ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي
سنڌ جو ناميارو محقق ۽ نقاد

ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي ادبي خدمتن ۾ هڪ ڪتاب “سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جون علمي ادبي خدمتون” جائزي هيٺ رهيو آهي، جنهن ۾ محقق سنڌ جي مختلف تاريخ ساز شخصيتن جي علمي ۽ ادبي ڪارنامن کان اسان کي واقف ڪرايو آهي انهن ۾ سنڌي ادب جي هڪ معروف ۽ مشهور شخصيت مولانا عبدالواحد سنڌي بابت به ڄاڻ ڏني آهي ان بابت لکي ٿو ته: “سنڌ جي سر زمين هر دور ۽ هر زماني ۾ اهڙا بلند پايي جا عالم، اديب ۽ شاعر پيدا ڪيا آهن، جن جي علمي ۽ ادبي ڪارنامن سان سنڌ جي تاريخ جا باب ڀريا پيا آهن. اتر سنڌ جو حصو پڻ سنڌ جي ٻين حصن وانگر هميشه کان مردم خيز خطو رهيو آهي. اتر سنڌ جي “انڍڙ” خاندان سنڌ جي علمي ادبي، مذهبي ۽ سياسي ڪارنامن جا اڻ مٽ نشان ڇڏيا آهن. مولانا عبدالواحد سنڌي به انهيءَ خاندان جو چشم چراغ هو.” (خانائي: 2016ع، ص، 290)

ڊاڪٽر حامد علي خانائي وڌيڪ لکي ٿو ته: ”مولانا عبدالواحد سنڌي سن 1912ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ”ڀليڏني تعلقي پني عاقل ضلعي سکر ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو عبدالوارث عرف وارث ڏنو انڍڙ هو… 15 نومبر 1948ع تي پاڪستان جي آبادڪاريءَ واري وزارت طرفان ”نئين زندگي“ نالي پندرهن روز بُليٽن جاري ٿي. فضل الحق قريشي ان جو ايڊيٽر ۽ مولانا عبدالواحد سنڌي اسسٽنٽ ايڊيٽر مقرر ٿيا. جنوري 1950ع ۾ انهيءَ ساڳئي بُليٽن کي ماهوار ادبي رسالو بڻايو ويو ۽ ان کي وزارت اطلاعات ۽ نشريات جي سپرد ڪيو ويو. مولانا عبدالواحد سنڌي ان جو باقاعدي ايڊيٽر مقرر ٿيو… مولانا 3 جنوري 1988ع ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.“ (خانائي: 2016ع، ص، ص، 290، 291)

اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر حامد علي، مولانا عبدالواحد سنڌيءَ جي ادبي خدمتن جو تعارف پيش ڪيو آهي ۽ پير حسام الدين راشدي، غلام محمد شاهواڻي، غلام نبي ميمڻ، مُنشي عبدالشڪور، رحيم بخش ميمڻ، مسز عبدالرزاق مغل جي مختصر سوانح ۽ علمي ادبي ڪارگذارين کي متعارف ڪرايو آهي ۽ انهن عظيم شخصيتن جي ادبي ڪمن جو اڀياس ڪندي تن کان متاثر به ٿيو آهي. انهن جي ڇڏيل ڪم کي اڳتي وڌيڪ تحقيق ڪري پيش به ڪيو آهي. مثال طور: سندس هڪ مقالو ”سنڌ جو شاهنامو“ بابت ملي ٿو، اِن کان اڳ ۾ جنهن عالم جو ان بابت ڪم ٿيل هو، سو هو غلام نبي ميمڻ ان بابت ڊاڪٽر حامد علي خانائي لکي ٿو ته: ”پاڻ پنهنجي ڪلام ۾ ”پياسي“ تخلص استعمال ڪندو هو. هُن 1938ع ۾ هزهائينس مير حسن علي خان جي مشهور تصنيف ”سنڌ جي شاهنامي” کي مرتب (ايڊٽ) ڪيو ۽ ان تي عالماڻي انداز ۾ مقدمو ۽ ان سان گڏ شرح پڻ تيار ڪئي، جنهن کي ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي“ طرفان ڇپايو ويو.“ (خانائي: 2016ع، ص، 295)

ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي تحقيق جو سلسلو هڪ معياري شڪل جو ڏيک ڏئي ٿو. ڇاڪاڻ جو انهن عظيم شخصيتن جي علمي، ادبي، سياسي ثقافتي خدمتن سان گڏ سندن تصويرون پيش ڪيون آهن. جيئن مٿي غلام نبي ميمڻ جو ذڪر ڪيو اٿم. ڊاڪٽر حامد علي خانائي ان جي تصوير سان گڏ تعارف پيش ڪيو آهي. وڌيڪ ڪتاب جي صفحي نمبر 296 جي فوٽ نوٽ ۾ لکي ٿو ته: ”هزهائينس مير حسن علي ٽالپر سنڌ جي آخري تاجدار مير نصير خان ٽالپر جو فرزند هو. 1843ع ۾ مياڻيءَ جي جنگ ۾ سنڌ جي ٽالپر گهراڻي جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ انگريزن سنڌ جي ٽالپرن کي پُوني ۽ ڪلڪتي ۾ قيد رکيو. مير حسن علي خان پڻ پنهنجي گهراڻن جي اميرن سان گڏ ڪلڪتي ۾ بند رهيو. سن 1863ع ڌاري اُتان آزاد ٿي، پنهنجي وطن سنڌ موٽي آيو ۽ پنهنجي اباڻي شهر حيدرآباد ۾ اچي رهيو. سنڌي شاعريءَ ۾ سندس استاد آخوند محمد قاسم هالائي، سيد غلام محمد شاھ ”گدا“ هئا. مير صاحب سنڌي زبان ۾ غزل، سلام ۽ قصيدا چيا آهن، پر سندس علمي شاهڪار ”شاهنامه سنڌ“ آهي. مير صاحب پنهنجي هن ڪتاب ۾ فردوسي واري ”شاهنامه“ جو اهو ساڳيو انداز قائم رکيو آهي. هُن انهيءَ شاهنامي ۾ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي جنگ نامي جو ذڪر ڪيو آهي.“ (خانائي: 2016ع، ص، 95)

ڊاڪٽر حامد علي خانائي جون جيڪي ادبي شاهڪار تصنيفون ملن ٿيون تن ۾ سندس تحقيق جو انداز ۽ جذبو ٻئي نظر اچن ٿا اهڙو جذبو ۽ تحقيق جو طريقيڪار سندس هڪ تصنيف ”تاريخ نصرپور“ مان ملي ٿو انهيءَ مان ڪي مثال پيش ڪريون ٿا. مذڪوره ڪتاب جي ڏهن ئي بابن ۾ نصرپور جي تاريخ، جاگرافي، علمي، ادبي، سماجي، ثقافتي، معاشي ۽ معاشرتي تاريخ کي موتين جي لڙهي ۾ پوئي خوبصورت بڻائي پيش ڪيو آهي، جنهن کي پڙهڻ سان پڙهندڙن ۾ دلچسپي پيدا ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ جو سندس تحقيق ۽ تنقيد جي هڪ منفرد انداز سان ڪتاب کي مڪمل ڪيو آهي. ڊاڪٽر حامد علي هڪ عنوان ”نصرپور شهر جي آباد ٿيڻ جي باري ۾ لکي ٿو ته: ”اڪثر مورخ ۽ تاريخدان غلط فهمي جو شڪار ٿي هن شهر جي آباد ٿيڻ جي ڏس ۾ الڳ الڳ نظريا ۽ رايا بيان ڪيا آهن، جنهنڪري هن شهر جي وجود ۾ اچڻ لاءِ منجهائيندڙ ڳالهيون بيان ڪيون ويون آهن.“ (خانائي: 2014ع، ص، 55)

جائزو:

