غربت ۽ بيوسي جي ڳالهه انساني سماجن ۾ نئين نه آهي، پر مظلوم ماڻهن کي انصاف ڪيئن ملندو اهو هڪ وڏو سوال آهي. جيڪو اسان جي انصاف جي نظام جي ڪمزوري کي ظاهر ڪري ٿو. فاطمه ڦرڙو جو ڪيس هجي يا ان جهڙا ٻيا ڪيترائي مظلو جيڪي ظلم جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيا آهن انهن کي انصاف ڪيئن ملندو؟ فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ ايترو ضرور ٿيو جو ظالمن کي لهس ضرور پهتي ۽ اسان جي مدي خارج جاگيردار ۽ پير پرست سماج ۾ طاقت رکندي به اهي ماڻهو ڪجهه وقت لاءِ قانون جي ڪٽهڙي ۾ ضرور آيا. جيئن اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته فاطمه ڦرڙو جا والدين انتهائي مسڪين ماڻهو آهن، پنهنجي غربت سبب ۽ پيرن جي اثر رسوخ جي ڪري انهن پنهنجي نياڻي پير فياض شاهه جي حوالي ڪئي جيڪو بظاهر انهن جو مرشد هو. انهن کي اندازو نه هو ته اهي پنهنجي معصوم نياڻيءَ کي گذر ۽ تحفظ لاءِ حويلي موڪلي رهيا هئا، اتي ان سان جنسي تشدد ڪيو ويندو ۽ اها بيدرديءَ سان مارجي ويندي. موجود جديد دور جي ڪري فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ به اهي وڊيوز جڏهن عام عوام ڏٺيون، جيڪي خود به بيوس آهن تڏهن انهن تي ڪاوڙ ۽ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي. بي پناهه تشدد جي نتيجي ۾ ٿيل انهيءَ موت سماج کي سڪتي ۾ آڻي ڇڏيو. پوليس راءِ عامه جي پڪار جي ڪري ايف آءِ آر داخل ڪئي.
تازي صورتحال اها آهي ته اسان جو سماجي نظام جيڪو جبر جي بنياد تي قائم آهي، انهيءَ ۾ بي پهچ ۽ بيوس ماڻهو لاءِ ڪو رستو نه ڇڏيو ويو آهي. جنهن ۾ آخرڪار مظلوم کي هارائڻو آهي. جيئن هن ڪيس ۾ به نظر اچي رهيو آهي، خبر آهي ته شاهدن شاهدي ڦيرائي آهي. ضمانتون به ٿي وينديون، اسان جو سوال پنهنجي سماج کان اهو آهي ته اهو سڀ آخر ڪيستائين ٿيندو رهندو. روءِ زمين تي دنيا جو وڏو حصو قانون جي حڪمرانيءَ هيٺ زندگي گذاري رهيو آهي. اسان وٽ انصاف خواب آهي. انصاف سماجي جبر جي اڳيان هيڻو آهي. هن ڪيس ۾ فاطمه ڦرڙو لاءِ ايتري آهه و زاري به ان ڪري ٿي سگهي جو اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا جي طاقت ان معصوم سان گڏ هئي. بدليل دور جي تقاضائن، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرائي جي باوجود اسان جي خطي ۾ ظالمن جي خلاف جنگ مظلوم گهڻو ڪري هارائي وڃي ٿو. ٿيڻ ته ايئن کپندو هو ته اسان جو هي مدي خارج جاگيرداري ۽ پير پرست سماج هيستائين ختم ٿي وڃڻ کپندو هو پر، اسان جو رياستي نظام ۽ اسان جون ملڪ گير مقبول سياسي پارٽيون انهيءَ مدي خارج جاگيرداري ۽ پير پرست سماج کي هٿي ڏينديون رهيون آهن.
جيستائين اسان جي سماج ۾ اهو بدلاءُ نه ايندو ته طاقتور ماڻهو قانون جي اڳيان پنهنجو ڪنڌ نه جهڪائيندا تيستائين ڪجهه به بدلبو. دنيا جي تاريخ تي نظر وجهجي ٿي ته عوام استحصالي قوتن سان ڊگهيون ويڙهون وڙهي فتح حاصل ڪئي آهي، پر اسان وٽ الميو اهو آهي ته رياست، اسان جون سياسي پارٽيون ۽ ٻيون قوتون هيستائين اسٽيٽسڪو جون حامي رهيون آهن. وقت اچي ويو آهي ته رياست ۽ اسان جون سياسي پارٽيون عوام سان گڏ بيهن جيئن هي ملڪ بهتر لڳي. هيستائين ته اسان جو سماج جنهن جا گهڻائي تهه آهن اهي سڀ تهه سڀ سمجهن ٿا عوام دشمن آهن. يقين رکو عوام دشمني گهڻو وقت نه هلي سگهندي، دنيا تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي. جيڪڏهن اسين پنهنجي بقا چاهيون ٿا اسان کي به تبديل ٿيڻو پوندو ۽ اهڙو سماج تعمير ڪرڻو پوندو جيڪو جيئڻ جي لائق هجي. جنهن ۾ هرهڪ جي لاءِ هڪ جهڙو قانون هجي، انصاف صرف امير لاءِ نه هجي، پوليس جي طاقت ڪمزور لاءِ هجي ۽ ڪورٽون اهو ڏسڻ بنا ته ملزم ڪيترو طاقتور آهي انهيءَ کي سندس ڪيل ڏوهه جي سزا وقت اندر ڏينديون اچن ته پوءِ اسان جو سماج بهتر رستي تي هلي پوندو. هن وقت عام ماڻهو جي لاءِ انصاف وٺڻ مشڪل ۽ مهانگو آهي جنهن جي ڪري ان جو انصاف تي اعتبار نه آهي، جنهن جو فائدو پڻ استحصالي قوتن کي پوي ٿو.