بلاگنئون

مذهبي عقيدي جي اوسرَ (باب ڏهون)

(عقيدي جي سائنس جو اختصار)
ليکڪ: جي. اينڊرسن ٿامسن ۽ ڪليَئر اڪوفر
ڪٿي توهان جو امتحان نه ورتو وڃي
(دماغن جي تربيت)
علم بدران جهالت وڌيڪ اعتماد کي جنم ڏئي ٿي. اهي، جيڪي صفا گهٽ ڄاڻن ٿا سي وڏي گوڙ گهمسان سان دعويٰ ڪن ٿا ته هي يا هو مسئلو سائنس کان حل نه ٿو ٿي سگهي. -ڊارون
1918ع ۾ امريڪا جي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ صدارتي اميدوار ولين جيننگس برائن، ارتقا خلاف ”مرڻ گهڙيءَ تائين“ جنگ شروع ڪئي. اها جنگ 1925ع جي گرمين ۾ ڊيٽن، ٽينيسي رياست جي جڳ مشهور ڪيس، ”اسڪوپس ٽرائل“ تي پوري ٿي، پر ارتقا زندهه رهي. بچاءَ جي وڪيل، ڪلورينس ڊيرو، برائن کي شاهدن جي ڪٽهڙي ۾ بيهڻ لاءِ چيو، ۽ پوءِ برائن جي بائيبل مان ايندڙ دليلن کي نڪتي کان نڪتي تائين رد ڪندو رهيو ۽ اها جرح امريڪي قانوني تاريخ جي عظيم ترين جرحن مان هڪ جرح بڻجي وئي. برائن ڄاتو ته هو خوب ذليل ٿيو، ۽ ان صدمي ۾ پنجين ڏينهن مري ويو.
جيتوڻيڪ، هاءِ اسڪول ۾ ارتقائي نظريي جو استاد جان اسڪوپس، ٽينيسي بٽلر ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي الزام ۾ ارتقائي نظريو پڙهائڻ کان روڪيو ويو، ۽ ڪيس کي نئون رخ ڏنو ويو. آخرڪار، ٽيڪنيڪل بنيادن تي برائن ڪورٽ منجهان ڪامياب ته ٿيو، پر هن اوس جنگ هارائي ڇڏي.
اها ڊگهي جنگ، اتي پوري نه ٿي. بٽلر ايڪٽ لڳ ڀڳ چاليهن سالن تائين اثرائتو رهيو ۽ ارتقا جي تعليم آڏو قانوني مسئلا تيستائين رڪاوٽ بڻجي ويا، جيستائين هڪ ٻي استاد 1967ع ۾ امريڪي آئين جي پهرين ترميم جو سهارو وٺندي، ان کي نه للڪاريو.
امريڪي عدالتن ۾ 1960ع جي اڌ تائين، ارتقا پڙهائڻ خلاف تيرهن وڏا ڪيس هلي چڪا آهن، جن مان ٻه سپريم ڪورٽ تائين به پهتا. ساڄي ڌر سان لاڳاپيل مذهبي ماڻهن اهو چئي ارتقا کي پٽڙيءَ تان لاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته تخليق جي سائنس ۽ عاقل تخليق کي ارتقا سان گڏ پڙهايو وڃي، پر جڏهن به اهو مسئلو، عدالتي فيصلي جي نوبت تائين آيو آهي ته سائنس ئي کٽي وئي آهي.
2005ع ۾ پين سلوينيا جي وفاقي جج جان اي ثالث، نائين ڪلاس ۾ ارتقا جي متبادل طور عاقل تخليق پڙهائڻ کي رد ڪيو. ان ڪيس ۾ ڪينيٿ ملر نالي حياتيات دان، جيڪو ڪيٿولڪ مذهب جو پيروڪار هو، ڪزملر ڊوور ايريا اسڪول ڊسٽرڪٽ ڪيس ۾ سائنسي نظريي جي حق ۾ بيان ڏيندي ان جَي صحت جِي تصديق ڪئي ۽ چيو ته سائنس ۽ مذهب ۾ ڪو به اختلاف ناهي. سندس لفظ اسڪوپس ڪيس ۾ ”تعليمي آزادي“ نالي تقرير جو پڙاڏو ثابت ٿيا، جيڪي ڪلورينس ڊيرو جي مددگار وڪيل ڊڊلي ميلون ڪئي هئي، ان به اهو ئي چيو هو ته مذهب ۽ سائنس ۾ ڪو به تضاد ناهي. ڊوور ڪيس، سائنس ۽ سائنسي تعليم لاءِ هڪ وڏي فتح ثابت ٿيو، پر فيصلي ۾ جج جان، مذهب ۽ سائنس ۾ تضادن جو ذڪر ڪري، ملر ۽ ميلون جي موقف سان اتفاق ڪيو.
مصلحتن جي ور چڙهندي، مذهب ۽ سائنس ۾ ڪو به تضاد نه هجڻ جو چوڻ باوجود امريڪي اسڪولن، اجلاسن ۽ ڪميٽين ۾ لاڳيتو تضاد پيدا ٿيندو رهيو آهي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته مذهب ۽ سائنس ۾ تضاد موجود آهي.
مذهبي عقيدا صدين کان ڪائنات جي شروعات، انسان جي فطرت ۽ شروعات ۽ ڪائنات جي ماهيت متعلق دعوائون ڪندا رهيا آهن. سائنس انهن دعوائن ۽ مفروضن کي لاڳيتو رد پئي ڪندي آئي آهي ۽ ائين ڪرڻ سان کيس ڪيترين ئي مصيبتن کي به منهن ڏيڻو پيو آهي. سچ جي مسلسل ڳولا اسان کي ڏيکاري ٿي ته انسان، دراصل هڪ آفريڪي بندر آهي، جيڪو ان جي آخري بچيل نسل hominid homo sapiens مان ارتقا جا ڏاڪا اڪري اڳتي وڌيو آهي.