ڊاڪٽر حامد علي خانائي هڪ محقق ۽ نقاد جي حيثيت سان پنهنجي موضوعن ۾ اڳ ۾ پيش ڪيل تحقيق جو جائزو وٺي، ان کانپوءِ جيڪا تحقيق پيش ڪئي ۽ جن ڳالهين جو خال محسوس ڪيائين تن منجهائيندڙ ڳالهين کي حوالن ۽ مثالن جي روشنيءَ ۾ پرکي ڇنڊي ڇاڻي ان جي ازالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته جيئن ايندڙ نسل انهن غلطين کي ٻيهر نه ورجائي، ڊاڪٽر حامد علي خانائي ”تاريخ نصرپور“ جي حاشيي ۾ اڳ ۾ لکيل ڪتابن ۽ مورخن ايلئيٽ ”آئين اڪبري“ جي مصنف علامه ابوالفضل جي ڪم کي سامهون رکي درستگيون ڪري ٿو ۽ مذڪوره ڪتاب جي صفحي 56 ۽ 57 جي تعليقات ۾ ڪيترن ئي حوالن جي روشني ۾ اڳ ۾ پيش ڪيل ڳالهين کي مختلف ڪتابن ۽ رسالن مان انهن کي بحث هيٺ آڻي ڪتاب کي دلچسپ بڻايو ويو آهي. ڪتاب نصرپور جي تاريخ ۽ ادب بابت هڪ وڏو ذخيرو آهي، جيڪو ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي بدولت ظاهر ٿيو آهي. اهڙو تاريخي ڪم اڄ تائين ڪنهن به محقق ۽ مورخ کان نه ٿي سگهيو آهي. سمورو ڪتاب علمي، ادبي ۽ سماجي لڳ لاڳاپن کي ظاهر ڪرڻ جو هڪ مجموعو آهي. قديم دور جي تهذيبي ۽ تمدني حالتن کان ويندي موجوده دور جي ادب ۽ ثقافت جي تاريخ کي اجاگر ڪرڻ تي محقق کيرون لهڻي. ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي تحقيق ۽ ترتيب ۾ مقدما وڏي اهميت رکندڙ آهن. مثال طور: هڪ ڪتاب آهي ”فُتوحات فيروز شاهي“ جنهن جو سنڌيڪار آهي، ڊاڪٽر عبدالرسول قادري ۽ هن ڪتاب جو تاليف ڪندڙ آهي، سلطان فيروز شاھ تُغلق (1309ع-1388ع). هن ڪتاب جو مقدمو ڊاڪٽر حامد علي خانائي لکيو آهي، هن مقدمي ۾ حاشيا ۽ تعليقات ڏنل آهن، جنهن جي جائزي وٺڻ دوران اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته ڊاڪٽر حامد علي خانائي هڪ قابل مقدما نگار هو ۽ هُو پوري طرح هن فن کان واقف هو، تنهنڪري پنهنجي وسيع مطالعي سان يارنهن صفحن جو مقدمو سندس مطالعي جي گواهي پيش ڪري ٿو.

تاريخ نويس:

قريشي حامد علي خانائي چوي ٿو ته: ”دراصل سنڌي ادبي بورڊ پاران جڏهن ٽماهي رسالو ”مهراڻ“ نڪرڻ شروع ٿيو ته ان ۾ پير حسام الدين راشدي ۽ ٻين برک مورخن جي ڇپيل مقالن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. ان کان اڳ ۾ مون کي رحيمداد خان مولائي شيدائيءَ جي تواريخ ۽ تحقيقي لکڻين متاثر ڪيو. اهڙيءَ طرح مون ۾ لکڻ جو شوق پيدا ٿيو.“ (هيسباڻي: 2011ع، ص، 18)

قريشي حامد علي خانائي چوي ٿو ته: ”تواريخ جنهن دور سان واسطو رکندي آهي، اها اُن دور جو آئينو هوندي آهي. جهڙي طرح آئيني ۾ شڪل شباهت ڏسي نقص دُور ڪبا آهن تيئن تواريخ جي آئيني ۾ جهاتي پائي لاڳاپيل دور جون ڪوتاهيون ڏسبيون آهن ۽ انهن جو علاج سوچبو آهي. سياسي، تهذيبي، تمدني ۽ معاشرتي لحاظ کان ڪنهن دور ۾ ڇا وهيو واپريو، ان ڄاڻ کي تاريخ چئبو آهي.“ (هيسباڻي: 2011ع، ص، 20)

