سنڌ جي ثقافت جو اڀياس
جڏهن ثقافت جو ذڪر ڪجي ٿو ته ان لاءِ ڪيترن ئي انگن ۽ اسمن کي ذهن ۾ رکڻو پوي ٿو. انگن ۽ اسمن جي اڀياس کانسواءِ ثقافت جي مفهوم کي سمجهي نٿو سگهجي. ثقافت ڪو ننڍو موضوع ناهي جنهن لاءِ ڪي چند جملا لکي جان آجي ڪجي، پر ثقافت جون پاڙون هر ڌرتي جي اندر اونهيون کتل هونديون آهن، ان ڪري ان جو مقصد، مطلب ۽ مفهوم به ايترو ئي وسيع آهي. اسان جي موضوع جو اڀياس ۽ تعارف هن طرح آهي جنهن بابت سنڌ جي عالمن، اديبن، شاعرن، مؤرخن، لغت نويسن، آثار قديمه جي ماهرن توڙي ديني بزرگن، لفظ ثقافت جي وضاحت ڪئي آهي تن کي هت هيٺ شامل ڪريون ٿا:
ثقافت جي لغوي معنيٰ:
ثقافت لفظ بابت سنڌي، عربي، اردو ۽ انگريزيءَ جي لغتن ۾ وضاحت ڪئي وئي آهي. “لفظ ثقافت جي لغوي معنيٰ آهي: “پوکڻ”Cultivate يا سينگارڻ. هيءَ عربي زبان جو لفظ آهي، جو “ثقف” مان نڪتل آهي. هن جو مطلب آهي: تعليم يافته هجڻ يا ذهين هجڻ.”
عربي زبان ۾، ثقف عقله، جو مطلب آهي: “ذهن جي تربيت ڪرڻ” ۽ انگريزي زبان ۾ ان جو مطلب ٿيندو:To Cultivate once mind العجم الاعظم، “عربي اردو لغات” جو مصنف ثقافت جو بنياد، ثقف، وثقفا وثقافه، ٻڌائي ٿو، جنهن جي معنيٰ آهي: تيز فهم هجڻ، عقل وارو هجڻ، داناءَ، يا ڪنهن فن ۾ ماهر هجڻ.” (1)
اردو لغت ۾ هن لفظ جي وضاحت هن طرح ڪيل آهي: “ثقف=ٿَقافَت، عربي زبان ۾ ثلاثي مجرد ڪَي باب سَي مشتق اسم هَي اردو ۾ عربي سَي ماخوذ هَي اور اصلي حالت ۾ هِي بطور اسم مستعمل هَي 1976ع ۾ “همارَي قومي ثقافت” ۾ مستعمل ملتا هَي”
اسم نکره (مؤنث _ واحد) جمع: ثَقافَتين ]ثَقا + فَتين (يائَي لين)[ جمع غير ندائِي: ثَقافَتون ]ثَقا + فَتون (واؤ مجهول)[.”
ڪنهن قوم يا گروھ جو تعلق انسانن جي تهذيب جي اعليٰ مظهر کي ظاهر ڪندو آهي جيڪو ان جي مذهب، نظام اخلاق، علم ۽ ادب ۽ فن ۾ نظر ايندو آهي، لفظ “ثقافت جي ايجاد پوين ويهن سالن ۾ ٿي آهي. مان ثقافت جي جاءِ تي پراڻو لفظ تهذيب استعمال ڪريان ٿو.” (2) فيروز لغات ۾ هن لفظ جي وضاحت هن طرح ڪيل آهي: “ثَقافَت (ع _ و _ مث) ڪنهن طبقي جي تهذيب_تمدن_ڪلچر.” (3)
Culture (n) “ثقافت، سڀيتا، تهذيب، تمدن 1_ٻيجارو پوکڻ جو عمل-2_ تيار ٿيل مادي ۾ جراثيم وغيره جي اوسر 3 _ ذهن، لڇڻن وغيره جو سڌارو 4 _ خاص سکيا يا سنڀال ذريعي ترقي يا سڌارو 5 _ ڪنهن قوم جي مخصوص دور ۾ مهارت، فن وغيره، سڀيتا يا تهذيبturned, _ turning vt سڌارڻ، سنوارڻthe two cultures مراد علم ۽ فن (سائنس ۽ آرٽ).” (4)
اسان جڏهن سنڌ جي ثقافت جو ذڪر ڪريون ٿا ته اُن لاءِ سنڌ جي جاگرافيائي حالت کي به سمجهڻو پوندو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي مقالي “سنڌ هڪ تاريخي پس منظر” ۾ لکي ٿو ته: “سنڌ تي اهو نالو منجهانئس وهندڙ ندي “سنڌ” جي نالي پٺيان پيو آهي. اتر کان ڏاکڻي ڇيڙي تائين، سنڌ واري سموري ايراضي ٽن لاڳيتن پٽن ۾ ورهايل آهي. وچ وارو ذرخيز ريٽائون ميدان، جنهن کي سنڌو نديءَ جي ڊگهي وراڪيدار روپي ليڪ ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي ٿي. ان جي سڄي پاسي، اولھ ۾، ڪوهستان جي جبلن جون قطارون ۽ کاٻي پاسي، اوڀر ۾ ريگستان جي واريءَ جون ڀٽون آهن.” (5)
سنڌ جي ثقافت قديم آهي، ايتري قديم جيتري سنڌ يعني اسان پنهنجي سنڌ جي تاريخ جي ابتدا موهن جي دڙي جي تهذيب کان ڪندا آهيون. “سنڌو جي “مئن جي دڙي” واري قديم تهذيب “هند” جي پراڻي تهذيب کان الڳ ۽ آراڌي ۽ “اڻ آريه تهذيب” هئي، جيڪا بابل جي اوائلي بادشاهت جي پوئين حصي واري تهذيب جهڙي ۽ ان جي همعصر هئي. سنڌو ماٿريءَ جي پنهنجي مستقل تهذيب ۽ ثقافت سببان ئي آڳاٽي وقت کان وٺي هن برصغير کي “سنڌ” ۽ “هند” جي تقسيم سان ياد ڪيو.” (6) مطلب ته، وادي سنڌ جي تهذيب موهن جي دڙي کان شروع ٿئي ٿي ۽ اهو سفر 2020ع تائين جاري ساري آهي. سنڌ جا قديم شهر، ڳوٺ، واهڻ ۽ وستيون، سنڌ جي ثقافت جا اهم مرڪز آهن. جيڪڏهن سنڌ جي ثقافت جا پيرا کڻڻا پوندا ته، اسان کي سنڌ جي قديم ڪوٽن، قلعن، دڙن، ڀڙن، مسجدن، مندرن، گردوارن جي ساخت کي به ڏسڻو