽ ڪاٺ ۾ اُڪر جو سهڻو ڪم. سڄي ماڙي اڳيان محرابي ڪاٺ جي رنگين درين حويلي جي حُسن کي وڌايو هو. ٻاهران ائين ٿي نظر آيو ته مين گيٽ مان داخل ٿيندي وڏو کليل ٽائلس جو اڱڻ ۽ پوءِ وڏين ڪاٺين جي ڄارين وارن دروازن اندر وڏا شاهي ورانڊا جن ۾ قطار سان ڪيئي ڪمرا، وچ ۾ گول وڏو ڊرائينگ روم، وڏا وڏا شيشم جي ڪاٺ جا ٺهيل ڪٻٽ، روشن دان ۽ هوادان هوندا آهن، اڪثر گهرن ۾، پر آئون صرف ٻاهران ڏسي رهيو هئس ۽ ٻاهران مون ڏٺو پي ته ان حويلي جو برو حال هو، دروازا ميرا، ماڙي جي گئلري ۾ رليون ۽ ٻارن جا ڪپڙا پي سڪيا، حويلي ٻاهران هڪ ڍڳي ٻه گابا، ٻه ٽي ٻڪريون ٻڌل هيون، دروازي تي پال لٽڪيل هو ٻاهر رستي تي پيل صندل تي به اردو ڳالهائيندڙ غريب پوڙها ويٺا هئا، ٻه ٽي ڪڪڙ چڳي رهيا هئا. هڪ بدڪ جيڪا ڪِن جي ناليءَ مان گند کائي رهي هئي. اڌ اگهاڙا ٻار مٽيءَ ۾ راند رهي رهيا هئا. پڪ سان اها عظيم الشان حويلي ڪنهن ماڻهوءَ کي پنجاهه هزار کن جي ڪوڙهي ڪليم ۾ ملي هوندي. مون کي افسوس ٿيڻ لڳو، پريان نظر ڪيم ته ڊگهسري وڏي گهٽي ۾، اڪثر پراڻيون جايون ڊاهي نوان فليٽ سسٽم ۽ هيٺ دڪانن واريون عمارتون ٺهيل هيون، يقينن هي حويلي به ڪجهه وقت کانپوءِ گم ٿي ويندي ۽ ان جي جاءِ تي پلازا ٺهي ويندو.
ڪاش اسان جي هن عظيم شهر حيدرآباد جي حسين و پر فضا علائقي هيرآباد جي حُسن ۽ تاريخ کي بچائي سگهجي، هڪ صدي اڳ جي هن حسين محلن ۽ حويلين مان ڪجهه شاهڪارن کي بچاءَ رکي سگهجي، ڪاش هيرآباد جي حُسن ۽ صحت افز فضا کي بچائي سگهجي. ڪاش اسان پنهنجي تاريخ، تهذيب کي فنا ٿيڻ کان بچايون.
***