ماڻهو جيڪي مرڻا ناهن
مان هُن سان وجودي طور تي ڪڏهن به نه ملي سگهيس نه ئي کيس روبرو ٻُڌي يا ڏسي سگهيس. جيڪو منھنجي زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو ادبي الميو آهي. هُن سان منھنجي سُڃاڻپ خيالي، سندس لکڻين وسيلي ٿي هئي. مان هُن سان پھريون ڀيرو “امن جي نالي” سان مليو هُئس. اُن مُلاقات منھنجي تخليقي شَعور کي شُعاع بَخشي ڇڏيا هئا. ايئن سندس تخليقن جي مُطالعي جو حسين سفر شروع ٿيو ته: “ڪافر ديوتا”، “چچريل زندگين جا قافلا”، “اُوشا جي آشا”، “اَبابيل جي آخري اُڏام”، “فونو”، “سونوڏند”، ”حليمان”، “قالوبلا”، “نجومي”، “اوڻويھ عورتون”، “اَک ڇِنڀ”، “اِسٽيل جا پَنج گِلاس”، “الف کان اڳ”، “عشق جو آسيب” جهڙا سنگ ميل سنڌي ادب جي راھ ۾ مون کي ڀرپور انداز سان ملندا رهيا. جيڪي هُن اهڙي نموني ته سَرانجام ڏنا هئا جو سنڌي فڪشن جي دنيا آرٽ ۽ ڪرافٽ جي رنگن سان نِکري پئي هئي. هُن پنھنجين ڪھاڻين ۽ ناولن جي اُڻت ۾ جادوئي حقيقت نگاري، علامت نگاري ۽ سرريئلسٽڪ جي لاڙن کي اهڙو ته تخليقي انداز ۾ رچيو هو جو سنڌي فڪشن هڪ نئين جوش ۽ جذبي سان نِکري نِروار ٿي پيو، نه رڳو اِهو پر هُن تاريخ جي موضوعن کان وٺي، سائنس، انساني نفسيات ۽ سماجي حقيقت نگاريءَ تائين جا پنهنجين لکڻين وسيلي نوان پلاٽ پڻ پيش ڪيا.
هُو سنڌي ادب ۾ گَهڻ موضوعاتي ۽ اُنھن کي جديد نموني سان تحرير ڪرڻ جو اعليٰ هُنر رکندڙ گَهڻ پڙهيو، سمنڊ جيان گھرو، “ٻَه لفظ ٻُڌي هڪ لفظ ڳالهائيندڙ” اهڙو ته فنڪار هُيو، جنھن جي کوٽ، جنمن کان رڻن ۾ ڀٽڪندڙ اُڃايل روح جي اُڃ جي نه بيان ڪري سگهندڙ ڪيفيت جھڙي آهي.
هُو هڪ اهڙو ڪھاڻيڪار ۽ ناولنگار هو، جنھن جا ڪردار، زوري ڀَرتي ٿيل نه بلڪ پنھنجي تخليقي جياپي سان لفظن مان اُڀري ايندا هئا ۽ اُنھن ڪردارن جون ڪيفيتون، احساس توڙي خيال پنھنجي خوبصورت ٻولي کڻي نِروار ٿيندا هئا. جن ۾ ڪنھن وينجهار جي نفاست نمايان هوندي هئي. ايتري گوناگونيت هُن جي تخليقڪار وجود جي وادين ۾ وَسندي هئي جو هُو هر ڀيري هڪ نئين رنگ، ڍنگ، آهنگ، لَي، رواني، سُچيتائيءَ سان پنھنجي پڙهندڙن جي دلين ۾ موجود رهندو هو.