پوندو ۽ قبرستانن ۽ قُبَنَ جي خطاطي جي فن کي جاچڻو پوندو. سنڌ جي رسمن ريتن، ماڻهن جي مرڻن پرڻن ۽ عيدن برادن، هولي ۽ ڏياري، ميلن ۽ ملاکڙن، لوڪ ڪچهرين ۽ سازن ۽ سرندن کي به سمجهڻو پوندو، تڏهن ئي اسان کي سنڌ جي ثقافت جو صحيح ڏس پتو ملندو. ٻئي طرف درياھ جي ٻيٽن، دنڍن ۽ ڍورن، جنگين جي اوزارن، پوکي ۽ راهي جي طريقن ۽ آبپاشيءَ جي قديم ۽ جديد نظام جو اڀياس ئي اسان جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. جهڙيءَ طرح سنڌ قدامت جي لحاظ کان قديم آهي، تهڙي طرح، سنڌ جي ثقافت قديم آهي. موهن جي دڙي مان نڪتل رانديڪا، مهرون، اروڙ جو قلعو، ڪوٽ ڏجيءَ جو قلعو، شاھ جهان مسجد ٺٽو، مرزا عيسيٰ خان ترخان، تورڪيءَ جو تاريخي قبرستان، ميان جا قبا. سنڌ ۾ هندن جا تاريخي ۽ مذهبي ورثا، شمشان گهاٽ ڪراچي، گرو مندر ڪراچي، رتنا شور مها ديو مندر ڪلفٽن ڪراچي، لال جي ڪُٽيا گڏاپ، اڏيرو لعل، شري سکڌام مندر حيدرآباد، ماتا مول واري مول شريف ڄامشورو ۽ سنڌ جي شهرن ڳوٺن ۾، مندر، منڊليون، مڙهيون به عبادتگاهون آهن، اتي مذهبي ثقافتي رنگ نظر اچن ٿا. جتي ڀڳتي ۽ پوڄا پاٽ ميلا ۽ ست سنگ پڻ ڪرايا ويندا آهن. اهڙي طرح سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قديم دور جي مندرن جا ڄار وڇايا پيا آهن.
“سنڌ سچ پچ ته ايشيا ۾ برصغير پاڪستان جو هڪ وڏو تهذيبي صوبو آهي. مغريبين جيڪا هن وقت ترقي ڪئي آهي تن جا استاد مشرقي هئا. دنيا ۾ جيترا به مذهب آهن سي مشرق مان نڪتل آهن. سنڌ به هڪڙو مشرقي ملڪ آهي. جنهن جو تمدن تاريخ جي زماني کان اڳ نينوا، ايشيا، بابل، ميهفش، ٽيبس ۽ صور (ٽائري) سان ڪلهو هڻندو هو. واپار ۽ صنعت ڪري بين الاقوامي حيثيت رکندڙ هو. سندس تمدن خاموش دڙن هيٺيان پوريل هو ۽ اهي دڙا مهراڻ جي ساڄي ۽ کاٻي پاسن تي جابجا آهن. اهي ويران دڙا جن ۾ عهد ماضي جا يادگار پوريل آهن، ايتري قدر پُر معنيٰ آهن جو انهن پوشيده اسرارن جي ظاهر ٿيڻ کانپوءِ دنيا کي تسليم ڪرڻو پوندو ته هيءَ خوش نصيب وادي تمدن جو گهوارو هئي.” (7) رحيمداد خان مولائي شيدائي، سنڌ جي ثقافتي تاريخ کي پنهنجي ڪتاب “تاريخ تمدن سنڌ” ۾، سنڌ جي ثقافت کي جهڙي طرح ڪيترن ئي مثالن، دليلن ۽ تاريخ جي روشني ۾ اجاگر ڪيو آهي سو ڪم نهايت ئي قابِل غور آهي ۽ هن ڪتاب ۾ ذڪر هيٺ آيل هڪ هڪ شيءِ جو هر سنڌ جو پڙهيل ڪڙهيل ماڻهو مطالعو ڪري، سنڌ جي قيمتي ورثي بابت قيمتي معلومات حاصل ڪري ثقافت جي اصل مقصد کان آگاھ ٿئي. هن ڪتاب جو پهريون حصو ستن بابن تي مشتمل آهي جنهن ۾، هن هر لحاظ کان جهڙي طرح موضوعن جي چونڊ ڪري ثقافت کي اجاگر ڪيو آهي تن ۾ اول يونانين جي ڪاهن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان کانپوءِ مهراڻ واريون حڪومتون، … سنڌ جي مذهبي حالت، حڪومتي نظام ۽ سنڌين جي حالت کان ويندي سنڌين جي قد ۽ رنگ روپ کان ويندي سندن واپار تائين جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه سنڌ ۾ ڌرمي حالت، عيسائي مذهب، ٻڌ مت، جوتش ۽ رمل ۽ علم ادب بابت ذڪر، سنڌ جي ثقافت جي بنيادي ڄاڻ فراهم ڪئي آهي. زالن ۽ مردن جا درجا ۽ علمي ادبي حالت ۾ انتهائي ڪمال جي معلومات ڏني وئي آهي. “دنيا جي متمدن قومن جي تاريخ، تهذيب، رسم ۽ رواج، هئيت ۽ سماج، جسماني ۽ دماغي ترقين، معاشرت جي مدارج، صنعت ۽ حرفت، اعتقادن ۽ جغرافيائي حيثيت کي نروار ڪرڻ ئي ثقافت آهي.” (8) سنڌ جي ثقافت کي سمجهائڻ لاءِ ڪيترن ئي عالمن هن خطي ۾ خاص دلچسپي ورتي آهي ڇاڪاڻ جو هي خطو هر لحاط هڪ عظيم ۽ دل کي لڀائيندڙ ۽ پاڻ ڏانهن ڇڪائيندڙ ڌرتيءَ جو هڪ اهڙو ٽڪرو آهي، هتي قدرت واري هزارين رنگ ڀريا آهن. “سنڌ، صدين کان هنر ۽ هنرمندن جي سر زمين رهي آهي. هتي جي آباد ماڻهن پنهنجي فطري ماحول ۽ رهڻي ڪهڻي موجب، هنر جي دنيا کي فن جو مقام ڏنو آهي. موئن جي دڙي جا آثار هجن يا ڪوٽڏيجي قلعو، انهن مڙني ماڳن کي سنڌ جي سون سريڪن هٿڙن سينگاريو ۽ سنواريو آهي. اجهل سنڌو جي ڪنارن جا گجگاھ ٻيلا هجن يا منڇر جهڙا پاڻي جا ذخيرا، انسان انهن جي حسن کي پنهنجي اک جي معيار سان پرکيو ۽ ان ۾ وڌيڪ سونهن پيدا ڪئي.” (9) سنڌ پنهنجي ماضي ۾، هڪ شاندار ثقافت جي مالڪ هئي، اهو ماضي اسان کي حال جي حقيقت کان آگاھ ڪندو، پر اُن کي وقت به وقت پچارڻ ياد ڪرڻ سان ئي ايندڙ نسلن تائين منتقل ٿيندو ته، اسان جو ماضي ڇا هو ۽ هن وقت ڇا ڪرڻو ۽ ڪيئن ڪرڻو آهي؟ ته، جيئن دنيا وارن جو ڌيان اسان ڏانهن ڇڪجي اچي. اسان ماضي جي علمي ۽ ادبي، سماجي، سياسي ۽ مذهبي ڳالهين کي هڪ نئين سوچ ويچار سان اڳتي وڌائي پنهنجي معاشري ۾ نئين اڏاوت ڪريون جيڪي اڳ واريون ڳالهيون، هنر ۽ فن اسان جي ثقافت جي ڪمال درجي واريون خصوصيتون آهن ۽ سماجي قدر اهميت وارا محسوس ٿين ٿا، تن ۾، نواڻ به اچي وڃي، جنهن ۾، اسان پنهنجي حصي جو ڪم ڏيکاريون جيڪو ڪم اسان جي زيب ۽ زينت جو اضافو هجي. جيڪو ماضي ۾ اوج هو ان بابت عبدالحميد آخوند لکي ٿو ته: “اصل جي جاءِ تي “نقل” نمايان ٿيندو پيو وڃي. مٿان شهري زندگيءَ جي “فيشن” اهڙين شين جي کپت ۾ واڌارو آندو آهي. هنرن جا نالا ئي بدلجي ويا آهن، “ٻانڌڻي” جو اڄ مشهور نالو “چنري” ٿي ويو آهي. تيلي اجرڪ جو واهپو گهٽجي ويو آهي، ان جي جاءِ تي “صابڻي اجرڪ” عام آهي، انهيءَ کان اڳتي “اسڪرين پرنٽنگ وارو اجرڪ نما پوتڙو، مردن توڙي عورتن جي ڳچيءَ جو ڳارو بڻجي ويو آهي. “ٺٽي” جون “لونگيون” جڳ _ مشهور هيون ۽ اڄ کان اٽڪل چاليھ پنجاھ سال اڳ، ٺٽي ۾ لونگين جا ٻه مشهور قسم، “کٽڻهار” ۽ “دلپسند” تيار ٿيندا هئا، جن مان وري ٻيا ست قسم جڙندا هئا. اهي لونگيون مٿير مڙسن جون پڳون ٿينديون هيون، اهڙيون لونگيون مشينن تي ٺهي، گهرن ۾ پردن طور استعمال ٿيڻ لڳيون، جن ۾ نه “ڪلابات” نه “بادلو” نصرپور جا روايتي “بلبل چشم”، “ٻليءَ ٻوٿو”، “چمن گل”، “ٽڪي گل”، “پنج گلو”، “پٻڻ يا پاٻوڙو”، “ٻه گلو”، “چورنگو” ۽ “چؤمنڌيئڙو” اڄ خواب ٿي ويا، اهي آڏاڻا اجڙي ويا ۽ آتڻ اجهامي ويا. سنڌ جو اهو زوال ڇرڪائيندڙ آهي.” (10) مطلب ته، هن وقت سنڌ جا هنرمند ڪاريگر ۽ انهن جو نسل آهستي آهستي گم ٿيندو ٿو وڃي ۽ نئين دور ۾ نين مشينن پنهنجي جاءِ والاري آهي ۽ نواڻ جي آجيان به ضرور ڪجي نه ته دنيا جي ترقيءَ واري ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي وينداسين. هن ڌرتيءَ تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان سنڌ جي ترقي کي سلهاڙي اڳتي وڌائجي ته، چڱو ٿيندو. پراڻي دور ۾ هنر ۽ حرفت لاءِ جهڙوڪ: ڪپھ، لاک، ڪاٺ، نير، چمڙو، لوھ، چونو، چيرولي، لوڻ ۽ جانور قديم دور کان آهن، پر انهن کان جلد ۽ تڪڙو ۽ پائيدار فائدو حاصل ڪجي. اڳي کوھ کوٽي آبادي ڪبي هئي ۽ زمين جي سنوت لاءِ ڪوڏرن، چنجورن، ڏاندن ذريعي پوک ۽ کيڙ ڪبي هئي ۽ ڳاھ ڳاهبا هئا. هن وقت جديد مشينون آهن جيڪي پوکي راهي کان ويندي ان تيار ڪرڻ تائين مددگار آهن ۽ پيداوار به گهڻي آهي. اُهي ويجهڙ ماضيءَ جي دور جي هر پاڃارين کان ويندي ڪاٺ جي ٺهيل نار ۽ هرلن جي ضرورت نه رهي آهي. پراڻي دور ۾ چمڙي مان ڪي بوٽ ٺهندا هئا جيڪي ايترا سڪون ڏيندڙ نه هئا، پر تنهن هوندي به، ماڻهن جي مزاج مطابق هئا، ته ٻئي طرف دنيا چمڙي جي گهٽتائي جي ڪري وري ان جو بدل وري ريگزين اچي چڪي آهي جنهن مان ڪپڙو ۽ ٻيو سامان ٺهي رهيو آهي. قديم دور ۾، چاڏي، ڪپا، گلاس، ماٽي، اکري، ڪونڊو، دلا ۽ ڍڪڻ، ڪونرا، ڪونر ۽ اٽي ڳوهڻ لاءِ پاٽ ۽ شادي خير خيرات لاءِ پاٽوڙا وغيره مٽيءَ مان ٺاهيا ويندا هئا جن ۾، هن وقت تبديلي اچي وئي ڊنر سيٽ ڀلا ايجاد ٿي نمونن نمونن جا اچي ويا آهن. سٽ جي تياري کان ويندي رڱاوت، آڏاڻا ۽ گلڪاريءَ وارو ڪم به تبديل ٿي چڪو آهي. سونارڪي ڌنڌي ۾ تبديلي اچي چڪي آهي ڳچي، هٿ، آڱرين، ڪنن ۽ نڪ جي سون جو نمونو مٽجي چڪو آهي. سنڌ جي علم وادب ۽ تاريخ جي مطالعي کان سواءِ سنڌي ثقافت کي سمجهڻ ناممڪن آهي، ان لاءِ اسان کي سنڌ جي قديم آثارن ڏانهن به نهارڻو پوندو. انهيءَ لاءِ سڀ کان پهريان موهن جي دڙي، سيوهڻ جي قلعي، حيدرآباد جي قلعي، بکر، ڪوٽ ٻاروچي، دليل ڪوٽ، سڌوجن جي ڪوٽ، عمرڪوٽ، رني ڪوٽ ۽ آمري جي قبرستان، منصوره، وينجهري ۽ محفوظه جي ساخت تي نگاھ وجهڻي پوندي. ڇاڪاڻ جو انهن آثارن ۽ اهڃاڻن کان سواءِ نه سنڌ جي تاريخ ۽ نه ئي ادب ۽ نه ئي ثقافت سمجھ ۾ ايندي. ثقافت مان مراد آهي اسان جي ڏاهپ سمجهڻ سو ان لاءِ اسان کي سنڌ جي ثقافت جون پڪيون پختيون پاڙون ڳولي لهڻيون آهن ته، هن سون ورني ڌرتيءَ جي اونهائي ۾ جهاتي پائڻي آهي. جنهن کان پوءِ هن ڌرتيءَ جو طبعي حسن اسان کي ٻڌائيندو ته، هي ڌرتي سنڌ جي ثقافت ۾ ڪيتري شاهوڪار رهي آهي. سنڌ جا سمورا ڀاڱا جن کي ماهرن پنجن حصن ۾ ورهايو آهي: “سرو، وچولو، لاڙ، ريگستان ۽ ڪوهستان” (11) تن جو مشاهدو ۽ مطالعو ڪرڻو پوندو ۽ ان کانپوءِ سنڌو نديءَ جا پراڻا وهڪرا ۽ انهن جا گس پيچرا، واھ، سنڌو درياءَ جا بند، پتڻ ۽ وهڪرا، ساحل جا ٻيٽ، نارا ۽ ڍورا، نئيون ۽ نديون، موسمن ۽ پوکن کي نظر ۾ رکڻو پوندو ۽ ماضي ۽ حال جي حقيقت جا ڪي قصا ۽ روايتون ۽ سنڌ جون پوکون، ميوا ۽ باغات، ٻيلا، وڻ ٽڻ، ٻوٽا ۽ وليون، معدني ۽ نباتاتي وسيلا جيڪي سڀ سنڌ جي ثقافت جا چٽا اهڃاڻ، حقيقتون ۽ حصا آهن. مذڪوره اسمن جي مطالعي کانپوءِ ڪوبه، سنڌ جو رهواسي ايئن چوڻ ۾ ڪابه دقت محسوس نه ڪندو ته، سنڌ جي ثقافت پوئتي پيل آهي، پر ائين چوڻ ۾ ججهڪ محسوس نه ڪندو ته، سنڌ جي ثقافت دنيا جي ثقافت کان هر لحاظ کان مٿانهين کان مٿي پد تي نظر اچي ٿي. جنهن ۾ انساني زندگي جا ڪم ۽ ڪردار پنهنجي شاندار علمي ۽ ادبي ۽ مهمان نوازي جي روايتن سان مالا مال آهي. سنڌ جا مالدار ڀاڳيا، پورهيت، هنر مند، واپاري، هاري، انسانن جي اٿڻي ويهڻي سندسن شڪل شبيھ ۽ لباس، ڪچهريون، هڪٻئي سان کيڪار ۽ ڀليڪار ڀلي کان ڀلي سهڻي ۽ ڏيا واري ۽ ايمانداريءَ سان سرشار نظر اچي ٿي. هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ سخي مردن جون اوطاقون، پيرن، فقيرن، اوليائن، درويشن ۽ الله لوڪن ولين جون درگاهون ۽ اوتارا وغيره سنڌي ثقافت جا اهم حصو آهن. عورتن جا هار سينگار، زيور لباس، ماڻهن جو کائڻ پيئڻ ۽ اٿڻ ويهڻ جو شاندار سليقو. سنڌ جا هنر ۽ ڪاريگريون جن ۾، فن خطاطي، جنڊيءَ جو ڪم، ڪاشيءَ جو ڪم، تڏا ۽ تئونريون، ڀرت، رانديون ۽ وندرون، لوڪ ڏاهپ جا قصا، راڳ، ساز، ناچ، سماع جون محفلون ۽ مجلسون، ميلا ملاکڙا، راڳ ويراڳ، سنئوڻ ساٺ جون ريتون رسمون، سنڌ جي ثقافت جون انفرادي خصوصيتون آهن ۽ اهي انفرادي خصوصيتون دنيا جي مختلف حصن کان منفرد ۽ مفرد آهن. مطلب ته، سنڌ جي ثقافت جا ڪيئي پهلو آهن. رسماتي لوڪ گيتن جي ڳالھ ئي الڳ آهي جيڪي شادين مرادين ۾ گهوٽن ۽ ڪنواريتن جي پڌري رسم محل ادا ڪيا ويندا آهن. ڪنوار جي سيج تي گهوٽ جو سامهون ويهڻ ۽ ان سيج تي ٽڪر ڏيڻ وغيره وغيره اچي وڃن ٿا. ڊاڪٽر غلام علي الانا هڪ ماهر، هئرولڊ جي حوالي سان لکي ٿو ته: “ثقافت (Culture)، ماڻهن جي مڪمل زندگيءَ جو عڪس آهي. هن ۾ ماڻهن جي ريتن رسمن، رهڻيءَ ڪهڻيءَ، رسم رواج، سوچ ويچار، اعتقادن، وهمن ۽ خواهشن جو بيان اچي وڃي ٿو.” (12) انهيءَ حوالي سان الانا صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته: “ثقافت جي دائري ۾، ماڻهن جي زندگي، کاڌ خوراڪ، رهڻي ڪهڻي لباس، ٻولي، ريتون رسمون، زراعت ۽ ان جا وسيلا اچي وڃن ٿا. مقامي ٻوليون به ثقافت جي دائري ۾ داخل آهن، ڇاڪاڻ ته اُهي (مقامي ٻوليون) ماڻهن جي خيالن، اظهار، سوچ، ويچار ۽ ذهني ارتقا جي مطالعي ۾ مدد ڪن ٿيون.” (13) اسان مذڪوره موضوع ۾، سڀ کان اول تحقيق جي طريقيڪار تي عمل ڪندي تعارف پيش ڪيو آهي، تنهن کان پوءِ ڏاڪي به ڏاڪي سنڌ جي ثقافت جو ذڪر ڪيو آهي ۽ انهيءَ مٿين سموري وضاحت کان پوءِ هاڻي هت هيٺ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي ثقافت جو ذڪر ڪنداسين. شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته، هُو سنڌ جي ثقافت جو وڏو علمبردار هو. جنهن پنهنجي ڪلام جي ذريعي گهڻي کان گهڻو سنڌ جي ثقافت کي پنهنجي پيغام وسيلي واھ جو متعارف ڪرايو آهي. ڊاڪٽر شاهنواز سوڍڙ لکي ٿو ته: “سنڌين جي عادتن، اطوارن، ريتن رسمن، ثقافت ۽ بندگيءَ جي ڀرم تي هي ندي ڇانيل آهي.
سيوا ڪر سمنڊ جي، جتِ جرُ وهي ٿو جالَ،
جي ماسو جُڙئي مالَ، ته پُوڄارا پُر ٿئين.
(سُر سريراڳ _ 2 _ 3).” (14)
انهيءَ شعر مان مراد آهي ته، سمنڊ جي مالڪي ۽ سيوا معنيٰ حفاظت ڪرڻ سان به سنڌ جي ثقافتي ۽ قومي وجود سلامتيءَ سان برقرار رهندو ۽ انهيءَ ثقافتي سلامتيءَ جو انحصار به اسان جي باهمي اتفاق سان جڙيل آهي ته، سنڌ جا سمورا رهواسي پاڻ ۾ مثبت تعلقات جوڙي انهيءَ جر جا ذرا قيمتي موتي تڏهن ئي حاصل ٿيندا، جڏهن ان جي سيوا ٿيندي. شاھ عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي علامتي ته ڪن حقيقي ڪردارن کي آڏو آڻي، سنڌ جي ماڻهوءَ ۾ ساڃاھ ۽ سڃاڻپ ۽ جدوجهد پيدا ڪرڻ جو ڏس ڏنو آهي، جا سندس ڪلام ۾ وڏي ۾ وڏي ڏاهپ(Wisdom) رکيل آهي. انهيءَ ڏاهپ ۾، سنڌ جو نقشو ڪڍي ڇڏيو اٿس ۽ انهيءَ نقشي اندر سنڌ جي ثقافت تجلا ڏيندي نظر اچي ٿي. هي شعر ثقافت جو هڪ شاندار مثال آهي، جيئن: هر سال ڊسمبر جو مهينو اسين سنڌي ثقافت جو مهينو ڪري ملهايون ٿا تيئين شاھ صاحب هي منظر چٽو ڪيو آهي.
مُند ٿي منڊَلَ مَنڊيا، تاڙي ڪِي تنوار،
هارِن هَر سنڀاهِيا، سَرَها ٿيا سنگهار،
اَڄُ پَڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا.
(سُر سارنگ: 3، 2)
تاڙو هڪ قسم جو پکي آهي، جيڪو پنهنجي مند تي مٺي لات ڪري ٿو، هارين ۽ نارين کي سجاڳ ٿو ڪري، ۽ پوءِ جڏهن، مِينهن پنهنجا ويس وڳا پائي يعني هوائن، گجگوڙ سان گڏ کِنوڻِيُن سان کِنوَندي چِلوِلايُون ڪندي، موجون ٿو ڪري، چوطرف بهارون ٿي ويون آهن. هارين هر تيار ڪيا آهن ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪري ٻهڪن ٿا پيا ۽ ايئن ئي سنڌ جو ڊسمبر جو مهينو اسان لاءِ خوشيون ته، کڻي اچي ٿو، پر ان ۾ اسين، هڪ رخي رنگ جون خوشيون نه ملهايون، پر اسان جي ثقافتي ميڙي ۽ محفل ۾ ڀلي، راڳ ناچ گانا ۽ اسان کي رنگ برنگي ڪپڙا پهري، ٽوپين، پَٽَڪَنَ ۽ اجرڪن سان پاڻ کي جرڪايون، پر تعليمي ۽ سائنسي ۽ ادبي سرگرميون به شامل ٿيڻ گهرجن. اسان کي پنهنجي ثقافت کي صحيح رخن ۾، پيش ڪرڻو آهي ته، اسان کي پنهنجي ڌرتيءَ جي هرهڪ چيز جي اهميت کي سمجهڻو پوندو. مثال: لٽا ساتَرَ، وارياسا علائقا، حب ندي، اُڀرندو نارو، الهندو نارو، ڪڇ جو رڻ، سنڌؤ جي ليٽ، سنڌ جون موسمون نظر ۾ رکڻيون پونديون ۽ ان کان علاوه رني ڪوٽ، لڪي سلسلا، ناڙي سلسلو، گاج سلسلو، منڇر سلسلو ۽ آتشي ٽڪر به ذهن ۾ رکڻا پوندا. سنڌ جي جديد دور ۽ قدامت جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جو مطالعو ڪرڻو پوندو. “سورهين صدي قبل مسيح جي پوين ڏينهن ۾، سنڌو ماٿر جي تهذيب وڏي اوج تي پهچي چڪي هئي. ڪوٽڏيجي، هڙپا، موهن جو دڙو، آمري، ٽئڪسيلا ۽ ٻيا ڪيترائي وڏا شهر “وادي مهراڻ” ۾ موجود هئا. اهڙن عاليشان شهرن ۾ ڇا ڇا نه ٿيندو هوندو؟ درٻاريون، رهاڻيون، پوڄائون ۽ ڀڳتون، گائڪ ۽ ناٽڪ، سگهڙ ۽ سٻوجھ، رس ۽ رنگ سڀ ڪجھ موجود هو. مطلب ته، هتي جي ماڻهن جي مذهبي ۽ تهذيبي، سياسي ۽ سماجي توڙي ثقافتي ۽ ادبي زندگي، انهيءَ زماني ۾ اعليٰ درجي پهتل هئي.” (15) سنڌي ٻولي، سنڌ جي ثقافت جو اهم حصو آهي، انهيءَ کانسواءِ ڪابه وضاحت بيان نه ٿي سگهندي، هر ڪجھ ٻوليءَ کان سواءِ اڻپورو ۽ اڌورو هوندو. اسان سنڌ جي تاريخ جو مطالعو ڪريون ٿا ته، اسان کي سنڌ جي پهرين دارالحڪومت “الور” بابت لکت ملي ٿي ته الور ۾، پهرين حڪومت راءِ گهراڻي جي سن 445ع ۾ قائم ٿي. ستين صدي عيسوي يعني 632ع ۾ هي حڪومت برهمڻ راڄ ۾ تبديل ٿي وئي. هي راڄ اڌ منيءَ صديءَ تائين هليو، تنهن کان پوءِ، 712ع ۾، سنڌ ۾، عرب جي حڪمراني شروع ٿي. “هن زماني کان گهڻو اڳي جيڪو چراگاهي دور شروع ٿيو هو. سو اڃا به هلندو پئي آيو. چوپايو مال چارڻ ۽ ڌارڻ ماڻهن جو مک ڌنڌو هو، تنهن ۾ به ڳائو مال مُک ملڪيت سمجهيو ويندو هو. سنڌ جا مالوند ماڻهو ۽ ڀاڳيا توڙي دراڙ جي اڪثريت ۾ هئا، سي سڀ اڀير (ڳنوار) ڪوٺبا هئا. پنهوار پرمار، مارو يا موريا، سانگي يا سائڪلا، اهيريا، اڀير ۽ گجر يا ناگر، سڀئي دراڙ يا مالوند قبيلا آهن.” (16) اهڙيءَ طرح، سنڌ جي حاڪمن جو دور هن طرح آهي:
عربن جو دور 712ع کان 1050ع.
