خاصنئون

 جج ارشد ملڪ وڊيو کي ڪوڙو قرار ڏيئي ڇڏيو

جج ارشد ملڪ چيو آهي ته نواز شريف کي سزا ڏيڻ لاءِ هن کي ڪنهن به بليڪ ميل نه ڪيو هو ليڪ ٿيل وڊيو جي باري ۾ هن چيو ته اهو هٿ ٺوڪيو آهي ۽ هن ۾ منهنجي مختلف هنڌ تي ٿيل ڳالهه ٻولهه کي ملائي ڏيکاريو ويو آهي. ٻئي طرف مريم نواز چيو آهي ته جج ارشد ملڪ جو اهو بيان به پريشر هيٺ ڏنو ويو هوندو. واضح رهي ته مريم نواز پاران ڏيکاريل وڊيو کي ٽي وي چينل تي ڏيکارڻ بعد اهڙن 21 چينلن کي پيمرا طرفان شوڪاز نوٽيس ڏيئي ڇڏيو آهي جڏهن ته جج ارشد ملڪ هن وڊيو جي پويان ڪم ڪندڙ ماڻهن جي خلاف قانوني ڪارروائي جي گهر ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته وڊيو ڏيکاريل شخص ناصر بٽ سان وڪالت جي ڏينهن کان سڃاڻپ آهي.