خيرپورناٿن شاهه جي ٻوڏ ڪھاڻي
شاندار ماضي جي تاريخي حيثيت رکندڙ قديم آثارن جو خطو خيرپورناٿن شاهه جيڪو مسلسل ٻوڏن جي تباھي کي منھن ڏيڻ باوجود اڄ به پنھنجي اوج ۽ موج ۾ برقرار آھي، ٻوڏون جن کي قدرتي آفتون چوڻ بجائي اقتداري ڌر جي ڪوتاھي ڪري ڪوٺڻ ئي تاريخ سان انصاف ھوندو، ماضي جي ان تباھ ڪن تاريخ کي جانچي ڏسڻ لاءِ ٻوڏن جي جھان ۾ جھاتي پائڻ سان خبر پوي ٿي ته ھي خطو سالن جي وٿي سان بار بار ٻڏندو رھيو آھيو، تاريخدانن سميت ھن شھر جا قديمي ماڻھو جن جي پيشانين ۾ پيل گھنج به تاريخ جي ترورن سان مشابهت رکن ٿا، سي جھور ڪراڙا اڄ به ٻڌائن ٿا ته ھي شھر خيرپور ناٿن شاهه جيڪو پاڪستان ٺھڻ کان اڳ يعني 1942 ۾ به ٻڏو ھو ۽ وڏي تباھي کي منھن ڏنائين، جنھن کي اڄ به ڪاري ٻوڏ سان سڃاتو وڃي ٿو، ان وقت يعني اڄ کان 80 سال اڳ اھا ٻوڏ اڄ به ڪيترن ئي ماڻھن جي چھرن تي نمايان آھي، اھو ائين ته اھا ٻوڏ پاڻ سان گڏ ھڪ ٻئي وبا کڻي آئي ھئي، جنھن کي ماتا جي بيماري چيو وڃي ٿو جيڪا اڳ به ھئي پر ان ٻوڏ جو پاڻي لھڻ بعد وڏي تعداد ۾ ان بيماري لکين ماڻھن کي پنھنجي گرفت ۾ آڻي، انھن جي چھرن تي ان وقت جو نشان نصب ڪري ڇڏيو، تنھن کانپوءِ 1952 ۾ به ھي تعلقو ٻوڏ سبب متاثر ٿيو، جنھن ۾ فصل تباهه ٿي ويا. چوپايو مال ۽ جھنگلي جيوت، جانور به گھڻي تعداد ۾ مري ويا، ڍنڍون ڍورا پاڻيءَ سان ڀرجي ويا. جنھن ۾ لکين رپين جي ماليت رکندڙ مڇي جا فارم به تباھ ٿي ويا، اھا سٽ ھن تعلقي جي ماڻھن مس برداشت ڪئي هئي ته 1976 يعني 14 سالن کانپوءِ وري ھن تعلقي جي اڌ آبادي پاڻي جي لپيٽ ۾ آئي ۽ ٻوڏ جي پاڻي ڪيترائي ڳوٺ، آس پاس جا علائقا ڊاھي چٽ ڪري ڇڏيا، ان سال معيشت کي اھڙو ڪاپاري ڌڪ لڳو جو مالي مايوسي ۽ منجھاري ماڻھن جون مرڪون کسي ورتيون، فصل تباھ ٿيڻ ڪري تعلقي جي ٻھراڙين واري رونق تحس نحس ٿي وئي، ان سور جا سڏڪا ۽ ڳوڙھا سڪا ئي نه ھئا ته 1995 ۾ وري وڏي پيماني تي برساتون پوڻ سبب پاڻي گڏ ٿي ٻوڏ جي شڪل ۾ ھن تعلقي جي گھڻي آبادي کي برباد ڪري ڇڏيو، جنھن ۾ تعلقي جا ڪيترائي قديمي ڳوٺ واھڻ وستيون پاڻي ھيٺ اچي ويون، چون ٿا ته ٻه سال اھو پاڻي جو ڪجھ علائقن مان نڪري نه سگھيو ھو، تعلقي خيرپورناٿن شاهه جي ٻھراڙين کي ساڳئي سونھن بحال ڪرڻ ۾ 12 سال لڳڻ بعد 2007 ۾ وري پاڻي ھن شھر لاءِ خطري جو پيغام کڻي آيو ۽ شھرين جا ساھ مٺ ۾ ٿي ويا پر اھا ھن خطي جي خوشبختي چئجي جو اھو پاڻي سنڌ مٿان 82 سال حڪومت ڪندڙ ڪلھوڙن جي تخط گاھ کي ٻوڙي شھر جي چند ڪلوميٽرن واري مفاصلي تي يونين ڪاؤنسل گؤزو جي سپرئي بند سان ٺھڪي بيٺو ۽ ايم اين وي ڊرين وسيلي منڇر سان وڃي مليو، ان سال جاني مالي نقصانن جي فھرست ۾ گھڻي تعداد ۾ چوپايو مال مئو ھو ۽ مال مرڻ سبب ڏک ۽ رنج وارين حالتن ۾ ڀاڳين وٽ صرف بيوسي ۽ ڳوڙھا