ڪنڌڪوٽ ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ وڪيلن جي ريلي، انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو
ڪنڌڪوٽ ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ ريلي ڪڍي وئي، انڊس هاءِ وي تي نئون ڌرڻو هنيو ويو آهي. ڪنڌڪوٽ ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي ريلي ڪڍي وئي، انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو آهي. شاميانا به لڳي ويا. اڳواڻن عبدالغني بجاراڻي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ڪشمور ڌرڻو سڀني مغوين جي بازيابي کان اڳ ختم ٿيڻ تي ڏک ٿيو. اڳواڻن چتاءُ ڏنو ته پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين جي بازيابي تائين ڌرڻو جاري رکيو ويندو. جڏهن ته رينجرز ۽ پوليس جا اٽالا ڌرڻي واري هنڌ پهچي ويا. جڏهن ته ايس ايس پي امجد شيخ به ڌرڻي واري هنڌ پهچي ويو. مظاهرين ۽ ايس ايس پي ۾ ڳالهيون جاري آهن.