شاعري

شهيد اجمل ساوند جي نانءُ

ڪامران اختر صديقي

ماري مونکي جيئندين ڪيئن؟

سوچڻ مون لاءِ ڏکيو ناهي،

منهنجا پرين پيارا پنهنجا،

مونکي ياد ڪندا، ڏاڍو ياد ڪندا،

مونکي هڪڙي ”گوليءَ“ سان مارڻ دشمن،

ايڏو سولو ناهي

منهنجي ياد ۾ جيڪو ڏيئو ٻرندو،

تون جَلَندين،

منهنجي ياد ۾ جيڪو لفظ چوندو،

تون جَلَندين،

مون کي ماري هڪ ڀيرو تون،

پنهنجي جيون ۾ پَل پَل مَرَندين،

مان جگنو هُيس،

هن ديس جا دُشمن،

هاڻي اونداهيءَ ۾ تون مرندين

***

نظم

استاد راھي

مسئلن جو سُٽُ ڇڏائجي ئي ڪونه ٿو

ماڻھو

رپئي جي ملھ جيان

روز ھيٺ ڪِري رھيو آھي

غربت جي ڏانئڻ،

عصمت جا انگ چٻاڙي رھي آھي

آس جي وارن ۾

نراس جو چيڙھ پئجي چڪو آھي

بيوسي ۽ بي حِسي

بکايل زخمي ڪتيءَ وانگي

اڱڻ تي ڪوڪي رھي آھي

مسئلن جو سٽ ڇڏائجي ئي ڪو نه ٿو

دھمان

خاموشيءَ تي ٺٺولي رھيو آھي

۽ ظلم

عاجزيءَ جي لڄ لٽي رھيو آھي

ڌرتيءَ جا راڄ ڌڻي

ووٽن جي خيرات ڏاڍ سان وٺي

ٿڌن ايوانن جي ھنج ۾ سمھي رھيا آھن

رنگبرنگي پيجارا

اسان جي ساڻَن

خوابن جي جسمن کي چيڀاٽي رھيا آھن

دودي جي ڌرتيءَ جي دل مان

خلجيءَ جي خباثت جو خنجر

اڃان نه نڪتو آھي

***

غزل

ممتاز علي ٿرواسي

تنهنجون منهنجون منوا مِٺيون ماٺيون ڪهاڻيون

اندر ۾ اڄ سي آيون تري راتيون ڪهاڻيون

ٽٽل خواب کڻي هاڻ هيڪل ٿي هلان ٿو

واٽن ساري سيني ۾ سڀ سانڍيون ڪهاڻيون

ماضي آ انڊلٺ جيئن منهنجو موهيو من

روح ۾ آهن بچپن مٽِي گاڏيون ڪهاڻيون

بهارن کان بهتر ٽهڪ ٽيڙي جنهن ڏنان ٿي

هن جا وار ڊگها ۽ چڳون گهاٽيون ڪهاڻيون

پره ڦٽي جون سج پنکڙيون ساڙي متان سڀ

اُجرا صبح اداسي اکيون آتيون ڪهاڻيون

جوڀن جو کينچيل کوھ تي کينڪاري وڏو وڻ

جهرمر جهرمر جون ٿو جهٽي جهاتيون ڪهاڻيون 

***

غزل

ڊاڪٽر جمشيد حسرت رند

اکين جا اشارا نه ٿي سمجهي ھوءَ چري ڇوڪري.

محبت جا نظارا نه ٿي سمجهي ھوءَ چري ڇوڪري.

اکين جي ڳالھ مشڪل ٿي لڳي ھن کي سمجهڻ 

لفظ منھنجا پيارا نه ٿي سمجهي ھوءَ چري ڇوڪري.

خيال رولاڪ منھنجا ٿا ھر روز رُلن ھن جي گھٽي ۾

خيال منھنجا آوارا نه ٿي سمجهي ھوءَ چري ڇوڪري.

ھر ھر ڏسي مونکي ڪنھن سھاري وانگر مگر ھوءَ

ٻانھن جا سھارا نه ٿي سمجهي ھوءَ چري ڇوڪري

ھوءَ خوفزده آ زماني کان ايترو، لڳي ٿو ھوءَ لفظ

محبت جا سگھارا نه ٿي سمجهي ھوءَ چري ڇوڪري.

منھنجي خيال سان ھوندو آ رڳو بحث ھن جو حسٓرت

خيال منھنجا پيار وارا نه ٿي سمجهي ھوءَ چري ڇوڪري

***

نظم

مسافر هاليپوٽو

نريڙي خوف ۾ آھي

صفا ڄڻ سوڳ ۾ آھي

زمينون لاڙ پنهنجي جون

وڃي ٿو سمنڊ کائيندو!

اُتي جي يار نظمن ۾

نچايان نينگريون ويهي

ته آڙيون ڏات منهنجيءَ کي

گروڙي منهن تي رکنديون

ته توکي ديس پنهنجي جي

ذرو پرواهه ناهي ڪا

وسيلن تي لڳن ڌاڙا

ٻُڌون چوڏس رڳو راڙا

کڄن ٿا ٻار گھٽين مان

ملن ٿا لاش رستن تان

ڀلا ڇو درسگاهن جي

پکن ۾ لاش لٽڪن ٿا

ڪُنواريون حسرتون ڪيئي

ڏٺيون تو ڪو نه مرندي هن

بکن جي باھ ۾ ٻرندي

ڏسين ٿو ڪو نه ماروئڙا

ڏسي هي حال ڌرتيءَ جا

رُنو خود آسمان آھي

مگر تون يار پوءِ ڀي

لکين ٿو ڳالھ چپڙن جي

لکين ٿو اُرھَ اوڀارا

چمين ٿو خيال ۾ ھر هر

بدن تون اپسرائن جا

ڪرين ٿو روز لفظن سان

عياشي ذھن جي پوري

غلاظت سان ته ڀريل هي

نظم جي روز ٺاهين ٿو

ڀلا گھر ۾ ويهي پنهنجي

نياڻين کي ٻڌائين ٿو؟

جڏهن هن ڳالھ منهنجيءَ تي

تپي جو باھ ٿيو آھين

تڏهن ئي ٿو چوان توکي

لکڻ جي يار چاهين ٿو

ته لک هن سنڌ جون دانهون

صفا ڄڻ سوڳ ۾ آھي

نريڙي خوف ۾ آھي

نريڙي خوف ۾ آھي!!

***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments