هڪ اندازي مطابق 23 سيڪڙو آڪسيجن جو بهترين اخراج رڳو زراعت، ٻيلن ۽ زمين جي سٺي استعمال مان ٿئي ٿو، جنهن سان ماحول ۾ مثبت تبديلي ممڪن ٿئي ٿي. بين الاقوامي موسمياتي تبديليءَ جي ماهرن اهو معلوم ڪيو آهي ته دنيا جي ٻيلن جي ايراضيءَ کي وڌائڻ سان ۽ وڻن جي پوکائي ڪرڻ سان گلوبل وارمنگ کي 1.5 درجا سينس تائين گهٽ ڪري سگهجي ٿو. گلوبل وارمنگ کي جيتوڻيڪ هيل تائين گهڻي توجھ نه ملي سگهي آهي، جيڪو زراعت جي واڌاري لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ماهرن جي گڏيل راءِ موجب دنيا جي اڌ کان وڌيڪ “جي ڊي پي” 44 ٽرلين ڊالر فطرت جي نقصان جي ڪري مسلسل خطري هيٺ آهي. عالمي سطح تي خوراڪ (زرعي پيداوار) تقريبن 40 سيڪڙو زميني سطحي پاڻيءَ ۽ جَرَ ۾ موجود پاڻيءَ تي منحصر آهي ۽ باقي 70 سيڪڙو زراعت تازي (دريائي) پاڻي جو استعمال ڪري ٿي، جنهن ۾ زراعت سڀني ٻيلن جي 75 سيڪڙو پيداوار ۽ آڪسيجن جي اخراج جي لاءِ ذميوار به آهي. سائنسدانن جي هڪ ٽيم پاران ڪيل تحقيق مان اهو نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته دنيا جي 30 سيڪڙو زمين کي اسٽريٽجڪ طور تي محفوظ رکڻ سان دنيا جي 62 سيڪڙو کان وڌيڪ خطرناڪ ڪاربان ۽ 68 سيڪڙو مٺي پاڻيءَ جي ذخيرن جو بچاءُ ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ته ان ڳالھ کي يقيني بڻايو ويندو ته 70 سيڪڙو کان وڌيڪ زميني ٻيلا ۽ ٻوٽا جن کي ختم ٿيڻ جو خطرو آهي، سي محفوظ ڪري سگهجن ٿا ۽ آڪسيجن کي بحال ڪري سگهجي ٿو.
دنيا اندر زراعت جو نقصان اڪثر ڪري موسمياتي تبديليءَ سان لاڳاپيل خطرن جي ڪري ٿئي ٿو، جيڪي فطري طور هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن، ان ڪري رياست کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته اهي هڪ گڏيل مالياتي مڪينزم تي اتفاق ڪن ته جيئن هدف مقرر ڪيا وڃن ۽ پورا به ڪري سگهجن. ان سان گڏوگڏ وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ، ڳالهين ۾ هڪ لچڪدار ماحول پيدا ڪرڻ، ترقي يافته ۽ ترقي ڪندڙ قومن جي وچ ۾ اعتماد کي وڌائڻ لاءِ اهم سيڙپڪاري جي به ضرورت آهي. ڇو ته اتفاق راءِ جي کوٽ پوري فريم ورڪ جي ترقي ۾ رڪارٽ بڻجي سگهي ٿي. ان ڪري قومي سسٽم جي حڪمت عملين ۽ ايڪشن پلان کي لازمي طور تي موسمياتي منصوبابندين جي عملن سان مڪمل طور تي ضم ٿيڻ گهرجي ته جيئن قومي طور تي طئي ٿيل تعاون ۽ قومي موافقت جو منصوبو تيار ۽ مڪمل ڪري سگهجي. ملڪن کي لازمي طور تي اهو ڪرڻ گهرجي ته اهي عوامي، نجي مالياتي ۽ گهريلو معاشي پاليسين جي سڌارن ذريعي عالمي موسمياتي ۽ مالياتي خال کي ڪيئن منهن ڏئي سگهن ٿا. خود مختياري ۽ مالياتي مسئلن ۾ ويڙهيل، معلومات جا ڊجيٽل طريقا جيڪي جينياتي وسيلن مان نڪتل ڊيٽا ڏانهن اشارو ڪن ٿا تن ڏانهن رسائي به ممڪن ڪري سگهجي ٿي، جنهن ۾ سياسي مامرا وڌيڪ اهم هوندا آهن، جنهن لاءِ سمجهوتي جي حل جي ضرورت پوي ٿي ته جيئن باقي ترقي ۾ رڪاوٽ نه اچي. عالمي ماحولياتي ڪانفرنسن کان اڳ ۾ ڪو اهڙو “ليڊر ليول ايونٽ” نه هو، جنهن ۾ اهڙن خسارن کي منهن ڏئي سگهجي. ان ڪري هاڻي اهو تمام ضروري آهي ته ڳالهين ۾ هڪ لچڪ پيدا ڪئي وڃي ۽ وزارتي عزم ۽ ارادن کي ڳالهين کان هٽائي هڪ خاص مينڊيٽ تائين پهچايو وڃي، جنهن کي عالمي سطح تي ڏسڻ جي ضرورت آهي ته جيئن نقصانن کي منهن ڏئي سگهجي، جنهن لاءِ سياسي ۽ سماجي سطح جي حاضري ۽ ان جي افاديت کي وڌائجي ۽ ھڪڙو مضبوط پيغام ڏنو وڃي ته فطرت جي حفاظت ۽ بحاليءَ لاءِ عمل کانسواءِ دنيا پيرس معاهدي تي پنھنجي وابستگي کي پورو ڪرڻ ۾ نااھل ٿي ويندي.
مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ منعقد ٿيل بين الاقوامي موسمياتي ڳالهين جو ستاويهون سيشن دنيا اندر موسمياتي تبديلين جي حل ڳولهڻ لاءِ هڪ وقتائتو قدم هو، جيڪو هڪ طئي ٿيل مقصدن، نتيجن، انديشن، اڳتي جي نتيجن ۽ عملن جي نمائندگي ڪري ٿو، جيڪو ٻوڏن سبب ٿيل نقصان تي هڪ تحقيقي رپورٽ تي ڪيل پيش رفت ۽ ايندڙ مشڪلاتن جي حل جي ڳولها به ڪري ٿو، اهڙيون گڏجاڻيون نه رڳو نقصانن جي گھٽتائي ۾ وقت سر مدد ڪن ٿيون، پر عملي قدم کڻڻ جي لاءِ دنيا کي سڌي راھ به ڏيکارين ٿيون. ان ڪري موسمياتي تبديلين سبب اهڙيون گڏجاڻيون ۽ موافقت جي ڳالهين جو دور هڪ زبردست احتياطي تدبيرون به ڏسي ٿو ۽ دنيا کي انهن تباهين جي ڪري اپاءَ وٺڻ جو ڏس به ڏئي ٿو ۽ متاثر غريب ملڪن کي راھ ڏسي ڏئي ٿو ته اهي هڪ تڪڙي منتقلي به ڪري ڏيکارين ته جيئن دنيا جا معاشرا ۽ معيشتون بچائي سگهجن. اهي سڀ تنبيهون اسان کي سيکارين ٿيون ته اسان ترقي يافتا هوندي تباهيءَ جا ذميورا به آهيون ۽ پنهنجي ترقيءَ جي تباهي پاڻ ڪري رهيا آهيون. ان ڪري ته جتي ترقي ڪري سگهجي ٿي اتي تباهين جي بچاءَ جي لاءِ وقتائتا اپاءَ به وٺي سگهجن ٿا، اتي موسمياتي تدبيرون ۽ تنبيهون به سمجهي سگهجن ٿيون. هاڻي جي دور ۾ موسمياتي تباهين سان معيشتون به جڙيل آهن، جيڪي سمجهائين ٿيون ته اسان انهن سڀني ترقين هوندي انهن مقصدن کان ڪيترو پري آهيون. ڇو ته جيڪي ترقيون ٿين ٿيون، اهي انهن موسمياتي ڏمرن جي ڪري تباھ به ٿي وڃن ٿيون ۽ انهن جي پائيداري تي سوال اٿن ٿا، ان ڪري ترقي سان گڏوگڏ نظام به بهتر ڪرڻا پوندا ۽ موسمياتي تبديلن جي سببن تي به ضابطو آڻڻو پوندو، اهي تنبيهون، موسمياتي ڏمر ۽ ٿيندڙ تباهيون اها ڳالھ سمجهائين ٿيون ته اسان جا معاشرا ۽ معيشتون انهن مقصدن کان پري آهن، ان ڪري موافقت واري ڳالھ ٻولھ جو نتيجو ان تضاداتي انتشار واري طاقتور دور جي عڪاسي ڪري ٿو، منتقلي جي ان افراتفري واري حقيقت سبب انهن سڀني ڄاتل سڃاتل ڍانچن ۾ تمام گهڻي تبديلين جي ضرورت آهي، جيڪي دنيا جي موجوده معيشت ۽ معاشرن کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڪن ٿيون، انهن وڏن معاشرتي ۽ معاشي ورهاڱن کي اجاگر ڪن ٿيون، جيڪي اسان کي ڏسين ٿيون ته اسان هڪ محفوظ مستقبل جي تعمير جي مقصدن کان اڃان ڪيترو پري آهيون.
