ڪهاڻيوننئون

پيءُ جي ڌيءَ سان ڳالهه ٻولهه (ڪهاڻي-حصو چوٿون)

“مان هڪ قبيلي جي سردار جي ڌي هئس جڏهن رومي سپاهين اسان جي وسندين تي حملو ڪيو ته اسان جي سڀني مردن کي ماري ڇڏيو ۽ عورتن سان ڏاڍائي ڪري غلام طور شهر ۾ وڪڻڻ شروع ڪيو. مان ڪنهن نموني جان بچائي ڀڄي نڪتيس ۽ شهر جي گهٽين ۾ رلڻ لڳيس. مان بُک ۾ بدحال ٿيڻ لڳيس جنهن کان به مدد ٿي گهريم ان مون مان جنسي باهه وسائڻ جي ڳالهه ٿي ڪئي. ڪيترن ڏينهن تائين بکئي پيٽ ڦرندي نيٺ هڪ ڏينهن تنهنجو پيءُ مليو ۽ مون کي عزت سان پنهنجي گهر وٺي آيو. مونکي ماني ملي، تن ڍڪڻ لا ڪپڙا مليا ۽ سر ڍڪڻ لا ڇت ملي. مون کي لڳو تنهنجي پيءُ کان وڌيڪ شريف ۽ نيڪ انسان پوري دنيا ۾ ٻيو ڪو به نه هوندو. پو هڪ رات هن مون کي ڇت تي گهرائي مون سان جنسي ڏاڍائي ڪئي. ايئن هو هر ٻئين ٽئين ڏينهن مون سان جنسي ڏاڍائي ڪرڻ لڳو. مون جڏهن هن کي چيو ته مان هن جي ڌي جي عمر جي آهيان ته هن مون کي وارن کان پڪڙي چيو تڏهن ئي ته هو مون تي مست ٿي پئي ٿو. هڪ ڏينهن هو مهمان خاني ۾ پنهنجن دوستن سان ويٺو هو جو مون کي شراب کڻي اچڻ جو چيائين، جڏهن مان هنن ڏانهن شراب کڻي ويس ته تنهنجي پيءُ دوستن سامهون مونکي اگهاڙي ٿيڻ جو حڪم ڏنو. مون وائڙن جيان هن کي ڏٺو ته هن سٽ ڏئي منهنجي تن تان ڪپڙا لاهي ڇڏيا. پو تنهنجي شريف پيءُ جا شريف دوست ڪيڏي مهل منهنجون ڇاتيون پٽڻ لڳا ته ڪيڏي مهل نازڪ عضوي ۾ چونڊڻيون هڻڻ لڳا. ان رات تنهنجي پيءُ سوڌو پنج شريف مردن منهنجي جسم کي رهنڊي پنهنجي جنسي باهه وسائي. هڪ ڀيري مون سان جنسي ڏاڍائي ڪندي تنهنجي پيءُ واتان تنهنجو نالو نڪري ويو هو. مان اهو ئي سوچيندي هئس ته هي غليظ همراهه ڪيڏو نه منافق آهي جو رات جو مون سان جنسي ڏاڍائي ڪندو آهي ۽ صبح جو شرافت جو لباس پائي پوري شهر ۾ پيو گهمندو آهي ۽ شهر وارن کي نيڪي جي تلقين ڪندو رهندو آهي. ڇا هن جو ضمير مري چڪو آهي. هڪ رات هو جڏهن مون سان جنسي ڏاڍائي ڪرڻ آيو ته مون هن جي سيني ۾ ڇرو کپائي ڇڏيو. تنهنجي پيءُ کان وڌيڪ بدڪردار ماڻهو مون پنهنجي پوري حياتي ۾ ڪونه ڏٺو. هو ته بس پنهنجي بدڪرداري شرافت جي لباس پٺيان لڪائي گهمندو هو.” ان همراهه جي ڌي سڏڪا ڀرڻ لڳي ۽ پو پنهنجي تن تان لباس لاهي ان اگهاڙي عورت مٿان رکي پاڻ ماڻهن جي وچان اگهاڙي هلندي سڏڪا ڀريندي وئي.
منهنجي پياري ڌي!
ان ڪري ڪنهن به شريف ماڻهو تي ڪڏهن به ڀروسو نه ڪجانءِ، پو ڀلي اهو منهنجو دوست يا ويجهو عزيز ئي ڇو نه هجي، اهي شريف ماڻهو ڳجهه جيان موقعو ملڻ تي تنهنجي جسم جي ٻوٽي ٻوٽي پٽي کائي ويندا ۽ وري سماج ڏوهي به توکي ئي سمجهندو جو اهي سماج ۾ شرافت جو لباس پائي گهمندا رهندا. ان ڪري جتي توکي ڪو شريف ماڻهو ملي ته ان کي هٿ جوڙي پري ڀڄي وڃجان.
هي منافق سماج تنهنجي عورت يا ڇوڪري هجڻ جي ڪري توکي هر وقت اهو احساس ڏياريندو رهندو ته توکي مرد جيان الڳ سان تخليق ڪرڻ بدران هن جي ئي پاسراٽي مان ڇڪي ڪڍيو ويو آهي انهي ڪري ڪنهن به صورت ۾ تون رُتبي ۾ مرد جي برابر نٿي ٿي سگهين ۽ توکي پنهنجو هر عمل مرد جي خواهش موجب ڪرڻو پوندو. هي منافق سماج توکي ڪڏهن به مردن جي برابر ڪونه سمجهندو. هي منافق سماج توکي سدائين ٻڌائيندو رهندو ته عورت مرد جي مخالف جنس آهي، پر مان عورت کي مرد جي مخالف جنس هجڻ بدران کيس مرد کان مختلف جنس سمجهان ٿو. “مخالف” قبيلائي ۽ پدر شاهي سوچ کي ظاهر ڪندڙ هڪ منفي لفظ آهي اهڙي سوچ جا ماڻهو مخالفن کي حقير، هيڻو ۽ نفرت جي قابل سمجهندا آهن، انهي ڪري اسان جي هن سماج ۾ عورت جي ڪابه حيثيت ۽ اهميت ڪونهي، پر مان سمجهان ٿو عورت نه حقير آهي، نه ئي وري هيڻي ۽ نه ڪو ئي وري نفرت جي قابل، هو رڳو مرد کان مختلف آهي. هن جي اندر پنهنجي هڪ الڳ ڪائنات آهي. هن منافق سماج لا تون برابر جو انسان هجڻ بدران ڪنهن وحشي مرد جي جنسي باهه وسائڻ وارو سامان هوندئينءَ. هي وحشي سماج هر وقت توکي اگهاڙو ڪرڻ جي خواهش ۾ رهندو. وک وک تي توکي اهڙا وحشي مرد ڪڏهن ڪنهن ليکڪ جي روپ ۾، ڪڏهن ڪنهن استاد جي روپ ۾، ڪڏهن مُلي، پير يا پنڊت جي روپ ۾ ته ڪڏهن وري ڪنهن دوست جي روپ ۾ ملندا، جنهن کي تنهنجي ڪپڙن جي چونڊ کان ويندي ڪتابن جي چونڊ تائين ۽ تنهنجي آزادي سان گهمڻ ڦرڻ تائين هر ڳالهه تي اعتراض هوندو. اهو وحشي مرد هر گهڙي توکي اهو احساس ڏياريندو رهندو ته تون هن منافق سماج جي کوکلين اخلاقي قدرن کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿي. تو جڏهن هن جي آڏو: ”منهنجو جسم منهنجي مرضي“ چوندئينءَ ته بلڪل انهيءَ وقت تون هن کي انسان مان هڪ وحشي درندو ٿيندي ڌسندئينءَ ۽ پو هو تنهنجي جسم سان گڏ تنهنجي روح کي به چيري ڦاڙي ڇڏيندو. جيڪڏهن تنهنجي سامهون ڪو اهڙو مرد اچي بيهي رهي ته هن کان ٺپ نه ڊڄجانءِ، هو ان ڪري تنهنجي سامهون آيو آهي جو هو ۽ هن جو هي منافق سماج توکان ڊنل آهن. ان وقت بنا ڪنهن خوف جي ان وحشي درندي جي اکين ۾ اکيون وجهي وڏي واڪي منٽو جا هي عظيم جملا ورجائيجانءِ:
”مان هن تهذيب ۽ تمدن ۽ سوسائٽي جو چولو ڇا لاهيندس جيڪا آهي ئي اگهاڙي. مان ان کي ڪپڙا به نه پارائيندو آهيان جو اهو منهنجو نه پر درزين جو ڪم آهي.“
منهنجي پياري ڌي!
هي ڏس رات جا 12 ٿي رهيا آهن ۽ هاڻي تون 16 هن سالن جي ٿي چڪي آهين. ان ڪري مان توکي پنهنجي حوالي سان هر ذميواري کان آزاد ڪريان ٿو. تون پنهنجي مرضي سان گذارڻ ۾ آزاد آهين. تون آزاد آهين ته پنهنجي خوشي لا مون کي ڇڏي وڃي. توتي ڪابه پابندي ڪونهي ته ڪو منهنجي خدمت لا پنهنجن احساسن ۽ ارمانن جي قرباني ڏيندي رهين.
منهنجي پياري ڌي!