جيئن ته قريشي حامد علي خانائي تاريخ رقم ڪرڻ ۽ ان جي لوازمات کان پوري طرح واقفيت رکندڙ عالم هو. ان تي ادراڪ حاصل رهيس ان تاريخي تبحر ڪري تاريخ ۾ مواد ۽ عنوان جي چونڊ ۽ سندس تحقيقي مقالن مان جيڪو نتيجو حاصل ڪيائين تن کي سنڌ جي اڪثر تاريخ نويسن ڏاڍو ساراهيو آهي. ڇاڪاڻ جو هو هرهڪ پهلو چٽو ڪري پيش ڪندو رهيو آهي. راقم الحروف جڏهن سندس تاريخ تي لکيل مقالن جو اڀياس ڪيو ته ان ۾ هُو هرهڪ مقالي جي لکڻ وقت ڪيترائي ماخذ استعمال ڪري، اُنهن جي روشني ۾ جامع نموني معلومات ڏيئي مختلف رخن کان اهم ڄاڻ کي پيش ڪري ٿو.

ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي، ڊاڪٽر عمر دائود پوٽي جي چوڻ تي سن 1961ع کان تاريخ جي طرف ڌيان ڏنو ۽ اهو سلسلو سن 2010ع تائين تاريخ سان گڏ تنقيد، علم ادب ۽ عام معلومات تي سترهن ڪتاب ڪيترائي مقالا ۽ مضمون لکيا. انهيءَ تاريخي ڪم جي ابتدا روزاني ”عبرت“ اخبار کان ٿي. ان وقت اخبار جو ايڊيٽر شيخ علي محمد هو جنهن جي نظر هيٺ مضمون ڇپيو. تنهن کانپوءِ پير صاحب سان هن جي ويجهڙائي ٿي ۽ ٻي طرف تحقيق جي جائزي ۾ معلومات ملي ٿي ته قريشي حامد علي جي چاچي قاضي غلام نبي قريشي ۽ سندس والد ميان محمد يعقوب ”صابر“ قريشي جا مولانا غلام محمد گرامي مرحوم سان سٺا لاڳاپا هئا، ان ڪري مولانا گرامي، قريشي حامد علي کي ٽماهي رسالي ”مهراڻ“ لاءِ ادبي، تنقيدي ۽ تاريخي مضمون موڪلڻ لاءِ آماده ڪيو. اُن کانپوءِ قريشي حامد علي جي رسالي ”مهراڻ“ نمبر 1 ۾ پهريون مقالو ”ڪوٽڙي ڪبير“ جي عنوان سان شايع ٿيو. انهيءَ کانپوءِ وقت بوقت ٽماهي رسالي ”مهراڻ“ ۾ باقاعدي مقالي لکڻ جو سلسلو شروع ٿيو. اسان جي تحقيق مطابق سن 2000ع تائين ڪل ستيتاليھ مقالا شايع ٿيا.

ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي لکيل تاريخ جا موضوع، سورما ڪي بادشاھ يا امير ڪونه آهن علم وارا، عقل وارا، حڪيم ۽ طبيب، مفڪر، مذهبي عالم، استاد ۽ سنڌ جا اهي ماڳ مڪان جتي علم ۽ شعور جا چرچا ۽ ڳالهيون هيون، انهن کي ئي پنهنجي ذهن جي خوراڪ سمجهي ان طرف ڌيان ڌريو. ڇاڪاڻ جو قريشي حامد علي خانائي تي پروفيسر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سيد حسام الدين شاھ راشدي، مولانا غلام محمد گرامي، رحيمداد خان مولائي شيدائي ۽ پروفيسر عبدالله خان مگسي جو تمام گهرو اثر هو ۽ ٻئي طرف دنيا جي مڃيل وڏن مورخن جي تصنيفات جي گهري مطالعي ڪري فڪري سوچ پيدا ٿي، جنهن ڪري سندس تاريخ جي موضوعن ۾ تاريخ جي خدمتن ۾ تاريخ جي رخ مقرر ڪرڻ ۾ ڀڙ نظر اچي ٿو. سندس موضوعن جي چونڊ جي جائزي مان سند ۽ صداقت جا اصول نظر اچن ٿا ته وري ٻئي طرف سنڌ جي تاريخ جي پسمنظر ۽ ماحول جي صحيح معلومات ڏيڻ جي هر ڪوشش ڪئي آهي ۽ واقعن جي مطابقت سمجهڻ لاءِ ڪن واقعن کي نمايان ڪري زياده کان زياده مثالن، دليلن ۽ احوالن کان مدد حاصل ڪري فائدو حاصل ڪيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ سندس جفاڪشي ڏٺي وئي آهي. تاريخي مواد ۽ ماخذن تائين پهچ حاصل ڪري، ان مواد ۾ مڪتوبن، سَندُن ۽ ٻين ذريعن کي آڏو آڻي پراڻي وقت جي ڪاغذن جي جاچ پڙتال ڪري نتيجن حاصل ڪرڻ لاءِ محتاط انداز ۾ پراڻي دور جي علمي خاندان جا سوانح شُجرا ۽ انهن جي علمي ۽ ادبي ڪم جو احاطو ڪري نتيجا حاصل ڪيا آهن.

دنيا ۾ جيڪي به ترقي يافته، مهذب ۽ تمدن ڀريون ٻوليون آهن، تن سڀني جي علم ۽ ادب جي ابتدا اڪثر ڪري نظم کان ئي ٿي آهي ۽ نثر پوءِ وجود ۾ آيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي علم ادب ۾ تنظيم جو ذخيرو قديم زماني کان وٺي ڪافي ملي ٿو، ليڪن نظم جي ڀيٽ ۾ نثر جي متعلق ڪو به صحيح ۽ مستند احوال اڃان تائين ملي نه سگهيو آهي. انسان پنهنجي زندگيءَ جي روزمره جي وهنوار ۾ گفتگو نثر ۾ ئي ڪري ٿو، ان ڪري اهو لازمي آهي ته قديم دور ۾ سنڌ ملڪ جو عوام نثر ۾ ئي پنهنجي زندگيءَ جي هر وهنوار کي نبيريندو رهيو هوندو، پر وقت جي انقلابن ۽ ڦيرين گهيرين جي ڪري ان جي صحيح ۽ پوري صورت دستياب نه ٿي سگهي آهي. سنڌ جي قديم دور جو تاريخي احوال گهڻي ڀاڱي زباني روايتن ۽ ڏند ڪٿائن جي صورت ۾ ملي ٿو ۽ ڪوبه پورو تصديق وارو احوال ملي نه سگهيو آهي. تاريخ جي ورقن کي اٿلائڻ سان اها خبر چڱيءَ طرح سان پوي ٿي ته سنڌ ۾ چار هزار ورهيه اڳ ۾ جيڪا ٻولي ۽ رسم الخط رائج هئا، ان جو نمونو موئن جي دڙي مان هٿ آيل ڪتبن ۽ مهرن جي لکت مان معلوم ٿئي ٿو، پر هن وقت تائين انهيءَ پراڻي تحريڪ کي ڪوبه عالم صحيح ۽ درست نموني ۾ پڙهي ۽ حل ڪري، ڪابه مستند راءِ قائم ڪري نه سگهيو آهي.