سومرا دور 1050ع کان 1350ع.
سما دور 1350ع کان 22. 1519ع.
ارغونَ، ترخانَ ۽ مغلَ دور 1522ع کان 1719ع.
ڪلهوڙا دور 1719ع کان 1782ع.
مير/ ٽالپر 1782ع کان 1843ع.
انگريزن جو دور 1843ع کان 1947ع.
انگريزن پنهنجي حڪومت ۾، يعني ڪل هڪ سئو چئن سالن جي عرصي ۾، ڪافي تبديلي آندي. هنر، فن، آبپاشي، ريلوي نظام ۽ علم و ادب مطلب ته، سنڌ جي هر هڪ شيءِ ۾ نئون رنگ ڀريو ويو ۽ ڪنهن قدر نقصان به ٿيو. بهرحال 1947ع کانپوءِ لڏپلاڻ وارو عمل شروع ٿي ويو. “نومبر 1947ع تائين ٻه لک چوئيتاليھ هزار سنڌي هندو هندستان هليا ويا.. 1949ع ۾ شڪارپور ۽ سکر ۾ جهيڙا ٿيا، تنهن ڪري لڏپلاڻ ڪرڻ وارن ۾ اضافو ٿيو. اندازي مطابق 1949ع ۾ هندستان لڏي وڃڻ وارن ۾ 27297 ماڻهو 1950ع ۾ 9099 ماڻهو 1951ع 644 ماڻهو مطلب ته، 14 لک هندن مان 12 لک 50 هزار هندو لڏي وڃي چڪا هئا.” (17)
اهڙيءَ طرح تمام گهڻو تعداد غير سنڌين جو سنڌ ۾ آباد ٿيو ۽ نون ماڻهن جي اچڻ وارن گروهن پاڻ کي مقامي تهذيب ۽ تمدن کان پاڻ کي الڳ رکيو.” (18) اهڙيءَ طرح اڄ کان ٽيهتر سال جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته، نون مسلمانن ۽ پراڻن سنڌي هندن جي هن ديس سان جيڪا محبت هئي ۽ آهي. نون ايندڙ مسلمانن مقامي ٻولي ۽ ثقافت ۽ تاريخ ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڏنو، جيڪا هڪ ڏک جهڙي ڳالھ آهي، پر ماضي جي هندو سنڌين، سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي تاريخ ۽ ادب ۽ ڌرتيءَ کي پنهنجي ماتر ڀومي سمجهيو ۽ سنڌي زبان، ادب، تاريخ ۽ ثقافت تي قربان ٿي ٿيا ۽ ان جو ذڪر پچاري نيڻ ٺاريا پئي.
“دنيا جي تهذيب اڏيندڙ سنڌي قوم، مذهبي، تهذيبي ۽ ثقافتي شاهڪار ڌڻي دنيا ۾ انهيءَ ڪري اوچو ڳاٽ ڪري جيئندا رهيا آهن، ڇو ته، جڏهن کان تهذيب جي اڏاوت جو پٿر رکيو پئي ويو اهو بنياد سنڌي قوم ۽ سنڌو ماٿري جي هنج ۾ پيو هو، جنهن جو مثال ڦيٿو ۽ موهن جي عظيم تهذيبي آثارن جي اڏاوت مان لڳائي سگهجي ٿو. سنڌ جي اصلوڪن رهواسين مان لوهاڻا، ڪولهي، ڀيل، اوڏ، ميگهواڙ، سامي، ووڙا، ڪوچي، ريٻاري ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.” (19) سنڌ جي قديم شهرن جي تاريخي اهڃاڻن آثارن کي ڏسڻ ۽ چڪاسڻ کانپوءِ معلوم ٿئي ٿو ته، سنڌ ۾ هندو ۽ مسلمانن امن امان سان زندگي گذاري آهي، انهيءَ جو مثال هندن جي مندرن ۽ مسلمانن جي مسجدن مان به لڳائي سگهجي ٿو، جيڪي هڪٻئي جي نزديڪيءَ ۾ قائم ڪيل آهن. هالاڻي، روهڙي، اروڙ، ٿر ۽ ٻين قديم شهرن ۾، اهڙا ڪيئي مثال موجود آهن.
“سنڌ ۾ هندن جا سوين سالن کان شاهڪار مذهبي عبادتگاهون مندر، منڊليون، درٻار، ڌرمشالائون، گئو شالائون، سمرت جون جايون، دوعارا، شمشان گهاٽ، جيم خانه ۽ ميلن زيارتن کان علاوه ٻيا ورثا موجود آهن.” (20) هرهڪ شيءِ جي پنهنجي پنهنجي اهميت آهي ۽ انساني معاشرو سونهن پسند آهي ۽ ڀلائي ڪندڙ ئي ڪاميابي حاصل ڪندا آهن. مذهب اخلاق تي وڌ ۾ زور ڏيندا آهن جيڪا سٺي مذهب جي اهم خوبي آهي.
