ايڊيٽوريلخاصنئون

بجيٽ- مالي سال 2024-25 اميدون ۽ امڪان

قومي اسيمبلي مالي سال 2024-25 جو وفاقي بجيٽ اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي. ملڪ جي صدر آصف علي زرداري فنانس بل تي صحيح به ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان جي مالي سال 2024-25 جي اها بجيٽ 18 هزار 887 ارب رپين جي آهي، جنهن ۾ ٽيڪسن جي ڀرمار پڻ آهي. هن بجيٽ ۾ اڳوڻن مالي سالن جي ڀيٽ ۾ 40 سيڪڙو وڌيڪ ٽيڪس هنيا ويا آهن. ٽيڪس جو ٽارگيٽ 12 هزار 970 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. ٽيڪس جي انهيءَ ڀرمار جي ڪري لڳي ٿو ته هڪ طرف مهانگائي وڌندي ۽ ٻئي طرف اجايو ٽيڪس ڀريندڙ ماڻهن ۾ بيچيني پيدا ٿيندي. اها حقيقت آهي ته موجوده بجيٽ ملڪ جي ڏکين مالي حالتن ۽ آءِ ايم ايف جي هدايتن هيٺ ٺهي آهي.
گذريل مالي سال ۾ اسين ڏيوالپڻي جي ڪنڌيءَ تي بيٺل هئاسين، اسان وٽ صرف ٻن هفتن جي ايڪسپورٽ جي برابر پرڏيهي ناڻو بچيو هو، ڪوششن سان اسين انهيءَ صورتحال مان نڪري وياسين. جڏهن ته سڀني کي ياد هوندو ته انهيءَ وقت پاڙيسري ملڪ سريلنڪا ڏيوالپڻي جو شڪار ٿيو هو. اسان جي معاشي ماهرن ڪوششون ڪيون، ملڪ جي عوام مهانگائي کي سٺو، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ساٿ ڏنو ته اسين مشڪل صورتحال مان ٻاهر نڪري وياسين. هلندڙ مالي سال ۾ جي ڊي پي جي واڌ ۾ وڏين صنعتن جو ساٿ گهٽ رهيو، زراعت جي شعبي سٺو ڪردار ادا ڪيو، لائيو اسٽاڪ به بهتر رهي. اسين اهو سمجهون ٿا ته زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ اهڙا شعبا آهن جيڪي اسان جي معيشت کي هلائي رهيا آهن. وفاقي وزير خزانا کولي ڳالهه ڪئي آهي ته زراعت اسان جي معيشت جو سڀ کان وڏو ۽ اهم شعبو آهي. هن دفعي سڀ فصل ڀلا ٿيا آهن، پر چانورن جي بمپر فصل جو وڏو حصو ايڪسپورٽ ڪري اسان ٻاهريون ناڻو ڪمايو آهي، جنهن جي اسان کي ضرورت آهي. انهيءَ سڀ هوندي به هيءَ بجيٽ ٻڌائي ٿي ته مالي سال 2024-25 به اسان لاءِ ڏکيو سال هوندو ۽ ملڪ جي صنعتي ۽ زرعي ترقيءَ لاءِ اسان کي بهتر رٿابندي ۽ وڌيڪ محنت جي ضرورت آهي ته جيئن اسان جون وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ماڻهن جي ڀلائي لاءِ سهولتون پيدا ڪري سگهن. بجيٽ جي اهم نقطن ۾ گريڊ 1 کان 16 جي سرڪاري ملازمن لاءِ پگهار ۾ 25 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي ۽ انهيءَ کان مٿين گريڊن ۾ 22 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي ۽ پينشن جي مد ۾ 15 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. هتي اسين اها ڳالهه به ڪندا هلون ته بجيٽ ۾ ۽ بجيٽ کان ڪافي عرصو پهرين هڪ مهم هلي رهي آهي ته پينشن ۾ اصلاحات ڪجن. اسين وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن تي اهو واضح ڪندا هلون ته پينشن سرڪاري ملازمن جو بنيادي حق آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ويندي يورپ کان وٺي لاطيني آمريڪا تائين پينشن سرڪاري ملازمن جو بنيادي حق سمجهي وئي آهي. برصغير ۾ انگريز راڄ کان وٺي جڏهن ملازمتن جا قاعده ۽ قانون مرتب ٿيا آهن تڏهن کان پينشن ڄڻ هڪ حق جي طور تي تسليم ٿيل آهي. اسين وفاق ۽ چئني صوبائي سرڪارن کي اهو واضح ٿا ڪريون ته پينشن جي حق کي اصلاحات جي هيرا ڦيرين جي حوالي نه ڪيو وڃي. هتي اسين ٽيڪس جي رقم 13 هزار ارب رپين جي ڳالهه ڪندا هلون ته لڳي ٿو ته سرڪار وري به ٽيڪس نافذ ڪرڻ ۽ وصول ڪرڻ جو آسان هدف رکيو آهي. ٿيڻ ايئن کپندو هو ته واپار، صنعت ۽ زراعت جي شعبن ۾ ٽيڪس جي دائري کي وسيع ڪيو وڃي ها تڏهن سرڪار هڪ دفعو وري ملازمن جي پگهار تي ٽيڪس ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. ملازمن جي پگهار جي هڪ حد اهڙي آهي جو انهيءَ تي رواجي ٽيڪسن سان گڏ هڪ نئون ٽيڪس مڙهيو ويو آهي، جنهن کي خزاني جي اختيارين “سپر ٽيڪس“ جو نالو ڏنو آهي. پگهار تي اهو 10 سيڪڙو “سپر ٽيڪس” انتهائي نامناسب آهي. پگهاردار ملازم اهو چون ٿا ته هو پنهنجي آمدني مان هاڻي هن وفاقي بجيٽ 2024-25 جي منظوري کانپوءِ 72 سيڪڙو تائين ٽيڪس ڀري رهيا آهن. دنيا ۾ اهو ڪٿي به ڪونهي ته توهان جي آمدني ۽ پورهئي جي پئسن جا ٽي حصا سرڪار رکي ڇڏي. 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس زيادتي آهي ۽ اسين انهيءَ کي واپس وٺڻ جي مطالبو ڪريون ٿا. سنڌ ۽ پنجاب جي صوبائي بجيٽ وفاقي بجيٽ جي انگن اکرن کي هڪ طرح اڳتي وٺي هلڻ جي ڪوشش آهي، پر انهيءَ سڀ جي باوجود اسين سمجهون ٿا ته اسان جي صوبي سنڌ جي بجيٽ ۾ ماڻهن لاءِ سهولت جا ڪجهه در کوليا ويا آهن. هميشه جيان صحت ۽ تعليم جي شعبي لاءِ نوان افق ڳوليا ويا آهن. خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته جنهن اسم تي سڀني کان وڌيڪ رقم رکي وئي آهي اها تعليم آهي. تعليم جي شعبي تي وڏي رقم رکڻ تي اسين سنڌ جي صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ سرڪار جي ان عمل کي سٺو سنئوڻ سمجهون ٿا، پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مخصوص ڪيل بجيٽ پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ ايمانداريءَ سان استعمال ڪيو ويندو ۽ هن ڀيري اميد آهي ته مختص ڪيل رقم ڪنهن به شعبي ۾ ليپس نه ٿيندي.
اسين ملڪ جي وزيراعظم ۽ وفاقي وزير خزانا سان گڏ چئني صوبائي وڏن وزيرن کي مشڪل معاشي سياسي چئلينجن ۾ متوازن بجيٽ پيش ڪرڻ تي جس ڏيون ٿا. خاص طور تي سنڌ جي صوبائي وزير مراد علي شاهه صاحب جي انهيءَ ڪوشش جي آجيان ڪريون ٿا ته انهيءَ اڄ جي جديد دور جي تقاضائن جي حساب سان تعليم جي اهميت کي سمجهيو آهي ۽ صوبائي بجيٽ ۾ تعليم لاءِ فنڊ کي اوليت ڏني آهي.
اسين اهو سمجهون ٿا ته جيڪڏهن حڪومت عام عوام کي بنيادي سهولتون ڏئي انهن جو معيار زندگي بهتر بڻائي ۽ تعليم، صحت، صنعت ۽ زرعي شعبي تي توجهه ڏئي ۽ سڄي پاڪستان ۾ ننڍن آبادگارن ۽ صنعتڪارن کي سهولتون ڏئي زراعت ۽ صنعت کي بهتر بنائڻ جا جديد پروگرام آندا وڃن ته ملڪ خوشحال ٿي سگهي ٿو، پوءِ ماڻهو به خوشيءَ سان ٽيڪس ڏيندا. اسين ملڪ جي ترقي ۽ عام ماڻهو جي زندگين ۾ سولائي لاءِ وفاقي سرڪار ۽ صوبائي سرڪارن مان پراميد آهيون.
***