سنڌي زبان، سنڌ ملڪ جي قديم زبان آهي ۽ ان ۾ ضرور شعر شاعريءَ سان گڏوگڏ نثر به وجود ۾ آيو هوندو. عربن جي حملي ڪرڻ کان اڳ ۾ هن ملڪ ۾ هندو برهمڻ حڪومت قائم هئي ۽ عربن جي حملي وقت سنڌ ۾ سنڌي ٻولي رواج ۾ هئي. سنسڪرت سندن مذهبي ۽ مقدس زبان هئي، جيڪا سنڌ اندر رائج هئي. لکڻ پڙهڻ به انهيءَ ٻوليءَ ۾ ٿيندو هو. علمي ۽ ادبي لحاظ کان ان قديم هندو دور جو ادب ڀڄنن، ڏند ڪٿائن ۽ ناٽڪن جي صورت ۾ ملي ٿو، جو نثر ۽ نظم جي شڪل ۾ هو. ان مان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ان هندو دور ۾ به نثر هو ۽ جيڪا سنڌي ٻولي ان وقت ۾ رائج هئي، اها موجوده سنڌيءَ جهڙي هئي، ليڪن ان جي صحيح صورت ۽ ساخت جي ڪابه پروڙ پئجي ڪانه سگهي آهي. چچنامه ۾ ڪي اهڙا لفظ ۽ جملا ملن ٿا، جيڪي هن وقت جي مروج سنڌي زبان ۾ به آهن ليڪن وقت گذرندي اڄ اسان کي ان اوائلي دور جو ڪوبه علمي ۽ ادبي ذخيرو هٿ لڳي نه سگهيو آهي.

ٽين ۽ چوٿين صدي هجريءَ ۾ جيڪي عرب ۽ عالم سياح سنڌ ۾ آيا، تن جي احوالن ۽ تذڪرن مان اهو پوريءَ طرح سان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي زبان، سنڌ ملڪ جي قومي ۽ ملڪي زبان هئي. بزرگ بن شهريار ”ڪتاب الهند“ ۾ هن طرح سان لکي ٿو ته: ”الور جي هڪ هندو راجا منصوره جي مسلمان حاڪم عبدالله بن عمر هباري ڏي لکي موڪليو ته قرآن پاڪ ۽ مذهب اسلام جي عقيدن ۽ تعليم تي سنڌي زبان ۾ ڪتاب لکرائي ڏانهنس موڪلي. عبدالله هڪ عراقي نسل جي سنڌي عالم کان ڪلام پاڪ ترجمو ۽ اسلامي عقيدن ۽ تعليم تي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرائي موڪليا. پهريون ڪتاب سنڌي نثر ۾ ۽ پويون نظم ۾ هو. ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته چوٿين صدي هجريءَ دوران سنڌ ۾ سنڌي نثر به نظم سان گڏ موجود هو ۽ اهو ڪنهن نه ڪنهن نموني ۾ لکيو به ويندو هو، پر ان مان اها خبر پئجي نٿي سگهي ته انهيءَ آڳاٽي نثر جي صورت ڪهڙي هئي.

حوالا:

(1) قريشي خانائي حامد علي ڊاڪٽر ساهتي پرڳڻي جو وهائُو سوانح حيات علمي ۽ ادبي خدمتون مرتب: هيسباڻي بشير احمد (ڇاپو پهريون)، 2011ع، مطبوعه ساهتي ادبي اڪيڊمي نوابشاھ سنڌ. (2) ايضاً. (3) قريشي حامد علي خانائي ڊاڪٽر مقالات خانائي (جلد پهريون) مرتب: بشير احمد هيسباڻي (ڇاپو پهريون) 2006ع مطبوعه: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو. (4) ايضاً. (5) ايضاً. (6) ايضاً. (7) ايضاً. (8) قريشي حامد علي خانائي ڊاڪٽر سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جون علمي ادبي خدمتون تحقيق ۽ ترتيب: بشير احمد هيسباڻي (ڇاپو پهريون) 2016ع مطبوعه ڊاڪٽر اين. اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ، ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتو حڪومت سنڌ پاڪستان. (9) ايضاً. (10) ايضاً. (11) ايضاً. (12) ايضاً. (13) قريشي حامد علي خانائي ڊاڪٽر تاريخ نصرپور سهيڙيندڙ ۽ سنواريندڙ: بشير احمد هيسباڻي (ڇاپو پهريون) 2014ع مطبوعه: ڊاڪٽر اين. اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج، ريسرچ ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتو حڪومت سنڌ.

قريشي حامدعلي خانائي ڊاڪٽر سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جون علمي ادبي خدمتون تحقيق ۽ ترتيب: بشير احمد هيسباڻي (ڇاپو پهريون) 2016ع مطبوعه ڊاڪٽر اين. اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتو حڪومت سنڌ پاڪستان. (15) ايضاً.

…(پورو ٿيو)…

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments