بلاگخاصنئون

مُکڙيون شهيد ڪيائون

     او ابا! مون ته توکي ميندي به نه لاتي هئي،
اڃان ته توکي موڙ به نه ٻڌا ها،
اڃان ته تون گهوٽ به نه ٿيو هئين،
پوءِ به تنهنجون ڀينر روز لاڏا چونديون هيون،
ادل مومل ماڻيندو،
ادل ڪنوار آڻيندو،
او ابا! اسان کي يتيم ڪري وئين،
ايئن ايترو جلدي ڪيئن هليو وئين،
بابهين کي سهارو ڪير ڏيندو،
تنهنجون ڀينر هاڻي ڪهڙا لاڏا ڳائينديون،
ڪنهن کي ميندي لائينديون،
ڪنهن کي موڙ ٻڌنديون،
ايئن ايترو جلدي ڪيئن هليو وئين.
هاءِ هاءِ مائرن جي جهول اجاڙي وئي، پيئرن جي پيريءَ جو سهارو کسيو ويو، ڀينرن جا گهوٽ ڀائر بيگناهه گولين سان پروڻ ڪيا ويا، جن کي مڇن جي ساول به مس مس آئي هئي، جيڪي اڃان ٽڙيا به ڪين هئا، جيڪي اڃان هر قبيلائي ويڙهاند جي خبرن کان بي خبر هئا، هو ته اڃان ساماڻا به نه هئا جو کين ڏينهن ڏٺي ڳوٺ جي اڳيان مين روڊ تي سرعام گوليون هڻي تسليءَ سان ماري هٿياربند خوشيءَ منجهان فائرنگ ڪندا سڪون سان هليا ويا ڄڻ ته هنن ڪا واردات ئي نه ڪئي هجي، پر: ڪربلا کي ورجهائي ويا هڪ نئون ماتم برپا ڪري ويا.
ڳڀرو منهنجي ڳوٺ جا، ويا قبيلائيت ۾ ڪُسي،
سُڪون منهنجي سنڌ مان، ويو راڻي جان رُسي،
ڪهڙا مُساڳ مسي، آ ماتم رڳو مهراڻ ۾.
(مهر فقير )
سومر 04.12.2023 تي ڳڙهي ياسين جي ڀرسان ڳوٺ کاهيءَ ۾ شفقت پئٽرول پمپ وٽ منهنجي ماروٽ شاهد علي مهر جو جوان پٽ علي شاد مهر ۽ مهتاب علي مهر جو جوان پٽ عاصم حسين مهر (ٻئي ڏهين ڪلاس جا شاگرد هئا) نه کٽندڙ قبيلائي جهيڙن جي ور چڙهي بيگناهه شهيد ڪيا ويا، جنهن تي جيترو افسوس ڪجي سو گهٽ آهي، خبر ناهي ته اهو ناسور ڪڏهن ختم ٿيندو ؟ يا اڃان به ايئن ئي ڪونڌرن جا ڪنڌ ڪرندا رهندا ۽ قانون خاموش تماشائي جي ڪردار تائين محدود رهندو ؟
آهي ڪو جيڪو هن پيءُ کي اڪيلو ۽ سڪيلڌو پُٽُ موٽائي ڏي ؟ جنهن جون آهون ۽ دانهون اُڀ تي وڃي رهيون آهن .
ڳڙهي ياسين ۾ وڏي عرصي کان مختلف قبيلن جا مختلف ۽ بي بنياد مسئلن تي جهيڙا هلندڙ آهن، جنهن ۾ روز به روز اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن سبب شهر ۽ ڳوٺن جو امن تباهه ٿي ويو آهي، ان هوندي به پوليس اگهور ننڊ ۾ ستل آهي، سياسي ۽ سماجي ڌريون خاموش تماشائي بڻيل آهن، بس رڳو مذمت ۽ عذر تائين محدود آهن ۽ ڏوهاري آزاديءَ سان ڏوهه ڪندي وري ڳوٺن طرف نڪري ٿا وڃن، مگر پوليس شهر جي ڪنهن به روڊ تي صرف گشت تائين محدود آهي، جيڪڏهن ڪٿي ڪا پوليس پڪٽ آهي به ته اهي صرف هڪ مجسمي وانگر ويٺل آهن، اهي ڪنهن جي به تلاشي نٿا وٺن، جنهن مان يقين ٿو ٿئي ته پوليس ۽ ڏوهاري هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن تڏهن ئي ته شهر ۾ مختلف ڏوهه ايتري آزادي سان ٿي رهيا آهن.
ڳڙهي ياسين ۾ مهرن سان جعفرين، بروهين ۽ معرفاڻين جا تڪراري ۽ خونريزي جهيڙا هلندڙ آهن جنهن ۾ اڪثر ڪري ذات تحت ماڻهن جو سرعام قتل ٿئي ٿو، ڀل ان جو پري پري تائين به ڪو واسطو ئي نه هجي، هل ايتري جهالت، جنهن کي علائقي جا چڱا مڙس ۽ سياسي نمائندا هيل تائين ختم نه ڪرائي سگهيا آهن، جنهن جو اڄ اهو نتيجو نڪتو آهي جو ٻن مئٽرڪ جي شاگردن کي پلاند جي نالي تي شهيد ڪيو ويو آهي، انهن معصوم شهيدن جي گهرن ۾ تڏا وڇايل آهن، امڙين ۽ ڀينرن جون دانهون، ڪوڪون ۽ آهون پٿر دل کي به روئاڙي رهيون آهن، پر ڪاش قانون کي ڪن هجن ها، پر ڪاش قانون کي اکيون هجن ها ته اڄ اهي معصوم گل جيڪي ڪنهن به قسم جي تڪرار کان پري ۽ اڻواقف هئا ايئن شهيد نه ٿين ها.
سوال اهو آهي ته ڇا پوليس انهن معصومن جي قاتلن کي گرفتار ڪندي؟ ڇا ڪورٽ انهن وحشين کي ڦاسي جو ڦندو ڳچيء ۾ وجهندي؟ پر نه ايئن نه ٿيندو ڇو ته هتي قانون به هٽ جي سودي وانگر تور تي وڪامندو آهي، جنهن ۾ امير ماڻهو قانون خريد ڪري کيسي ۾ رکندا آهن ۽ غريب ماڻهو سدائين پيا قانون جي چڪيءَ ۾ پيسبا آهن سو هاڻي به ايئن ٿيندو ته علي شاد ۽ عاصم جا قاتل به آزاد گهمندا ۽ اهي قاتل وري ٻيون ڪي مکڙيون شهيد ڪندا جڏهن ته پوليس جاچ جاري آهي چئي قصو ختم ڪري ڇڏيندي.