ئي ھئا، شھرين اھو ڇرڪ وساريو ئي نه ھيو ته 3 سالن کان پوءِ يعني 2010 جي مھا ٻوڏ ھن قديمي شھر کي مڪمل طور تي ٻوڙي تباھ ڪري ڇڏيو ۽ لکين ماڻھو متاثر ٿيا، سٽي جا 56 ماڻھون اجل جو شڪار ٿي ويا، سورن جي ستايل ھن ننڌڻڪي تعلقي خيرپورناٿن شاهه جو عوام در بدري جا ڌڪا کائي ٻيھر اچي پنھنجا اجھا آباد ڪيا ته انھن جا ٿڪ ئي نه لٿا، نه جائين جي تعميرات جا قرض لٿا مٿان 12 سالن کان پوءِ ھن سال 2022 ۾ وري ٽيون ڀيرو برساتي ٻوڏ ھن ست لک آبادي واري تعلقي کي پاڻي جي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو ۽ برساتن جا ٻڏل لکين گھر پاڻي جي ھڪ ريلي ۾ ڊھي پٽ ٿي ويا، جولائي آگسٽ جي ٻن مھينن کان وسندڙ برساتن سموري ملڪ کي متاثر ڪيو ۽ سنڌ صوبي جي ڪيترن ئي علائقن کي ان برساتي پاڻي گڏ ٿي ٻوڏ جي صورت ۾ ٻوڙي ناس ڪري ڇڏيو ڪيترائي شھر ٻڏا انھن ۾ زير فھرست ھي شھر خيرپورناٿن شاهه جيڪو مسلسل ميڊيا جي گردشن ۾ ڏک ۽ افسوس وارين خبرن سان ڇايل رھيو، پاڻي کي شھر ۾ داخل ٿيندي 25 ڏينھن اڃا مس ٿيا ھئا ته بيمارين ۽ بکن ۾ 35 ماڻھون زندگي جي جنگ ھارائي ويا، ڪيترائي معصوم ٻارڙا جيڪي سپرئي بند تي علاج نه ٿيڻ سبب مختلف بيمارين ۾ مري ويا، جن کي اباڻا قبرستان به نصيب نه ٿيا، ان وقت انسان دوست ماڻھن جي دل رت جا ڳوڙھا پئي رني ۽ اندر مان ھڪ نوجوانن جي جٿي جو اجتمائي آواز آيو ته ھن شھر کي مصيبتن جو ميوزيم ڪري دنيا اڳيان پيش ڪجي، جنھن لاءِ شھر جا اھي باصلاحيت نوجوان روڊن تي نٽھڻ آس ۾ نظر آيا، ان کان علاوه سرڪاري انگن اکرن موجب ضلعي ڄامشوري ۽ ڪوٽڙي ۾ رڳو 10 لک ماڻھو ٻوڏ متاثر اچي رھيا جن ۾ وڌيڪ انگ ڪي اين شاهه جي ماڻھن جو ھو، اھا ڪيڏي نه ڏک ۽ افسوس جي ڳالھ آھي، جنھن اسان جو جيءُ جھوري وڌو آھي ته ھي اسان جا واڳ ڌڻي حڪمران جن ڪڏھن به ڪي اين شاهه جي سورن تي ٻڙڪ ٻاھر نه ڪڍي آھي، نه ئي اچي ڪنھن ڪاموري پڇا ڪئي ته ڪير مئو، ڪير بچو، مطلب ايترن اھنجن باوجود ڪٿي ڪو به شھرين جي درد جو درمان نه بڻيو، پر ان کان وڌيڪ تڪليف ان ڳالھ جي آھي ته اسان جي شھر خيرپورناٿن شاهه جو عوام وري به چپن تي خاموشي جا تالا ھڻي، چند مفادن خاطر ان صاحبي اقتدارن جي بارگاھ ۾ ادب منجھان ھٿ ٻڌي بيٺل نظر اچي ٿو، آخر ڇو، ھي عوام اھڙي منجھ ۽ مايوسي جو شڪار ٿي ويو آھي؟ جو ايترا عذاب سور سھڻ بعد به چپ آھي، ان تڪليف، سور ۽ پيڙاءَ کي صرف شاعرن ۽ عاشقن جي امام لطيف سائين جي ھنن لفظن ۾ بيان ڪري سگھجي ٿو ته:
مارُنِ مُنجهَّہ مُياسِ، ناتَ ماڙِيُنِ مارِيَسِ ڪينَ ڪِي
جنھن ۾ لطيف سرڪار مارئي جي زباني اھو بيان ڪري ٿو ته اي عمر تنھنجا ڪمرا قيد ڪوٽ خانه تڪليفون سور عذاب مونکي ڪجھ نٿا ڪري سگھن، مونکي جيڪر ماريو آھي ته صرف مارن جي خاموشي منجھائي ماريو آھي ته اھي چپ ڇو آھن.
***

