رات جا ٽي وڳا هئا، اونداهي پنهنجي پوري دهشت سان ڳوٺ کي وڪوڙي ويٺي هئي، پر ان اونداهي کان به وڌيڪ ڀيانڪ منظر انسانن جي روپ ۾ بيٺل درندن جو هو. روبينا چانڊيو هڪ نازڪ، بي قصور ناري پنهنجي ئي رت جي رشتن جي وچ ۾ بيٺي هئي، پر ايتري اڪيلي، ڄڻ دنيا ۾ سندس ڪو به ناهي. هوءَ روئي رهي هئي، قرآن جا واسطا ڏئي رهي هئي، پنهنجي بيگناهيءَ جون صدائون ڪري رهي هئي. اها ئي روبينا، جيڪا ٻاراتڻ ۾ انهن ئي مامن جي گود ۾ کيڏي هئي، جن جي ڀاڪر ۾ هن پاڻ کي محفوظ سمجهيو هو، اڄ انهن ئي، کيس ٻانهن مان جهلي بي رحميءَ سان سيني ۾ سڌيون گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. اهو منظر رڳو قتل نه هو، اهو اعتماد جو قتل هو، رشتن جي تقدس جو قتل هو، انسانيت جي بي رحماڻي جنازي جهڙو لمحو هو. بي حسيءَ جي انتها ته اها به ٻڌڻ ۾ آئي آهي ته مقتولا کي بنا غسل ۽ ڪفن جي دفن ڪيو ويو، ڄڻ هوءَ انسان نه، پر ڪو بي نالو وجود هئي، جنهن جي عزت، حرمت ۽ آخري رسمن جو به ڪو حق نه رهيو هو.
هي واقعو رڳو هڪ ڪهاڻي ناهي، هيءَ اسان جي سماج جي زنده حقيقت آهي ۽ افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اهڙيون ڪهاڻيون هاڻي هڪ خطرناڪ سلسلو بڻجي چڪيون آهن. خيرپورميرس ۾ 18 ورهين جي انيلا کي سندس مامن ڪاري قرار ڏئي ماري ڇڏيو، لاڙڪاڻي ۾ ثمينه بروهي پنهنجي ئي مڙس رياض بروهي جي هٿان قتل ٿي وئي، گھوٽڪي ۾ رضيه نالي نوجوان نياڻي کي سندس سھري ڀورل ڇڇر ماري ڇڏيو، جيڪب آباد ۾ صرف 16 ورهين جي گل بانو کي پنهنجي ئي پيءُ ڪاري ڪري قتل ڪيو، قمبر شهدادڪوٽ ۾ 24 ورهين جي زليخان کي به بيدرديءَ سان زندگيءَ کان محروم ڪيو ويو. اهي صرف نالا ناهن، اهي هر هڪ هڪڙي ڪائنات هئي، خواب هئا، اميدون هيون، جيڪي بي رحميءَ سان ختم ڪيون ويون. مختلف رپورٽن موجب رڳو سال 2025 دوران سنڌ ۾ 128 عورتن کي ڪارو ڪاري جي نالي تي قتل ڪيو ويو، جن ۾ دادو، خيرپور ۽ گھوٽڪي سرفهرست رهيا. هي انگ اسان جي سماج جي بي حسيءَ جو ثبوت آهن، جتي عورت جي زندگي اڃان به محفوظ ناهي.
ان کان علاوه ڪيترين ئي نياڻين سان ٻيا ظلم به جاري آهن، ڪنهن جو مذهب جبري طور تبديل ڪيو وڃي ٿو ته ڪنهن کي هيومن ٽريفڪنگ جي بازارن ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو. عورت اڄ به پنهنجي وجود جي بقا لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. راڻيپور ۾ معصوم فاطمه جي واقعي ته انسانيت کي لوڏي ڇڏيو ھو، جتي هڪ ننڍڙي ٻارڙي، جنهن جي عمر اڃان راند ڪرڻ جي هئي، کيس بااثر ڌرين طرفان حويلي اندر تشدد ڪري قتل ڪيو ويو، اهو واقعو رڳو هڪ ڏوهه نه، پر طاقت جي بي لغام استعمال جو چٽو مثال ھو. هاڻي سوال رڳو ڳوٺن ۽ جرڳن تائين محدود ناهي رهيو، اهو اسان جي ادارن جي ديوارن اندر به داخل ٿي چڪو آهي، جتي اميد، تعليم ۽ محفوظ مستقبل جا خواب پوکيا وڃن ٿا، اتي هاڻي خوف، دٻاءُ ۽ خاموشيون وڌي رهيون آهن، شاگردياڻيون، جيڪي علم حاصل ڪرڻ لاءِ گهرن مان نڪرن ٿيون، ڪيترين ئي صورتن ۾ ذهني اذيت، دٻاءُ ۽ اڻ ڏٺل ظلمن کي منهن ڏين ٿيون.
ڊاڪٽر فهميده لغاري جو تازو واقعو به انهيءَ تلخ حقيقت ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جتي وارث الزام لڳائين ٿا ته کيس مسلسل ذهني هراس ۽ دٻاءُ هيٺ رکيو ويو، سوال اهو ناهي ته هڪ شاگردياڻي آتم هتيا ڇو ڪئي!؟ پر اصل سوال اهو آهي ته اهڙيون حالتون ڇو پيدا ٿين ٿيون، جتي زندگي ئي بوجهه بڻجي وڃي؟ ان کان اڳ به ڪيترائي اهڙا واقعا سامهون اچي چڪا آهن، جتي نوجوان نياڻين جي موت کي بنا گهري جاچ جي خودڪشي قرار ڏئي معاملا بند ڪيا ويا. ڇا هر ڀيري حقيقت ايتري سادي هوندي آهي يا اسان ڄاڻي واڻي سچ کان اکيون چوري ڪري رهيا آهيون؟ هي صرف فردن جا واقعا ناهن، پر هڪ وڏي بيماريءَ جون نشانيون آهن، اهڙو نظام جتي ميرٽ ڪمزور ٿئي، انصاف سست هجي ۽ مظلوم جي آواز کي دٻايو وڃي، جڏهن ادارا پاڻ سوال بڻجي وڃن، تڏهن شاگردن جو مستقبل ڪهڙي بنياد تي محفوظ رهي سگهي ٿو؟
سوال اڃان به ساڳيو بيٺو آهي، جڏهن پوليس جيڪا تحفظ جي علامت هجڻ گهرجي، سا يا ته خاموش تماشائي بڻيل هجي يا پاڻ ئي الزام هيٺ هجي ته پوءِ عام ماڻهو ڪهڙي اميد سان ڪنهن مظلوم جي مدد ڪري؟ جڏهن انصاف خريد ڪرڻو پوي ۽ اهو به غريب کي پنهنجون ٻڪريون وڪڻي، افسوس جو مقام اھو آھي ته سفاڪ قاتلن تي ايف آءِ آر لاءِ معصوم روبينا جي پيءُ کان ٻه لک رشوت طلب ڪئي وئي ته پوءِ اهڙي نظام کي انصاف ڪيئن سڏجي؟ سنڌ ۾ ڪاروڪاري جهڙي رسم اڄ به جيئري هجڻ، اسان سڀني لاءِ شرم جو مقام آهي، اهو رڳو عورتن خلاف تشدد نه، پر انساني وقار جي بي رحماڻي تذليل آهي. هر اهڙو واقعو اسان جي گڏيل ضمير تي هڪ زخم آهي. ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته قانون کي صرف لفظن مان ڪڍي عمل ۾ آندو وڃي ۽ انهن سڀني کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، جيڪي اهڙن ظلمن جا ذميوار آهن، چاهي اهي قاتل هجن، ساٿ ڏيندڙ هجن!