هونءَ به هڪ تخليقڪار جو وڇوڙو، آرٽ جي دنيا ۾ ڪنھن ڀونچال جيئن هوندو آهي، پر هُن ته اياز جي “الوداعي گيت” جهڙي موڪلاڻيءَ سان دلين کي ڌوڏي وِڌو آهي، هُوته ڪو “ساڌ ٻيلي جو گيت” ھو، جنھن جي گُونجار سنڌوءَ جي لھرن مٿان سدائين گونجندي رهندي. هُو هڪ اهڙو ته سُريلو ۽ سيبتو شاعر، ڪھاڻيڪار، ناولنگار ۽ ليکڪ هو، جنھن جون تحريرون عالمي فڪر، فھم ۽ نون لاڙن سان سلھاڙيل هونديون هُيون. هُو جيڪو ماضيءَ جو ناسٽڪ ۽ حال جو صوفي هو، تنھن “خدا، روح ۽ سائنس” جھڙن ڳوڙهن موضوعن تي ڏاڍي تخليقي ۽ انوکي انداز ۾ لکيو. سندس تخليقي دنيا ڏاڍي وشال ۽ روح پَرور هئي. هُو جيڪو “روشني جو مينار” هو، جنھن تي تخليق جو چنڊ، ٻاروهي پنھنجي مُقدس چانڊوڪيءَ سان چمڪندو رهندو هو. هُو پنھنجين ڪهاڻين ۾ “عجيب وارتائون” پيش ڪندو هو. اهڙيون وارتائون، جن جا وکريل احساس سھيڙڻ، ڪنھن ڪنھن تخليقڪار جو مقدر بڻبا آهن. تڏهن ئي هُن ئي لکيو هو ته “گارشيا گذاري ويو”. ڇاڪاڻ جو هُو “وقت جو بادشاھ” ھو. هُن جي آرٽسٽڪ بادشاهيءَ ۾ علم توڙي ادب لاءِ وڏي سخا هئي. اُن ڪري به هُن جي سوچڻ، سمجهڻ ۽ بيان ڪرڻ جا زَاويا نِرالا هئا. هُو فلسفي جو فدائي هو. اُن ڪري به “پليسبو” ۽ “نوسيبو” سندس ڏاهپ جو اَنمول حوالو بڻيا. هُو، جيڪو “کُليل دَري” مان “اوجاڳي جا خواب” کڻي “ڪرفيو ۾ اُڏامندڙ ڪاغذ” بڻجي ويندو هو ته، هڪڙو “ٽھڪن ۽ فراموشين جو ڪتاب” تخليق ٿي پوندو هو ۽ اکر اکر لفظ لفظ، ٽُٻڪوٽُٻڪو، هُن جي تخليقي اظھار جو گواھ بڻجي پوندو هو. هُو جيڪو پنھنجي تخليقي سفر ۾ سدائين “وطن، پريت ۽ موت” کي ساڻ ساڻ کڻي هلندو رهيو. جنھن “لفظن مان جهاتيون پائيندڙ خاڪا” جوڙي تصويرن کي زنده ڪري ڇڏيو ۽ سچ ته هُن ئي پنھنجي ڪهاڻين جي هڪ ڪردار “محمد خان جي زندگيءَ ۾ هڪ ڏينھن” کي ڳولي لَڌو هو. هڪ اهڙو ڏينھن جنھن جي ڪا به رات ناهي هوندي. هُو سحر طاري ڪري ڇڏيندڙ قصاگو هو. جنھن جي من جي پاتال ۾ قصن جا خزانا لِڪل هئا، جيڪي اڃان اُجاڳر ٿيڻ جا مُنتظر هئا پر اُن کان تمام جلديءَ ۾ هُن بين الاقوامي ادب جي گرجدار آوازن سان هم آواز ٿي اِهو چئي ڏنو هو ته “ماڻهو جيڪي مرڻا ناهن” ۽ اهڙن نه مري سگهندڙ ماڻهن ۾ هاڻ هُو، جيڪو صرف رسول ميمڻ ئي ٿي سگهيو ٿي، پڻ شامل ٿي چُڪو آهي.
***

