بلاگنئون

محبت سان دل ۾ نئين موسيقي پيدا ٿيندي آهي!

رومانوي داستان، رومانوي قصا ۽ رومانوي لمحا ڏاڍا دلڪش ۽ دلين کي موهيندڙ هوندا آهن. مايوس دلين ۾ جڏهن محبت جو گيت وڄڻ شروع ٿيندو آهي ته ڪائنات جو جيڪو اڌ حصو فالج جي بيماري ۾ ورتل آهي. انهي حصي ۾ چرپر ٿيڻ شروع ٿيندي آهي. وڻ، ٽاريون، گل، گهٽيون توڙي گهاٽ مهڪڻ لڳندا آهن. محبت سان دل ۾ نئين موسيقي پيدا ٿيندي آهي ۽ انهي موسيقي جي بدولت ماڻهو اندر ئي اندر ۾ جهومڻ، نچڻ ۽ ڪُڏڻ لڳندو آهي. سڀئي ساز ۽ آواز دل ۾ لهڻ لڳندا آهن. سماج، ذات پات، ۽ رنگ ۽ نسل جي مت ڀيد کي وساري ماڻهو حقيقي زندگيءَ جي راھ تي هلڻ لڳندو آهي. اهڙي ئي راھ تي اسان کي هڪڙو يگانو، نوجوان ۽ گهڻ پڙهيو ليکڪ جاويد پنهور؛ ”ڀنل دل جي دنيا“ جي عنوان سان پڻ نظر اچي ٿو. جاويد، هن ڪتاب ۾ جنهن موضوع جي چونڊ ڪئي آهي. اهو موضوع هر موسم، هر عمر ۽ هر ماڻهوءَ لاءِ يڪسان مفيد آهي. محبت ئي اهو واحد موضوع آهي. جنهن کي هر ماڻهو پڙهي، سمجهي، سکي ۽ ٻُڌي سگهي ٿو. جاويد پنهور جي ڊائري ۾ جيڪي نثري ٽڪرا آهن. انهن جو محور ۽ مرڪز سندس ارپنا واري شخصيت آهي. جنهن کي ان پنهنجي ڪُل ڪائنات سڏيو آهي. سندس لهجي ۽ لکت مان اها ڳالھ واضح ٿئي ٿي ته هو تسڪين سان گهڻين لکڻين ۾ مخاطب پڻ آهي. دور جديد ۾ جيڪڏهن ساڳيون ئي ڳالهيون جاويد کيس سوشل ميڊيا يعني واٽس اپ، فيس بڪ يا اي ميل وسيلي لکي موڪلي ها ته اهي تاريخ جو حصو نه ٿي سگهن ها. ان لاءِ ئي جاويد پنهنجي احساسن، جذبن، سڪ، سار ۽ سڏڪن جو جيڪو اظهار نثر وسيلي ڪيو آهي. اهو طريقو ڏاڍو شاندار آهي. هي طريقو گهڻن ئي پڙهندڙن ۽ لکندڙن لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ جو سبب ثابت ٿيندو. خليق ٻگهيو پنهنجي مهاڳ ۾ ڪتاب متعلق سُٺي اُپٽار ڪئي آهي. ”ڀنل دل جي دنيا “ جي هر هڪ موضوع جي نفسياتي، سماجي، داخلي ۽ خارجي معنيٰ ۽ مفهوم تي روشني وڌي اٿس. سائين خليق ٻگهيو لکي ٿو ته ”نثر گمنام رومانوي ۽ نفسياتي مونجهارن جي عڪاسيءَ ڪرڻ کان تمام پري سمجھ جا پنهنجا رستا پاڻ تعمير ڪري ٿو. نثر جي وڏي خاصيت زندگيءَ ۽ ڪائنات بابت نظرين جو ابلاغ ڪرڻ آهي“. سنڌي ادب ۾ ڊائري جا ورق/نثري ٽڪرا جيڪي به هن وقت تائين لکيا ويا آهن. اهي سڀئي تقريبن اهميت جوڳا آهن. ايوب کوسي جو مجموعو؛ ”بارش سوچي ٿي“ پڙهندڙن کي سوچڻ تي واقعي مجبور ڪري ٿو ڇڏي يا وري سندس ٻيو ڪتاب؛ ”درد جون مسافريون“ به ڪمال جو ادبي رس ۽ چس سان ٽمٽار آهي. ڪجھ سال پهريان مون جڏهن؛ ”اداس اکڙيون“ نالي نثري ٽڪرا/ڊائري جا ورق لکڻ شروع ڪيا ته مون کي اهو اندازو قطعي ڪونه هو ته منهنجا اهي اڌورا ۽ ڪچا، ڦڪا خيال نوجوان طبقي ۾ پسند ڪيا ويندا. مون ته جواني جي سرگوشين ۾ جيڪو ڪجھ محسوس ڪيو. بس ان کي لکندو ويس ۽ مسلسل لکڻ سان ڪتاب جو جنم ٿي پيو. هاڻ جڏهن؛ ”ڀنل