بلاگنئون

سينيئر آرٽسٽ ۽ ڊراما نويس شوڪت ميمڻ جي فن ۽ ادبي خدمتن تي ڀيٽا پيش ڪجي ٿي

ٽنڊوالهيار ضلعو پنهنجي ھنر، زراعت، عاليشان نھري نظام، ماڊل آبادگارن، تاريخدانن، شاعرن، اديبن، ليکڪن، ھنرمندن، صوفي بزرگن، استاد صاحبان، انسان دوست عملدارن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن، آرٽسٽن، اداڪارن، ڪاريگرن، نيڪ مرد ساڃاھ وندن، خلق جي خدمت جي جذبن سان سرشار ھمدردن، رانديگرن، آرٽسٽن، واپارين، وڪيلن، وفادار سياسي سماجي ڪارڪنن، توڙي تاريخي جاين (قبرستانن، مدرسن، درگاھن، بازارن، مڙھين) ڍنڍن، گهوڙن جي شوقينن وغيره ۾ مشھور رھيو آھي جن مان ڪن جا ذڪر ٿيا آھن ته ڪيترا تاريخ جي صفحن تي محفوظ نه ٿي سگهيا آھن. ادب ۽ تاريخ سان سلھاڙيل آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ليکڪن پنهنجي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ خاطر ذميواري سان لکيو آھي ۽ لکندا رھن ٿا کين جس ھجي. انھن مان اڄ پنهنجي شهر جي وڏي آرٽسٽ اداڪار ليکڪ، ٽيليويزن چينلن لاءِ ڊراما نويس ڀلوڙ طبعيت رکندڙ مهمان نواز شخص مان واري “حاجي شوڪت حسين ميمڻ” جو ذڪر ڪندي فني خدمتن توڙي ادبي زندگي کي سندس حياتيءَ ۾ ياد ڪندي اجاڳر ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو.

حاجي شوڪت حسين ميمڻ ٽنڊوالهيار جي معزز واپاري خاندان سان واسطو رکي ٿو پاڻ بزرگ واپاري شخصيت حاجي محمد ھاشم ميمڻ جي گهر جنم ورتو. اڳتي ھلي سندس ادبي نالو “شوڪت ميمڻ”  طور مشھور ٿيو. ڀائو شوڪت بابت اوچتو حيران ڪندڙ خبر پئي جڏھن کيس ٽيليويزن پي ٽي وي جي ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوھر ڏيکاريندي  ڏٺوسين. مسلم پرائمري اسڪول ۽ قرآن جي تعليم واري “ادي  صاحبا جو کٿاب”، ميمڻ پاڙو ٽنڊوالهيار ۾ ھجڻ جي ناتي سان تعليم جي حاصلات دوران ميمڻ پاڙي جي دوستن ۽ رھواسين سان عزيزن جهڙي ويجهڙائپ رھي. ان مناسبت سان شوڪت ميمڻ کي سندس رھائشگاھ سان گڏ ڪپڙي جو ڪاروبار ڪندي ڏسندا ھئاسين. ان کانپوءِ پاڻ اهو انڪشاف ڪندي مون کي حيرانگي ڏني ته “اسان بچپن ۾ توھان جي (منظور ڪالرو) پراڻي گهر رانديون رھي ويا آھيون جنهن جا دروازا ٻن طرفن کان کلندا ھئا ھڪ پاسي سيد حيدر شاھ جي پِڙ واري سامهون گهٽي جنهن ۾ تپيدار سائين غلام رسول شاھ ۽ سائين ميوو شاھ وارا رھندا ھئا تنهن جي ڀر پاسي ۽ ٻيو دروازو ميمڻ پاڙي جي لنگهه تي سياستدان محمد رمضان ۽ محمد سومار سونارن (عاشق/رازق ڏنو سونارو) جن جي گهر لڳ ڀِت ڀِت سان گهر ھو کي ياد ڪري ماضي (70 جي ڏھاڪي ۾ منهنجي ننڍپڻ جو گهر جيڪو ٿورڙو ياد اچي ٿو جتان پوءِ ٻي پاسي ھجرت ٿي) جي خبر ڏني. جنهن مان پتو پوي ٿو پاڻ ماضي جي دلربا يادن کي سنڀاليو ويٺو آهي.

برادر شوڪت، پنهنجي لڪل شوق خاطر اوچتو اداڪاري جي ڏکي فن طرف پير رکيا جن کيس جلد ڪاميابين جي آسمان تي پھچائي ڇڏيو. اھا ٻي ڳالھ آھي ته اسان وٽ خاص ڪري شهر ٽنڊوالهيار ۾ ڏات ڌڻين ھنرمندن اديبن شاعرن آرٽسٽن استادن جو قدر ڪرڻ جو رواج نٿو ڏسجي.!! جنهن تي بس! افسوس در افسوس ڪجي ٿو؟

اداڪار ۽ ليکڪ شوڪت ميمڻ به انهن ئي آرٽسٽن مان ھڪ سهڻو ۽ برجستو آرٽسٽ آھي جڏھن ته سندن فن توڙي نوڙت ڀري مزاج ۽ خلوص ڀريو رويو دوستي ملنساري مهمانداري، خدمت ۽ پنهنجي فن سان دلي لڳاءُ سبب کيس شاندار عزت ۽ احترام سان ڏٺو وڃي ٿو.

فن جي وسيح دنيا جو هي روشن تارو پنهنجي مثالي اداڪاري سبب سنڌي ڊرامن ۾ مشهوري حاصل ڪري چڪو آھي جنھن ڪري کيس اردو ڊرامن ۾ به بهترين مثالي پذيرائي ملڻ تي پاڻ خوش رھي ٿو.

