“مان هڪ قبيلي جي سردار جي ڌي هئس جڏهن رومي سپاهين اسان جي وسندين تي حملو ڪيو ته اسان جي سڀني مردن کي ماري ڇڏيو ۽ عورتن سان ڏاڍائي ڪري غلام طور شهر ۾ وڪڻڻ شروع ڪيو. مان ڪنهن نموني جان بچائي ڀڄي نڪتيس ۽ شهر جي گهٽين ۾ رلڻ لڳيس. مان بُک ۾ بدحال ٿيڻ لڳيس جنهن کان به مدد ٿي گهريم ان مون مان جنسي باهه وسائڻ جي ڳالهه ٿي ڪئي. ڪيترن ڏينهن تائين بکئي پيٽ ڦرندي نيٺ هڪ ڏينهن تنهنجو پيءُ مليو ۽ مون کي عزت سان پنهنجي گهر وٺي آيو. مونکي ماني ملي، تن ڍڪڻ لا ڪپڙا مليا ۽ سر ڍڪڻ لا ڇت ملي. مون کي لڳو تنهنجي پيءُ کان وڌيڪ شريف ۽ نيڪ انسان پوري دنيا ۾ ٻيو ڪو به نه هوندو. پو هڪ رات هن مون کي ڇت تي گهرائي مون سان جنسي ڏاڍائي ڪئي. ايئن هو هر ٻئين ٽئين ڏينهن مون سان جنسي ڏاڍائي ڪرڻ لڳو. مون جڏهن هن کي چيو ته مان هن جي ڌي جي عمر جي آهيان ته هن مون کي وارن کان پڪڙي چيو تڏهن ئي ته هو مون تي مست ٿي پئي ٿو. هڪ ڏينهن هو مهمان خاني ۾ پنهنجن دوستن سان ويٺو هو جو مون کي شراب کڻي اچڻ جو چيائين، جڏهن مان هنن ڏانهن شراب کڻي ويس ته تنهنجي پيءُ دوستن سامهون مونکي اگهاڙي ٿيڻ جو حڪم ڏنو. مون وائڙن جيان هن کي ڏٺو ته هن سٽ ڏئي منهنجي تن تان ڪپڙا لاهي ڇڏيا. پو تنهنجي شريف پيءُ جا شريف دوست ڪيڏي مهل منهنجون ڇاتيون پٽڻ لڳا ته ڪيڏي مهل نازڪ عضوي ۾ چونڊڻيون هڻڻ لڳا. ان رات تنهنجي پيءُ سوڌو پنج شريف مردن منهنجي جسم کي رهنڊي پنهنجي جنسي باهه وسائي. هڪ ڀيري مون سان جنسي ڏاڍائي ڪندي تنهنجي پيءُ واتان تنهنجو نالو نڪري ويو هو. مان اهو ئي سوچيندي هئس ته هي غليظ همراهه ڪيڏو نه منافق آهي جو رات جو مون سان جنسي ڏاڍائي ڪندو آهي ۽ صبح جو شرافت جو لباس پائي پوري شهر ۾ پيو گهمندو آهي ۽ شهر وارن کي نيڪي جي تلقين ڪندو رهندو آهي. ڇا هن جو ضمير مري چڪو آهي. هڪ رات هو جڏهن مون سان جنسي ڏاڍائي ڪرڻ آيو ته مون هن جي سيني ۾ ڇرو کپائي ڇڏيو. تنهنجي پيءُ کان وڌيڪ بدڪردار ماڻهو مون پنهنجي پوري حياتي ۾ ڪونه ڏٺو. هو ته بس پنهنجي بدڪرداري شرافت جي لباس پٺيان لڪائي گهمندو هو.” ان همراهه جي ڌي سڏڪا ڀرڻ لڳي ۽ پو پنهنجي تن تان لباس لاهي ان اگهاڙي عورت مٿان رکي پاڻ ماڻهن جي وچان اگهاڙي هلندي سڏڪا ڀريندي وئي.