خاصنئون

مريم نواز وزيراعظم کان استعيفيٰ جي گهر ڪري ورتي

مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز وزيراعظم کان استعيفيٰ جي گهر ڪري ورتي آهي. هن وڌيڪ چيو ته الله نواز شريف کي عزت عطا ڪئي آهي هن کي سزا ٻڌائيندڙ جج پنهنجي فيصلي کي ڪوڙو قرار ڏيئي ڇڏيو آهي. هن پي ايم ايل جي ورڪرن کي مبارڪ ڏني ته هنن جو ليڊر بي ڏوهي آهي ۽ هاڻي کيس جيل ۾ رکڻ هڪ ڏوهه هوندو. ڇاڪاڻ ته هن کي ٻڌايل سزا دٻاءُ هيٺ ڏني وئي هئي. هن چيو ته نواز شريف ڪوبه ڏوهه نه ڪيو آهي هن ته ووٽ جي عزت گهري هئي جنهن لاءِ هن جي پارٽي پاڻ پتوڙيندي رهندي.