اسانجي ملڪ ۾ مهانگائي جو جن ته 12 ئي مهينا بي قابو هوندو آهي، پر خاص طور تي رمضان شريف جهڙي ڀلاري مهيني ۾ اهو جن راڪاس بڻجي ويندو آهي. کاڌي پيتي جون شيون عام ڏينهن کان ٻيڻي اگهه تي وڪرو ٿينديون آهن ۽ عوام کي مجبورن انهن کي خريد ڪرڻو پوندو آهي.
غريب عوام به چاهيندو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ رمضان شريف ۾ پنهنجي ٻچن کي افطاري جي ٽائيم تي ڪجهه بهتر کاڌو کارائي سگهي. جنهن جي لاءِ هو پنهنجي طاقت کان وڌيڪ محنت ڪري ڪڏهن ميوو ته ڪڏهن ڪا تريل شئي ۽ ڪڏهن مرغي پڻ وٺڻ چاهيندو آهي، پر سندس قوت خريد ۾ اهي سڀ شيون شامل نه ٿي سگهنديون آهن ۽ هو چاهيندي به انهن سڀني شين کي پنهنجن ٻارن جي لاءِ يا خاندان جي لاءِ خريد ڪري نه سگهندو آهي.
ٻئي طرف منافع خور انهيءَ ڳالهه کي سمجهندي ته هر ماڻهو اهي سڀ شيون ضرور خريد ڪندو. جيڪي هو سال جي ٻين 11 مهينن ۾ خريد نه ٿو ڪري، ان ڪري عام کاڌي جي واهپي جون شيون جهڙوڪ ميوو، کجور، ڇولا، بيسڻ، گوشت ۽ مرغي، ڀاڄيون مهانگيون ڪري ڇڏيندو آهي. هن کي خدا جو خوف ته نه هوندو آهي، پر حڪومت جو خوف به ان ڪري نه هوندو آهي ته حڪومت ڪڏهن به ذخيره اندوزن جي خلاف ڪارروائي نه ڪندي آهي. بس ڏيکاءُ خاطر ڪوشش ڪندي آهي ته رمضان شريف جي مهيني ۾ انهن سڀني شين جي اگهن کي ڪنٽرول ڪجي، پر ٿيندو ائين نه آهي. حڪومتي آفيسر جيڪڏهن ڪاوڙ به ڪندا آهن ته ريڙهو هلائڻ واري تي يا پرچون فروش تي باقي فروٽ منڊي، سبزي منڊي يا مرغي ۽ گوشت جي هول سيلرن تي هٿ نه وجهندا آهن. اهڙو ئي حال کجور جو، ڇولن جو، بيسڻ جو پڻ هوندو آهي ۽ هٿرادو ذخيرو ڪندڙ منافع خور انهن سڀني شين جي اگهن ۾ واڌ جو سبب بڻبا آهن. اگر مهانگائي کي روڪڻو آهي ته انهن هول سيلرن کي، فروٽ منڊي جي آڙتين کي قانوني طور تي روڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن هو هٿرادو مهانگائي ڪن ٿا، ته انهن جي مٿان ڳرا ڏنڊ لڳايا وڃن ته جيئن هو انهن کاڌي جي شين کي مهانگو ڪرڻ کان خوف کائين، باقي هڪ پرچون فروش تي جرمانو، هڪ ريڙهي واري تي جرمانو لڳائڻ سان اگهه قابو ۾ نه ايندا، بس پوءِ مارڪيٽ ڪاميٽي وارن جا وارا ٿي ويندا آهن. اهي ريٽ لسٽ ته ڏيندا آهن، پر انهي ريٽ لسٽ تي عمل ڪيئن ٿئي، جڏهن ته منڊي منجهان مال مهانگو ملندو هجي، انهي طرف اسان کي نه سرڪاري ڪامورن جو ڌيان نظر اچي ٿو، نه ئي مارڪيٽ ڪاميٽي جي ڪارندن جو ڌيان نظر اچي ٿو. عام ماڻهو ويچارو پورو رمضان دانهون به ڪندو آهي ۽ کجور، ميوو، سموسا، پڪوڙا مهانگي اگهه تي خريد به ڪندو آهي. آفيسرن جي گهرن ۾ ته پئسي جي فراواني جي ڪري يا انهن کي ڪافي شيون مفت ملڻ جي ڪري اهي سڀ شيون وافر مقدار ۾ هونديون آهن. انهيءَ ڪري به انهن کي عام ماڻهن جي تڪليفن جو احساس نه ٿيندو آهي.
هن ڀلاري مهيني ۾ جتي شيطان کي قابو ڪيو ويندو آهي، پر منافع خورن جي روپ ۾ انساني شيطان بلڪل آزاد هوندا آهن. قانون کين ڪجهه به ڪري نه سگهندو آهي. اميد ته گهٽ آهي، پر پوءِ به اسان پنهنجو فرض پورو ڪندي حڪومت کان، انهن جي آفيسرن کان اهو مطالبو ڪريون ٿا ته رمضان شريف جي مهيني ۾ غريب ۽ وچولي طبقي کي مهانگائي جي جن کان بچايو ته جيئن هو به پنهنجي ٻچن کي افطاري ۾ صحت مند کاڌو کارائي سگهي.