ڊرامن جو شعبو جيڪو ڏسڻ ۾ خوبصورت دلڪش لڳي ٿو، پر ان جي اندر جون جفاڪشيون ۽ وقت ڏيڻ سميت نالي ماتر معاوضو ملڻ باوجود پنهنجي شوق جي پورائي ڪرڻ کي اوليت ڏيندو رھيو آھي. سينئر اداڪار شوڪت ميمڻ پنهنجي فني دنيا کي دل و جان سان وقت ڏيڻ ڪري ڪاروبار ۾ گهڻو نقصان ڪري چڪو، پر پوءِ به چوندا آھن “شوق جو ڪو ملھ ناھي” ھي پنهنجي فني زندگي کي وقت ڏيندو اداڪاري جا جوھر ڏيکارڻ لاءِ ٽيليويزن جي اسڪرين تي بهترين اداڪاري ڪندي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ھڪ وقت اھو به ڏٺوسين جڏهن وٽس ڪراچي، حيدرآباد يا ڪنهن ٻئي شهر مان اداڪار دوست  مهمان طور اچي سلامي ٿيندا ھئا جن جي خدمت ۾ پاڻ پيش پيش رھندي ايستائين جو مختلف تحفا ڏيڻ ڪپڙن جا وڳا اجرڪون پيش ڪرڻ ۾ ھي دلبر سڄڻ دوستيون نڀائيندو ھو.

ان کان پوء چند دوستن کيس سياست جي چمڪ جا سونهري باغ گھمائيندي ھن دنيا طرف وٺي آيا پاڻ ميونسپل ڪميٽي جي “ڪائونسلر”  طور ڪامياب ٿيو ايئن سندس ويجهڙائپ ٽنڊوالهيار ضلعي جي سياسي شخصيتن سان ٿي.

سيد ضياء عباس شاھ رضوي پاران بلدياتي اليڪشن ۾ وارڊ 19 لاء پيپلزپارٽي جي  ٽڪيٽ عوام دست ورڪر شوڪت ميمڻ کي ڏياري وئي. ان سيٽ تان  ووٽرن جي بهتر نمائندگي سبب وڏي طمطراق سان ڪاميابي ماڻي گهڻن کي حيران ڪري ڇڏيو.

تازيون بريڪنگ خبرون آھي به ونڊ ڪجن ٿيون ته، شوڪت ميمڻ سن 1965ع ڌاري روزاني عبرت اخبار

۾ بطور “پروف ريڊر” ڪم ڪيو آهي ان مناسبت سان پاڻ اخباري دنيا بابت   باخبر واسطا رکي ٿو. اخبارن ۾ رھندي کيس لکڻ جو شوق ۽ ذوق جاڳيو ان شوق سبب  ڪيترين شخصيتن تي مضمون لکيا آھن جيڪي خاص ڪري روزاني عبرت ۽ ھلال پاڪستان کانسواء  ماھوار  نئين زندگي ۽ مھراڻ ۾ شايع ٿيل آھن. سندس خاص  فيچر جيڪو اداڪاره “غزاله رفيق” تي لکيل ھو ان کي ھلال پاڪستان اخبار طرفان ھڪ خاص ايڊيشن ۾ شايع ڪري کين پذيرائي سان نوازيو. ھن مخلص  سياسي ورڪر “محترمه شھيد راڻي  بينظير ڀٽو” سميت سنڌ جي دردن کي شاعريء جي صورت ۾ شانائتي انداز سان پيش ڪري پاڻ  کي وطن دوست شاعرن جي صف ۾ بيھاريو آھي.

تازين خبرن چارن مان معلوم ٿيو ته،شوڪت ميمڻ  گهڻ پاسائين شخصيت آھي پاڻ 3 حج ۽ 2 عمره ڪرڻ جو اعلا شرف به رکي ٿو. ان مناسبت سان ڪيترا شهر واسي کيس عزت سان “حاجي شوڪت” ڪري به سَڏين يا ڳالهائين ۽ خير جو ذڪر ڪندا آھن. اچرج ڀريو پتو اھو به پيو آھي ته، ھن نالي واري ليکڪ، ڊائريڪٽر، ڪمپيئر ۽ تاريخدان  شوڪت ميمڻ وٽ  سنڌي ٻوليء جو وڏي نالي وارو اديب، تاريخدان ۽ مترجم “محترم فضل احمد بچاڻي” (ٽنڊوالھيار) جيڪو پاڻ اڪثر گوشئه نشين رھڻ پسند ڪندي ڪنهن وٽ نه ويندو ھو تنھن جون دل واريون قرب ڀريون حساس تارون شوڪت جهڙي محبوبي مزاج رکندڙ سان ڳنڍجي ويون. ان قرب سبب بچاڻي صاحب وٽس ايندو ھو جتي ڪچھريون مَچنديون ھيون ۽ تاريخ جڙندي ھئي. اھڙيء ريت پاڻ وڏي شاعر سيد مرتضا ڏاڏاھي سان به جيڪي قرب واريون ڪچهريون مَچايو… سي مٺا وسرن نٿيون. ان حوالي سان شوڪت وٽ تاريخي معلومات تمام گهڻي آھي جيڪا امانت کيس ڪتابي صورت ۾ عام ڪرڻ جي گذارش ڪجي  ٿي، جيئن اھو قيمتي اثاثو ضايع نه ٿي سگهي. شوڪت ميمڻ جهