ايڊيٽوريل

مولانا فضل الرحمان ملڪ ۾ وقت سر چونڊن کان خوفزده ڇو آهي؟

8 فيبروري 2024 جو ڏينهن پاڪستان ۾ چونڊون ٿيڻ لاءِ مقرر ٿيل آهي. آرمي چيف پڻ انهن چونڊن جي لاءِ گهربل سيڪيورٽي فورس اليڪشن ڪميشن کي ڏيڻ جو يقين ڏياريو آهي. سڀئي سياسي پارٽيون بشمول پي ٽي آئي اليڪشن جي عمل ۾ وڃڻ جي لاءِ تياري ڪري رهيون آهن. پاڪستان جو عوام پڻ چاهي ٿو ته هو ووٽ جي حق جو استعمال ڪري هڪ مستحڪم حڪومت چونڊي جيڪا ملڪ کي درپيش چئلينجن جو مقابلو ڪري ملڪ ۽ عوام جي لاءِ آساني پيدا ڪري. وقت سر صاف ۽ شفاف چونڊون ئي ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام جو واحد رستو آهن، جنهن جي اسان جي ملڪ کي سخت ضرورت آهي. سياسي ماحول مچي چڪو آهي، پوءِ خبر ناهي ڇو مولانا فضل الرحمان روز روز امن امان ۽ موسم جا بهانا تلاش ڪري ٿو ته جيئن چونڊون ڪجهه وقت لاءِ ملتوي ٿين. سندس انهن بيانن مان اليڪشن جي تاريخ ته پوئتي ٿيڻ مشڪل نظر ٿي اچي، پر سندس سياسي ڪمزوري واضح نظر اچي رهي آهي. پاڪستان جو عوام اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب آهي ته مولانا فضل الرحمان کي ڪي پي ڪي ۾ ڪا خاص سياسي پزيرائي ملندي نظر نه ٿي اچي ۽ اهو ئي خوف مولانا فضل الرحمان کي بار بار اهڙا بيان ڏيڻ تي مجبور ٿو ڪري ته اليڪشن ڪجهه ڏينهن جي لاءِ ملتوي ڪيون وڃن. هڪ سياسي ماڻهو ڪڏهن به چونڊن جي عمل کان فرار نه چاهيندو آهي ۽ سياسي ماڻهو به مولانا فضل الرحمان جهڙو هونئن به امن امان جو مسئلو اسانجي ملڪ ۾ اڄ جو نه آهي. جڏهن کان آمر ضياءُالحق پنهنجي حڪومت جو مدو وڌائڻ خاطر افغانستان جو مسئلو پاڪستان جي ڳچي ۾ وڌو ان وقت کان وٺي دهشتگردي ۽ هٿيارن جو سيلاب ملڪ ۾ اچي ويو. جنهن جي ڪري امن امان جو مسئلو ان وقت کان خراب ٿيڻ شروع ٿيو جيڪو اڄ ڏينهن تائين بهتر نه ٿيو آهي. 2007 ۾ امن امان جي حالت اسانجي سامهون آهي، ان وقت جي اليڪشن ۾ هن کان وڌيڪ امن امان جي حالت خراب هئي، جنهن ۾ محترمه بينظير ڀٽو شهيد پنهنجي اليڪشن مهم هلائي رهي هئي، هو ڪڏهن به خوفزده نه ٿي ايستائين جو پنهنجي جان به قربان ڪري ڇڏي. اڳواڻ ته اهڙا هوندا آهن. ڇا هن وقت ملڪ ۾ امن امان جون حالتون صرف مولانا فضل الرحمان جي لاءِ خراب آهن. سڀني پارٽين جي لاءِ امن امان هڪ جهڙو آهي، جنهن ۾ اسان به مطمئن نه آهيون، پر سوال ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن چونڊون هڪ يا ٻه مهينا ملتوي ٿي ويون ته ڇا ملڪ جو امن امان بهتر ٿي ويندو؟ جواب آهي نه. ته پوءِ چونڊن جو ملتوي ٿيڻ ڪنهن به حوالي سان مناسب نه آهي. ٻي ڳالهه ته مولانا فضل الرحمان هڪ راسخ العقيده مسلمان آهي ۽ اسان کي مذهب ٻڌائي ٿو ته انسان جي موت جو ڏينهن مقرر آهي، ته پوءِ هڪ مذهبي اڳواڻ جي حيثيت سان کيس ان ڳالهه تي به يقين هجڻ گهرجي ته جيستائين سندس زندگي آهي ته ڪير به سندس وار ونگو نٿو ڪري سگهي ۽ جڏهن ڪنهن جي زندگي پوري ٿيڻ واري هوندي ته پوءِ ڪيتري به سيڪيورٽي هجي انهيءَ کي موت کان بچائي نه سگهندي، باقي جيڪي به حفاظتي قدم کڻڻا آهن، اهي هر اڳواڻ کي ضرور کڻڻ گهرجن ۽ رياست کي به پوري ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته امن امان جي صورتحال کي ۽ اڳواڻن جي حفاظت کي يقيني بڻائي. نظر ائين ٿو اچي ته مولانا فضل الرحمان پي ٽي آئي جي ووٽر کان خوفزده آهي هو سمجهي ٿو ته شايد ڪي پي ڪي ۾ سندس مقبوليت هاڻي ساڳي ناهي رهي. هن وقت سياسي ليول پليئنگ فيلڊ جيڪڏهن ڪنهن پارٽي کي نه آهي ته اها پي ٽي آئي آهي، انهيءَ ۾ حقيقت آهي باقي ٻيون پارٽيون صرف زباني ڪلامي دانهون ڪن ٿيون. هن وقت پي ٽي آئي جو چيئرمين جيل ۾ پيو آهي، نااهل ٿي چڪو آهي. سندس پارٽي جا سڀئي نالي وارا اڳواڻ روپوش آهن، انهن جا فارم رد ٿي رهيا آهن. پي ٽي آئي کي سندس چونڊ نشان بيٽ ملڻ به مشڪل نظر اچي رهيو آهي، انهيءَ جي باوجود اها پارٽي اليڪشن ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهي، پر مولانا فضل الرحمان اهڙي پارٽي کان پڻ خوف ۾ نظر اچي ٿو، جيڪڏهن ائين آهي ته اسين کيس سياسي ميدان جو هڪ ڪمزور رانديگر سمجهنداسين. سياسي ميدان هڪ عوامي مقابلي جو ميدان هوندو آهي، جنهن ۾ اميدوار پنهنجي ڪارڪردگي عوام جي آڏو رکي انهي کان ووٽ وٺڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، نه ڪي رياستي مشينري کي پنهنجي فائدي ۾ استعمال ڪري حڪومت ۾ اچڻ جي تمنا ڪئي ويندي آهي، جيڪڏهن ڪير اهڙي تمنا ڪري ٿو ته اهو غلط ڪري رهيو آهي. مولانا فضل الرحمان کي هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي پارٽيءَ تي ۽ عوام تي پورو ڀروسو ڪري اليڪشن جي مهم ۾ سڀئي حفاظتي قدم کڻندي ضرور وڃڻ گهرجي ۽ کيس بي خوف ٿي ان ميدان عمل ۾ ٽپڻ گهرجي ۽ چونڊن جي عمل کي غير يقيني نه بڻائي ڇو ته ڪيترائي لڪل هٿ چاهين ٿا ته ملڪ ۾ وقت سر چونڊون نه ٿين، جيڪڏهن مولانا به اها ساڳئي ڳالهه ڪئي ته پوءِ مٿس ڪيترائي سوال به اٿي سگهن ٿا. پاڻ هڪ سياڻو ماڻهو آهي، ڄاڻي واڻي يا اڻڄاڻائيءَ ۾ انهن لڪل هٿن جو هٿيار نه بڻجي انهيءَ ۾ ئي سندس، سندس پارٽي جي ۽ پاڪستان جي عوام جي ڀلائي آهي.