“هڪ سروي موجب ڪراچي ۾ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به 50 مندر هئا جيڪي آهستي آهستي قبضن جي ور چڙهي ويا،… هن وقت 10 مندر عبادت جي لائق رهيا آهن، ٻئي طرف 1973ع کان 23 مندرن جو ڪيس عدالتن ۾ هلندڙ آهي، اسٽي آڊر پڻ اچي چڪا آهن.” (21)
سنڌ جو چپو چپو انهيءَ ڳالھ جي گواهي پيش ڪري رهيو آهي ته، سنڌ جي تهذيب هر لحاظ کان اوچي نظر اچي رهي آهي. هتان جي مهڪدار مٽيءَ جو مانُ مٿانهون هو ان ڪري هن سر زمين جو دنيا ۾ وڏو نالو ۽ هاڪ هئي اها هاڪ ٻڌي ڪيترن ئي علم وارن ۽ عقل وارن هن تهذيب کي ڏسڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ته ڪي وري هن سر زمين تي اچي اها آس پوري ڪري ان جو اظهار ڪيو آهي ۽ ڪيئي سيلاني سنڌ ڏسڻ آيا. “مشهور مسلمان سيلاني، ابن بطوطه، جيڪو قلندر شهباز کانپوءِ سنڌ گهمڻ آيو هو، تنهن لکيو آهي ته، سومرن واري دور ۾، سنڌ جون درسگاهون، معياري لحاظ کان، ايران ۽ سينٽرل ايشيا جي درسگاهن جي مد مقابل هيون، انهن اگهم ڪوٽ واري درسگاھ ۾ پنج سو شاگرد قرآن شريف ۽ فقه پڙهندا هئا، ان کانسواءِ ٻيا مدرسا به هئا، جن سڀني جو خرچ پکو سومرا زميندار ۽ وڏيرا ڀريندا هئا جي نيڪ ۽ ديندار هئا. ابن بطوطه اهي مدرسا ۽ خانقاهون ڏٺيون هيون.” (22) سومرن، سمن، ارغونن، ترخانن، مغلن ۽ ڪلهوڙن حاڪمن جي دور ۾، سنڌ جي مختلف شهرن ۾، وڏن وڏن عالمن جا مدرسا ۽ مڪتب هوندا هئا جن جي دنيا ۾ وڏي هاڪ هئي. ڪوٽڙي ڪبير، درٻيلو، نصرپور، ممڙ، بوبڪ ۽ ٺٽو علمي لحاظ اوچي پد تي نظر اچن ٿا. “سيوهڻ ۾، ‘فقه الاسلام’ نالي مدرسو هو، جنهن لاءِ راوايت آهي ته، قلندر شهباز قائم ڪيو هو. ٻي روايت آهي ته، قلندر شهباز اُن کي زور وٺايو هو ۽ اُن جهڙو عاليشان مدرسو سڄي سنڌ ۾ ڪونه هو.” (23) سنڌ هر لحاظ کان خوشحال معاشري طور پنهنجي شناخت قائم ڪئي آهي ۽ ڪڏهن به، هتان جي ماڻهن ٻين قومن مٿان ڪي حملا نه آهن ڪيا، انهيءَ جو اهو مطلب هرگز نه آهي ته، هتان جا ماڻهو ڪي بهادر نه هئا، پر هتي علم ۽ ادب جي پرائڻ ڪري انهن ٻين تي حملن ۽ انسانيت کي مارڻ ۽ تڪليف ڏيڻ اخلاقي گناھ ٿي سمجهيو ۽ پنهنجي ڌرتيءَ تي هر قسم جون خوشيون پئي وکيريون آهن. “تاريخ جي هر دور ۾، شاهن ۽ شهنشاهن، سندين شهزادِيُن ۽ شهزادن، قلندر شهباز جي مرقد مبارڪ تي ادب سان اگهاڙين پيرين حاضري ڏني آهي، سندس روضي کي پنهنجي عقيدت جي اظهار لاءِ سون ۽ چانديءَ جا دروازا ۽ سنگ مرمر جا فرش هڻايا… قلندر شهباز جي درگاھ تي روزانو سانجهي کانپوءِ، سنڌ جا مسڪين حال ۽ مٺا ماڻهو قلندر شهباز جي حضور ۾ حاضر ٿين ٿا. عشق جي آذان وانگر، درياھ جي صحن ۾، ڌمال جو ڌڌڪو ٿئي ٿو ۽ هُو مستَنَ وانگر ننگين پيرين نچن ٿا. چون ٿا سماع جي محفل ۾ صوفي وجد جي حالت ۾ رقص ڪندا هئا، پر، هي عجيب رقص آهي، ست سئو سالن کان جاري آهي.” (24) ڪلچر انهن معاشرن ۽ ماڻهن جي هوندي آهي جنهن کي وسيلا هجن. اسان جي سنڌ هر حوالي سان هڪ وسيع وسيلا رکندڙ هڪ اهڙو خطو آهي، جنهن تي سدائين ڌاريُن جون للڪارون ۽ حملا ٿيندا رهيا آهن ۽ پوءِ به، سنڌ ۽ سنڌي معاشرو پنهنجي سنئين لڱين بيٺي آهي. اسان ڪوشش ڪري ٿورا ٿورا اشارا ڪيا آهن ته، سنڌ ۾ ڪهڙا وسيلا آهن ۽ انهن کي اسان استعمال ۾ آڻي پنهنجي معاشري لاءِ سک پيدا ڪريون. ثقافت ڇا آهي ان بابت، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، ڪلچر جي مواد جي تقسيم هن طرح ڪري ٿو:
- ٻولي.
- مادي شيون ۽ هٿيار يا اوزار (کاڌي پيتي جون شيون به شامل آهن).
- آرٽ، پينٽنگ، ڊرائينگ، موسيقي ۽ شاعري.
- عبادتون، بيمار جي تيماداري، لاش سان سلوڪ، سليقو، رسمون ۽ اعتقاد.
- خاندان ۽ سماجي طريقا.
- مائٽيءَ جي حيثيت.
- وراثت.
- سماجي تنظيم.
- راند روند وندر جو طريقو.
- دولت.
- اصلي ۽ خانداني خانگي زر ۽ مٽا سٽا جا معيار.
- واپار.
- سرڪار.
- سياسي نظام، قانوني عدالتي نظام، جنگ ۽ امن جا تصور.” (25)
اسان جي سنڌي زبان، اسان سنڌ وارن لاءِ هڪ اهڙو ذريعو آهي جنهن هميشه سنڌ جي ثقافت ۽ سماج کي ترقي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌي ٻولي آهي ته، اسان جي ثقافت زنده رهندي ۽ اسان جي دنيا ۾ سڃاڻپ رهندي.