مقدس ڪتابن ۾ اچي ٿو ته پيءُ جي گناهه جو حساب اولاد کان نه ورتو ويندو ۽ اولاد جي گناهن جو حساب پيءُ کان ڪونه ورتو ويندو. اسان سڀني کي هر عمل ڪرڻ جي مڪمل آزادي مليل آهي. ان ڪري ڪڏهن به اهو خيال پنهنجي ذهن ۾ نه آڻجانءِ ته ڪو تنهنجي ڪنهن عمل يا ڳالهه سان منهنجي عزت گهٽجي ويندي يا هي سماج مون کي بيغيرت سمجهندو. اسان جو هي سماج منافقي جي آخري حد تائين پهتل آهي. جيڪڏهن مان ڪنهن جوا جي اڏي تي ڪنهن موالي کان شرط هارائي ان جو قتل ڪري سڱ چٽي ۾ تنهنجي ٻانهن ڏئي ڇڏيان ته ڪير به مون کي ڪجهه ڪونه چوندو. ان سڱ چٽي ڀرڻ کانپو هن منافق سماج ۾ منهنجي عزت ۽ غيرت برقرار رهندي، تون ڄڻ منهنجي لا مري وئين تنهنجو اهو مڙس توسان ڀلي جانورن وارو سلوڪ ڪري، پر مون سميت هي سمورو سماج اکيون ٻوٽي ويٺو رهندو. هن واحيات سماج جي ڪن تي جونءِ به ڪانه چرندي. اهڙي نموني جيڪڏهن مان توکي ڪنهن ڇوڪري سان ڳالهائيندو ۽ کلندو ڏسي ڪهاڙين جا وار ڪري ماري وجهان ته هن منافق سماج لا تون ٿيندين ”ڪاري“ ۽ اهو منافق سماج مون کي وري ”غيرتي پٽ“ هجڻ جا اعزاز ۽ لقب ڏيندو. عورت کي ”غيرت“ جي نالي ۾ قتل ڪرڻ جو ڪڌو عمل رڳو اسان جي هن منافق سماج جي ميراث نه آهي. ٻيا سماج به اهڙا ڪارناما ڪندا رهيا آهن. ڪجهه وقت اڳ مون سلمان رشدي جو ناول “Fury”پڙهيو هو. ان جو مُک ڪردار پروفيسر ملڪ سولنڪا نالي هڪ همراهه هوندو آهي جيڪو نيو يارڪ ۾ اچي رهي ٿو. ان ڪردار جي پهرين زال ايلنور ماسٽرز شيڪسپئير جي ڊرامي ”اوٿيلو“ جي تشريح ڪندي مک ڪردار کي ٻڌائي ٿي ته: اوٿيلو کي ڊيسڊي مونا سان ڪڏهن پيار هو ئي ڪونه، ڊيسڊي مونا ته هن لا رڳو هڪ ”ٽرافي وائف“ هئي. جيڪڏهن کيس هن سان پيار هجي ها ته هن کي ڪڏهن به قتل نه ڪري ها، سو به ايتري پتڪڙي ثبوت تي! اوٿيلو جيڪو عرب غلام هو جنهن جو اصل نالو عطاءُالله ٿي سگهي ٿو جيڪو بگڙجي اوٿيلو ٿيو هوندو. هن لا ته ڊيسڊي مونا اڇي چمڙي وارن جي سماج ۾ هنن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيهڻ جو ثبوت هئي. اوٿيلو مسيحي سماج (جيڪو ڏوهه ۽ ڇوٽڪاري جي اصولن تي آڌاريل آهي) جو حصو هجڻ بدران مسلم سماج (جيڪو غيرت ۽ شرمساري جي اصولن تي آڌاريل آهي) جو حصو هو. ان ڪري ڊيسڊي مونا جو قتل (هن لا) غيرت جي نالي ۾ ڪيل قتل هو. ان لا هن جو ڏوهي هجڻ ضروري ڪونه هو. اوٿيلو جي غيرت ته هن جي پاڪدامني تي ڪيل سوال کي به برداشت نٿي ڪري سگهي. هن لا ته هن تي لڳل الزام ئي کوڙ هو. انهي ڪري هن کيس پنهنجي بيگناهي به ثابت ڪرڻ ڪونه ڏني، هن ته کيس ”بينيفٽ آف ڊائوٽ“ ڏيڻ جي لائق به ڪونه سمجهيو، نه ڪوئي وري هن کي معاف ڪيو. اوٿيلو کي رڳو پاڻ سان ئي پيار هو. هن کي پنهنجي عاشق هجڻ ۽ اڳواڻ هجڻ سان پيار هو.
هن منافق سماج جي ڪن تي تڏهن به جون ڪونه چرندي آهي جڏهن ڪو پيءُ پنهنجي ڌي کي رڳو ان ڪري ڪتاب پڙهڻ نه ڏيندو آهي جو کيس اهو ڀئو هوندو آهي ته ڪتاب پڙهڻ کانپو سندس ڌي گهران ڀڄي وڃي هن جي غيرت ۽ عزت کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيندي. هي ته اهو منافق سماج آهي جنهن ۾ جيڪڏهن ڪا عورت رات جو اڪيلي گهران نڪرندي آهي ۽ هن سان جنسي ڏاڍائي ٿي ويندي آهي ته منافق سماج هڪدم اهو چوڻ شروع ٿي ويندو آهي ته آخر هو رات جي ان وقت گهران نڪتي ئي ڇو؟ سمورو ڏوهه ان مائي جو ئي آهي، شريف عورتون به ڀلا رات جو گهران اڪيليون نڪرنديون آهن ڇا؟ 21 هين صدي ۾ اسان جو سماج اهو ڄٽ آهي جنهن کي ٿورو گهڻو پڙهڻ لکڻ اچي ٿو، تهذيب ته اسان کان ايتري پري آهي جيترو هن ڌرتي کان چنڊ پري آهي.