جيئن اسان ٽين باب ۾ اهو ذڪر ڪري آيا آهيون ته ڊارون جهڙي ماڻهوءَ کي به مذهب ڇڏيندي ڏکيو لڳندو هو، پر اها به حقيقت آهي ته ان وقت تائين ان تجرباتي علم جا اهي ٺوس ثبوت موجود نه هئا، جيڪي اڄ اسان وٽ موجود آهن.
اهو دماغي مڪينزم، جيڪو اسان کي مذهبي خيال قبولڻ ۾ هٿي ڏئي ٿو، انتهائي گهرو آهي. جڏهن ان جو ٻارن جي سماجي برين واشنگ سان لاڳاپو جڙي ٿو ته اسان جي سامهون انڌن عقيدن ۽ عاقل تجسس سان تڪرار جو منظر سامهون اچي ٿو. جيئن اڳوڻي مذهبي پيروڪار ۽ حياتيات دان جيري ڪوئن چواڻي، ”مذهب ۾ عقيدو سٺي ڳالهه آهي، پر سائنس ۾ عقيدو رکڻ بُرائي آهي.“
۽ جيئن ته اڳوڻو مذهبي ماڻهو توهان کي ٻڌائيندو ته مذهبي يقين رکڻ، نه رکڻ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سولو آهي. مذهب، تيار ٿيل اصولن تي هلڻ جي تاڪيد ڪري ٿو، جن کي جيڪڏهن ذهن جي مطابقتي ذهني طريقيڪار سان ملايون ٿا ته ان تي ويچار ڪرڻ جي ضرورت ختم ٿي وڃي ٿي. 2010ع ۾ عام راءِ معلوم ڪرڻ واري اداري ”پيو پول“ جي سروي موجب دهرين کي مذهبي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ دنيا جي مذهبن متعلق وڌيڪ ڄاڻ هئي. جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته انهن معاملن تي وڌيڪ ويچاريو آهي.
پر اڃا اميد باقي آهي. 06 جون 2010ع تي امريڪي چينل اي بي سي تي انٽرويو ڏيندي جديد دور جي سڀ کان وڏي سائنسدان، اسٽيفن هاڪنگ چيو ته ”مذهب ۽ سائنس جي وچ ۾ بنيادي فرق آهي. مذهب جو بنياد بالادستيءَ تي آهي، سائنس جو بنياد مشاهدي ۽ عقل تي آهي. سائنس سوڀاري ٿيندي، ڇاڪاڻ ته اها ڪم ڪري ڏيکاري ٿي.“ جيئن ته ماڻهن جي گهڻائي ڄاڻي ٿي ته سائنس جي مدد بنا هاڪنگ خود انتهائي خطرناڪ بيماري اي ايل ايس جو نشانو بڻجي وڃي ها، توڙي جو سڄي دنيا ان لاءِ دعائون ڪري ها. ان باوجود سندس تيز دماغ اڄ به ڪم ڪري رهيو آهي ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان هو اڄ به نيون شيون سکي به رهيو آهي ۽ سيکاري به رهيو آهي. (اسٽيفن هاڪنگ، ڪتاب ڇپجڻ کان ڪجهه سال پوءِ 14 مارچ 2018ع ۾ ڪيمبريج، لنڊن ۾ وفات ڪئي هئي). جيئن هن ڪتاب ۾ چٽو ڪيو ويو آهي ته سائنس خاص طور ادراڪي سائنس، اسان کي ٻڌائي ٿي ته انساني دماغ، ڪڏهن ۽ ڪيئن مذهبي خيال تخليق ڪندو آهي. هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ، مذهب جو نفسياتي مڪينزم، نيورو ايناٽامي، ۽ نيورو ڪيميسٽريءَ ذريعي واضح ٿيندو رهيو آهي. ٿورڙي وقت اندر ڪو، جان يا جين اسڪوپس، ڪنهن سرڪاري اسڪول ۾ مذهب جي ادراڪي نيورو سائنس پڙهائي رهيو هوندو. جڏهن اهي مضمون پڙهايا ويندا ته توهان امريڪا جي بنياد پرست عيسائين جي ردعمل جو اندازو ڪري سگهو ٿا، اهي اهو معاملو عدالت ۾ کڻي ويندا، اهو ڪيس ڪنهن وفاقي عدالت، امڪاني طور سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌو ويندو. اسان کي اهڙي امڪاني ٽرائل کي ڀليڪار ڪرڻ گهرجي. جنهن سان ماڻهن جو وسيع حلقو، اهڙين دريافتن کان واقف ٿيندو ته مذهبي عقيدا ڪيئن پيدا ٿين ۽ لاڳو رهن ٿا. تاريخ، اسان کي اهو ئي ٻڌائي ٿي ته سوڀ سائنس جي ئي ٿيندي. مذهب، هن بي رحم دنيا ۾ ذهني سڪون ته آڇي ٿو، ۽ اسان لاءِ سماج جي پرورش ته ڪري ٿو، پر اهو تڪرارَ ۽ ٽڪراءَ کي به وڌائي ٿو. مختصر اهو ته انکي سٺائيءَ ۽ خرابيءَ لاءِ استعمال ڪرڻ جا رستا موجود آهن. پر اهو انسانن جو پيدا ڪيل آهي، ۽ جيڪڏهن اسان اهو قبول ڪري وٺون ته هيءَ دنيا جيئڻ لاءِ هڪ بهترين جاءِ بڻجي سگهي ٿي.
(پورو ٿيو)
***