نتيجو:
هن سموري تحقيق مان جيڪو حاصل مطلب نڪري ٿو ته، اسان جڏهن سنڌي ثقافت جو ذڪر ڪريون ٿا ته، اسان پنهنجي وسيلن جي مالڪي جا حقدار آهيون. اسان سڀ کان پهرين هن مقالي ۾، ثقافت جو تعارف ۽ مفهوم پيش ڪيو آهي ته، جيئن اسان سمجهي سگهون ته، ثقافت ڇا آهي؟ جنهن مان ثقافت جي اهميت اجاگر ٿي آڏو اچي ٿي. ڪنهن به معاشري جي اوسر ۽ انساني ترقيءَ ۾، ثقافتي اسمن جو وڏو ڪردار هوندو آهي ۽ معاشرو انهن اسمن کي ڪيئن ٿو سنڀالي حفاظت ڪري سو دنيا ان طرف ڌيان ڏيندي آهي. سنڌ جيتري پاڻ قديم آهي، تهڙيءَ طرح ان جي فطري اڏاوت سونهن سوڀيا جڳن کان آباد آهي. سنڌ جي ثقافت ٽوپي، اجرڪ ۽ پٽڪي ۽ راڳ ناچ ۾، ته سهڻي لڳي ٿي، پر اسان جا سماجي ۽ انساني قدر به آهن جن تي اسان جي ثقافت جي اڏاوت ٿيل آهي. اسان کي هن مقالي مان جيڪو نتيجو آڏو آيو، سو هي آهي ته، سنڌ جي ثقافت جون پاڙون اسان جي ڌرتيءَ جي ٻولي، درياھ، مهمان نوازي، انسان شناسائي، حيا شرم، ابي امان جو احترام، عورتن، ننڍڙن معصومن جو احترام، وڏي عمر جي ماڻهن کي عزت ڏيڻ، مِٽن مائٽن، ڀائرن ۽ ڀينرن، اوڙي پاڙي، شهرن ۽ ڳوٺن جي حفاظت مسجدن، تعليمي ادارن، مڪتبن، مدرسن، ڪليسائن، مندرن، گردوارن، روڊن، رستن جي حفاظت، قانون جو احترام، علم و ادب ۾ ترقي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ اڳڀرائي، رشوت، وياج خوري کي حرام سمجهڻ. پنهنجي قديم تاريخ، آثار قديمه، ڪوٽن قلعن، جبلن، ٻيٽن جي مالڪي ڪرڻ، قومي ۽ سماجي مسئلن تي هڪ ٿي وڃڻ. نين کوجنائن ۽ نين ايجادن طرف توجھ ڏيڻ ۽ نيون شيون ٺاهڻ ۽ دنيا کي ڏيڻ وٺڻ جا معاملا ۽ مسئلا اسان جي ثقافت جو مکيه مقصدن ۾ شامل آهن. مطلب ته، اسان جي ثقافت اسان جي پاڻ سان سچائي، قوم سان سچائي، محبت ۽ اخلاق هڪٻئي جي طاقت تي انحصار ڪري ٿي.
حوالا:
- سوڍڙ شاهنواز ڊاڪٽر، “سنڌي ثقافت ۽ شاھ لطيف”، (ڇاپو پهريون)، شاھ عبداللطيف ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھ/حيدرآباد سنڌ، 1991ع، ص: 31، 32
- اُردو لُغت: مکمل تفصيل ڪَي ساٿ، VI 11
- فيروزُ اللُغات: (اردو)، جديد، (بار اول)، فيروز سنز پرائيويٽ لميٽيڊ، لاهور، راولپنڊي، ڪراچي، 2007ع، ص: 269
- سنڌيڪا ڊڪشنري: (ڇاپو پهريون)، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 2003ع، ص: 265
- بلوچ نبي بخش خان، ڊاڪٽر “سنڌ جا قديم آثار ۽ تاريخ” (مقالا)، مرتب _ ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، (ڇاپو پهريون)، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2012ع، ص: 13
- ايضاً، ص: 14
- رحيمداد خان مولائي شيدائي، “تاريخ تمدن سنڌ”، (ٻيو ايڊيشن)، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو، 1995ع، ڪتاب جو (ديباچو)، ص: ب.
- ايضاً، ص: 1
- “سنڌ جا هنر”، مرتب: ڊاڪٽر نواز علي شوق، (ڇاپو پهريون)، سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتو، 1990ع، مهاڳ: ص: 1
- ايضاً، ص: 1، 2
- الانا غلام علي، ڊاڪٽر “لاڙ جي ادبي ثقافتي تاريخ”، (ڇاپو ٻيو)، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشورو/ حيدرآباد، 2012ع، ص: 25.
- ايضاً، ص: 10
- ايضاً، ص: 10
- سوڍڙ شاهنواز ڊاڪٽر، “سنڌي ثقافت ۽ شاھ لطيف”، (ڇاپو پهريون)، شاھ عبداللطيف ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھ/حيدرآباد سنڌ، 1991ع، ص: 131.
- پروفيسر محرم خان ‘وگهايل’ “سنڌ _ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي شاعري، آڳاٽو دور”، (ڇاپو پهريون)، مرتب: محمد ابراهيم جويو، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ، 2007ع، ص: 43
- ايضاً، ص: 52
- ميمڻ عبدالغفور، ڊاڪٽر “سنڌي ادب جو فڪري پس منظر”، (ڇاپو ٻيو)، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد سنڌ، 2017ع، ص: 158
- ايضاً، ص: 159
- سنڌ ۾ هندن جا تاريخي ورثا: (ڇاپو پهريون)، سهيڙيندڙ: ڪشور ڪمار آسواڻي، پريسٽ پرنٽرس 404 رفيق سينٽر، عبدالله هارون روڊ صدر ڪراچي، 2014ع، ص: 6.
- ايضاً، ص: 6
- ايضاً، ص: 7
- آگرو غلام رباني، “سنڌُ جا بَرَ، بَحَرَ ۽ پهاڙ”، (ڇاپو ٻيو)، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سنڌ، 2005ع، ص: 348.
- ايضاً، ص: 349
- ايضاً، ص: 358.
- ٻوهيو الهداد ڊاڪٽر،“سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج”، (ڇاپو پهريون)، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، سنڌ يونيورسٽي، 1978ع، ص: 51، 52
***