شيخ الشرم ۾ ڳالهين جو اهو هڪ فيصلو ڪندڙ لمحو هجي ٿو جتي سياست ۽ سول سوسائٽي حڪومت جي فيصلن جي آجيان ڪري ٿي، جيتوڻيڪ رياستي ڌر جي موسمياتي عملن ۾ پيش رفت ۽ ڳالھ ٻولھ هڪ سستي وارو عمل آهي، پر غريب ملڪن جي تباهيءَ جا نتيجا عالمي اڳواڻن کي اهو ڏيکارڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿا ته اهي آبهوا جي ايجنڊا کي “ري سيٽ” ڪن ته جيئن ڳنڍيل بحرانن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ موثر عالمي رد عمل آڻي سگهجي ۽ ترقي يافتا دنيا وڌندڙ موسمي اثرن تي روشني وجهڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي. ان ڪري موسمياتي امدادن کي وڌائڻ، ڪاربان جي اخراج کي گهٽائڻ، ناموافقت کي منهن ڏيڻ ۽ نقصان لاءِ هڪ مناسب مقصد جي ترسيل لاءِ هڪ ميڪنزم جوڙڻ جي ضرورت آهي. تاريخي ڪاميابيون ۽ ناڪاميون هڪ خوفناڪ جيو پوليٽيڪل ذريعي هڪٻئي سان جڙيل آهن، ان ڪري اهڙن بحرانن جي لاءِ عمل کي تيز ڪرڻ ۽ سياسي عزم جي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان ڪري ترقي جو سڀ کان نمايان عنصر نقصانن جي لاءِ نئون فنڊ قائم ڪرڻ آهي، پر اهي عمل ۽ احتياط اڃان تائين فنڊن جي طريقن جي چوڌاري پيا ٿا ڦرن، جنهن لاءِ هڪ اڳڀرائي جي ضرورت آهي، جنهن جي لاءِ هڪ نئين فنڊنگ جي نظام جوڙڻ جي ضرورت آهي. ترقي يافتا ملڪن جي بيانن ۽ جيو پوليٽيڪل تناظرن جي پسمنظر ۾ غريب ملڪن جي ذهنن ۾ اهو هو ته اهي ملڪ اڃان موسمياتي اثرن، قرضن جي تڪليفن ۽ بين الاقوامي سياسي واعدن ۽ سکڻن نعرن تي ڀاڙيندا ايندا، جن جي عمل ۾ اڃان وقت لڳندو ته دنيا انساني بنيادن جي برابريءَ وارن اصولن تي عمل پيرا ٿئي.
ٻي نمايان ڳالھ جنهن ۾ بين الاقوامي مالياتي فنڊن جي ذريعي ملڪن جي تعميري ڍانچن کي سڌارن لاءِ مضبوط طريقا شامل آھن ته جيئن “بريٽن ووڊس سسٽم” جي روشني ۾ آبهوا جي خطرن ۽ ترقي جي مقصدن تحت بھتر ڪري سگهجي، ان ڪري بين الاقوامي اجلاسن جي ايجنڊائن، عنوانن جي بحثن ۽ ڪيل کوکلن واعدن کي ڇڏي هڪ عملي قدم کنيو وڃي. اها ٻي ڳالھ آهي ته ترقي يافته ملڪن جي اڳواڻن وٽ غريب ملڪن جي موسمياتي تباهين جا ثبوت تفصيلي رپوٽون گهٽ پهتل هيون (يا آهن) ان ڪري انهن به موسمياتي واعدن تي وفائيءَ جو مظاهرو گهٽ ڪيو ۽ مجموعي طور تي موسمياتي ايمرجنسي لاءِ ترقي يافتا ملڪن جو غير مناسب رويو به امڪاني طور تي ساڳيو هو، جيڪو نه نقصانن جو عڪاس بڻيو ۽ نه ئي نقصانن جو پورائو ڪري سگهيو، جيڪو بين الاقوامي موسمياتي سياست تي تعصباتي روين ۽ غلط سمجهوتن کي ظاهر ڪري ٿو. اتي هڪ حقيقي خطرو به آهي ته اهي گڏجاڻيون ڪوآپريٽو عملن ۾ اهڙيون رڪاوٽون جاري رکنديون، جيڪي ڪنهن حد تائين خطرناڪ به آهن، جيڪي غريب ملڪن جي ترقي کي روڪي ۽ رنڊائي سگهن ٿيون، جن تي ڪا به اڳڀرائي ممڪن ناهي. ان ڪري مسئلن کي منهن ڏيڻ جي رفتار کي وڌايو وڃي، انهن مسئلن جي امداد کي به وڌائڻ جي ضرورت کي تسليم ڪيو وڃي، ماحولياتي پاليسين جي شعبن ۾ هڪ منصفاڻي اقتصادي منتقلي کي بحال ڪيو وڃي، تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي ۽ بين القوامي ڀائيواريءَ کي وڌايو وڃي، آبهوا جي ايجنڊا کي زراعت جي وسيع ترين مسئلن جي حل ڪرڻ ۽ ماحولياتي نظام جي بحالي لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ جاپان جيG7 هندستان جي G20، ورلڊ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جي گڏجاڻين ۽ ڳالهين کي عملي جامو پارايو وڃي ته جيئن غريب ماڻهو موسمي اثرن جي ڏمرن کي مهل سان منهن ڏئي سگهن ۽ پنهنجا معاشرا ۽ معيشتون بچائي سگهن.
***