دل جي دنيا“ کي پڙهيو اٿم ته رومانويت جو اهو دور نئين رنگ ۽ ڍنگ سان ڄڻ روح ۾ واپس اچڻ لڳو آهي. ”وقت گذرندو رهيو ۽ مون ڪيترن ئي عورتن سان پيار ڪيو ۽ جڏھن انھن کي ويجھو ٿيس ته ڪجھ عورتن مون کان پڇيو ته ڇا مان انھن کي ياد ڪندس، مون چيو؛ ”ھا، مان اوهان کي ياد ڪندس. پر صرف هڪڙي کي ڪڏهن به وساري نه سگهندس. جنهن ڪڏهن به نه پڇيو ته؛ ”ڇا تون مون کي ياد ڪندين؟“ (۱). فرانسيسي چوڻي آهي ته؛ ”توهان پنهنجي صبح جي شروعات ان شئي سان ڪيو جنهن سان اوهان محبت ڪندا آهيو ته جيئن اوهان جي صبح جو آغاز اوهان جي مرضي مطابق ٿئي“. اهو ڪيڏو نه شاندار رهندو، جيڪڏهن اسان به پنهنجي هر صبح جي شروعات ڪتاب پڙهڻ سان ڪريون؟
اسان جو سماج محبت ۾ گهڻو تڻو ڏيوالپڻي، ڏڪار ۽ سُڃائپ جو شڪار آهي. سڪون جي هڪ گهڙي لاءِ هتي ماڻهوءَ کي پنهنجي سموري زندگي داءُ تي لڳائڻي پوندي آهي. اهو داءُ ڪو ڪو کٽيندو آهي. باقي گهڻائي اهو داءُ هارائي وڃي ٿي. جاويد پنهنجي خيالن کي جنهن شائستگي سان هن ڪتاب جو حصو بڻايو آهي. اها شائستگي، جاڳندڙ اکين، ڌڙڪندڙ دلين ۽ سوچيندڙ ذهنن کي سجاڳ ڪري ٿي. انسان پنهنجي اندر ۾ کوڙ سارا اُلڪا، اُڌما، سار ۽ سُڏڪا کڻي گهمندو آهي. سڀني کان وڌيڪ وزني ۽ ماڻهوءَ کي مڪمل طور تي مفلوج ڪندڙ اُلڪو محبت جي نه ملڻ جو هوندو آهي. اِهو اُلڪو چڱن ڀلن، ٺاهوڪن ذهنن کي تباھ ۽ برباد ڪري کين سماج کان پري اُڇلائي ڇڏيندو آهي. اسان جي سماج ۾ محبت جا ڌڪاريل اهڙا کوڙ جيئرا، جاڳندا ڪردار هر هنڌ موجود آهن. محبت جي موسيقي اهڙن فردن کان زبان کسي ڇڏي ٿي. اُهي ڳالهائي نه سگهندا آهن. وقت جي ستم ظريفي تي بس خاموش ٿي کيس رب جي رضا سمجهي قبول ڪري وٺندا آهن. اهڙن محبت جي ماريل ماڻهن اڳيان جڏهن دل جون ڳالهيون ٿينديون آهن ته انهن جي دل جي دنيا ڀِڄي پوندي آهي. هڪڙي ناول جو مون کي ڏاڍو زبردست جملو ياد پيو اچي. ان ۾ لکيل هو ته؛ ”ڪير فيصلو ڪري سگهي ٿو ته خشڪ کوپڙين جو نظارو وڌيڪ خوفناڪ آهي يا مايوس دلين جو؟“. خُشڪ کوپڙيون انهن ماڻهن جون آهن. جيڪي پيار، محبت ۽ پريت جي معاملن کان پرهيز ڪندا آهن ۽ وري جيڪي ماڻهو انهن ڪيفتن، جذبن ۽ احساسن جو کليو اظهار ڪرڻ ڄاڻندا آهن. اُنهن جون دليون ڪڏهن ڪڏهن مايوسي جي ور به چڙهي وينديون آهن. اهڙي مايوسي مان؛ ”ڀنل دل جي دنيا“ جهڙا ڪتاب ئي ماڻهوءَ کي ٻاهر ڪڍي سگهن ٿا. جاويد لاءِ اهو ئي چوندس ته؛ ”هو محبت جي مفهوم کي لکندڙ ڪاتب آهي“. ”ڀنل دل جي دنيا“ ۾ هن جيڪي ساز ڇيڙيا آهن. اهي ساز باک جو آواز ٿي ڪري گهڻن جي من کي معطر ڪندا. هن پنهنجي تاثراتي ڊائري ۾ اهڙا ته تاثر گوش نظر ڪيا آهن. جيڪي تاثر زنده دلين کي جلا بخشين ٿا. هن هر هڪ موضوع جي چونڊ مهل اهڙا ته مضبوط نثري جملا بطور عنوان ڏنا آهن. جن کي پڙهڻ کانپوءِ کن پل لاءِ اتي ئي ماٺ ڪري بيهڻ لاءِ من مجبور ٿي پوي ٿو. ڪائنات ۾ موجود هر هڪ شئي ڏانهن سندس رويو ڏاڍو مثبت نظر اچي ٿو. جيئن مثال؛ ”تون گنگا جو گيان آهين“، گيان يعني پروڙ، سمجھ، فهم، گنگا جو گيان مان اها ئي مراد آهي ته اهڙي سمجھ جيڪا پاڪيزه آهي. جنهن جو دامن اڇو ۽ اجرو آهي. ”احساسن جو آتم گهات“، آتم گهات جا به ته کوڙ سارا قسم آهن. هتي ليکڪ احساسن جي آتم گهات واري موضوع کي ڇيڙيو آهي. انسانيت جي بقا لاءِ بنيادي نقطو احساس ئي آهي. جتي احساس باقي نه ٿو رهي اتي ٻيون شيون به فنا طرف وڃڻ لڳنديون آهن. محبت به ته هڪ قسم جو احساس ئي ته آهي. ”نمڪين ڪيفيت“، انسان ڪيفيتن جو محتاج مسافر آهي، پر جيڪڏهن کيس نمڪين ڪيفيتون ملي پون ته هوند ڄڻ ان جي دل جي مراد پوري ٿي پوندي آهي. ”سڪ، سڄڻ ۽ سور“، جتي سڄڻ جي ڳالھ هوندي آهي اتي سڪ جو سودو به ٿيندو آهي ۽ انهي سودي عيوض جيڪي سور ملندا آهن. انهن کي به ليکڪ هتي زبردست نموني سان بيان ڪيو آهي. ”عشق جو اجرو احساس“ عشق جو احساس ئي ته لکڻ، پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ جي ڪرت سان ماڻهوءَ کي لڳائيندو آهي ۽ اهڙا کوڙا سارا ٻيا عنوان به پڙهندڙ جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ويا آهن. مجموعي طور تي هي ڪتاب سياري جي سرد راتين ۾ يادن جو گرم بسترو مهيا ڪري ٿو. اُها ياد جيڪا نه صرف رومانيت سان لاڳاپيل هجي ٿي، پر ان سان گڏ سندس واسطو محبت جهڙي پاڪيزه عمل سان پڻ هجي ٿو. سُور، سختيون ۽ هي ساڀيان جا خواب ماڻهوءَ کي مضبوط ڪندا آهن. انگلينڊ جي مشهور ليکڪا جين آسٽن پنهنجي ناول احساس ۽ حساسيت (Sense And Sensibility) ۾ لکي ٿي ته؛ ”گهڻو ڪري مون پنهنجي احساسن، دردن ۽ مصيبتن کي پاڻ وٽ ئي رکيو، ڇو ته انهن کي بيان ڪرڻ لاءِ لفظن منهنجو ساٿ ڇڏي ڏنو“. هي معمول آهي. غير معمولي شخصيتن سان به ائين ٿيندو رهيو آهي. عام ماڻهوءَ سان به اها ڪار ٿيندي آهي ته جيڪا شئي هُو چوڻ، يا لکڻ چاهيندو آهي. ڪن حالتن، مجبورين يا سببن جي ڪري اهو چئي نه سگهندو آهي يا لکي نه سگهندو آهي. ڪيڏا نه ڀاڳوند آهن اُهي ماڻهو جيڪي دل جي ڳالھ کي زبان تي آڻڻ جو هنر ڄاڻن ٿا. اهڙن ماڻهن کان هڪڙو قدم اڳتي وري اُهي ماڻهو آهن، جيڪي ٻين جي دلين جون ڳالهيون نه چاهيندي به انهن جي زبان تي آڻائي وٺن ٿا. ڇو ته پاڻ جنهن سماج جو حصو آهيون. ان ۾ رهندڙ هر ماڻهوءَ جا احساس، ڏک ۽ سک ڪنهن قدر يڪسانيت رکندڙ آهن. هي ڪتاب پڙهندي جڏهن ڪي اهڙا جملا سامهون اچن. جن کي پڙهندي ائين لڳي ته؛ ”اهو ته جهڙوڪ منهنجو قصو بيان ٿيل آهي“. تنهن پل مان سمجهان ٿو ته ليکڪ جي سموري ڪمائي قبول ٿي وڃي ٿي ۽ اُن جو پورهيو سجايو وڃي ٿو. جاويد جو هي ڪتاب پڙهڻ مهل کوڙ جاين تي مون کي به ائين ئي لڳو ته جهڙوڪ؛ ”اهو ته منهنجو قصو بيان ٿيل آهي“.
(۱) هاليوڊ جي فلم؛
”ملينا“ مان اخذ ڪيل ڊائيلاگ
***