پاڪستان دهشتگردي ۽ پرڏيهي جارحيت جهڙن سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم
سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ يوم دفاع ۽ شهداءِ پاڪستان جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي. صدر عارف علوي چيو آهي ته وطن جي دفاع لاءِ جانيون قربان ڪندڙ شهيدن کي سلام پيش ڪيون ٿا. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان هن وقت انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ پرڏيهي جارحيت جهڙن سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڪشمير جو تڪرار خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج آهي. عالمي برادري کي اڳتي وڌي ان مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 6 سيپٽمبر 1965 جي جنگ ثابت ڪيو ته غيور قوم پنهنجي سرحدن جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهي. آءِ ايس پي آر موجب 6 سيپٽمبر تي وطن جي جوڌن جانيون قربان ڪري پاڪ سرزمين جو دفاع ڪيو. پاڪ فوج ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج هر طرح جي اندرين ۽ ٻاهرين خطرن جي خلاف وطن جي دفاع لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.