سياسي تبديليءَ جي نئين لهر

ملڪ ۾ سياسي تبديليءَ جي لهر هلي رهي آهي ۽ لڳي ٿو ته اها لهر پنهنجي منطقي انجام جي طرف وڃي رهي آهي. انهيءَ سياسي عمل کي پنهنجو ڀرپور پسمنظر آهي. گذريل سال تحريڪ انصاف جي حڪومت جنهن کي عدم اعتماد جي تحريڪ ذريعي هٽايو ويو. تڏهن کان وٺي پارٽي سربراهه عمران خان اقتدار ۾ واپسي لاءِ هڪ تحريڪ هلائي رهيو آهي جيڪا هاڻي پُرتشدد ٿي وئي آهي. ٻين سياسي جماعتن ۽ ملڪ جي اعليٰ اختيارين جي انهيءَ چوڻ جي باوجود ته ملڪ جون اقتصادي ۽ مالي حالتون ٺيڪ نه آهن، انهي ڪري تڪڙن نتيجن حاصل ڪرڻ لاءِ ملڪ جي اقتصادي حالتن کي داءُ تي نه لڳايو وڃي، پر پاڪستان تحريڪِ انصاف اهڙي سياسي پارٽي آهي جيڪا ڄڻ ڪڏهن به قانون کي تسليم نه ڪرڻ جو قسم کنيو ويٺي، انهيءَ جي اڳواڻن خاص طور تي پارٽي چيئرمين عمران خان ڪڏهن عقل ۽ فهم کان ڪم نه ورتو آهي. اقتصادي ماهر چون ٿا ته ملڪ جي مالي حالتن جو ڪمزور ٿيڻ جو مکيه سبب تحريڪ انصاف جو خراب طرز حڪمراني آهي. انهن جو اشارو PTI جي گذريل حڪومت جي طرف آهي. اها پارٽي ڄڻ هڪ شخص جي حڪم جي تابع جماعت آهي، عمران خان جي آمرانه ۽ فسطائي سوچ جي ڪري نه صرف ملڪ کي نقصان ٿيو آهي، پر انهن ماڻهن جون اميدون به خاڪ ۾ ملي ويون آهن، جن تحريڪ انصاف مان ڪنهن سياسي چڱائي جي اميد رکي ٿي.

9 مئي تي نيشنل اڪائونٽبلٽي بيورو مالي بدعنواني جي هڪ ڪيس ۾ عمران خان کي گرفتار ڪيو. تڏهنPTI جو فسطائي چهرو ظاهر ٿيو، 9 ۽ 10 مئي تي ملڪ ۾ فساد پيدا ڪيو ويو ۽ لڳي ٿو ته پهرين کان طئه ڪيل انداز سان ملڪ کي وڳوڙ جي طرف ڌڪيو ويو، جنهن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اعليٰ قيادت ظاهر طور مظاهرين سان گڏ هئي ۽ مظاهرين سان انهن جا رابطا هئا.

نائين ۽ ڏهين مئي تي ٿيل تشدد جنهن انداز ۾ ٿيو، انهيءَ مان لڳي ٿو PTI رهنمائن ملڪ ۾ فسادن جي ڦهلاءُ جي اڳواٽ تياري ڪئي هئي، ۽ تحريڪ انصاف جي رهنمائن انهيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. مظاهرا جيڪڏهن پر امن هجن ها ته به ٺيڪ هو، اها به عجب جهڙي ڳالهه آهي ته جيئن عمران خان جي گرفتاري ٿي، تيئن PTI تشدد تي لهي آئي، لڳي ٿو ته اهو سڀ پهرين کان طئه هو. تحريڪ انصاف جي ناعاقبت انديش رهنمائن، عمران خان سميت اهو ٿي سمجهيو ته اهي پاڪستان جي رياست، انهيءَ جي آئين ۽ قانون کي پرتشدد مظاهرن ذريعي پنهنجي حق ۾ موڙي ڇڏيندا.

انتهائي ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته مظاهرين فوجي تنصيبات تي حملا ڪيا. پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو سڀ پهريون دفعو ٿي رهيو هو. مظاهرين راولپنڊي، جي ايڇ ڪيو جي هيڊڪوارٽر جي دروازي، لاهور ۾ ڪور ڪمانڊر جي گهر، پشاور ۾ ريڊيو پاڪستان جي عمارت تي حملا ڪيا ۽ شهيد فوجي اهلڪارن جي نشانين کي به نه بخشيو ويو، لاهور، پشاور ۽ ڪراچيءَ ۾ ماڻهن جي ذاتي ملڪيتن کي باهه ۾ رک ڪيو ويو. پاڪستان جي عوام ۾ نائين ۽ ڏهين مئي واقعن جي ڪري ڏک ۽ بيچيني پکڙجي وئي. عوام ۽ فوج هڪ ٻئي جي ساٿ سان PTI جي انهيءَ وطن دشمن عزائم کي ناڪام بڻايو ۽ 9 مئي کي ڪارو ڏينهن قرار ڏنو ويو. عوام فوج جي ساٿ سان ”يوم تڪريم“ ملهايو ۽ تحريڪ انصاف جي سازش کي ناڪام بڻايو. ڇاڪاڻ جو انهيءَ عوام ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي وچ ۾ ويڇا وڌائڻ پئي چاهيا.

نتيجي ۾ PTI جي انهيءَ سازش کانپوءِ انهيءَ جي گهڻن ئي رهنمائن ۽ پارٽي جي اعليٰ قيادت پارٽيءَ سان لاتعلقي جو اعلان ڪيو. PTI جي اهم اڳواڻن عمران خان جي آمرانه پاليسين سان اختلاف ڪندي، پارٽي کي خدا حافظ چيو. پنهنجي سازشي بيانئي ۽ اقتدار جي هوس ۾ پنهنجي ملڪ جي خلاف سازشون ڪندڙ جماعت PTI ۽ انهيءَ جا رهنما ٻه واٽي تي بيٺا آهن. لڳي ٿو ته تحريڪ انصاف هڪ سياسي جماعت طور وکري خاتمي جي طرف وڃي رهي آهي ۽ عمران خان اڪيلو ٿي رهيو آهي.

9 مئي جي ملڪ دشمن ڪارروائين ۽ وڳوڙ جي ملڪ جي سڀني سياسي پارٽين مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم، چيف آف آرمي اسٽاف سميت ملڪ جي اهم عهديدارن انهيءَ وڳوڙ جي مذمت ڪئي آهي ۽ اهو عزم ڪيو آهي ته اهڙي وڳوڙ ۽ ملڪ دشمني کي سختيءَ سان منهن ڏنو ويندو ۽ اڄ ۽ مستقبل ۾ ڪنهن به اهڙي ڪارروائي جي اجازت نه ڏني ويندي ته سياست جي نالي ۾ ملڪ جي يڪجهتي آئين ۽ قانون سان هٿ چراند ڪئي وڃي.

***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments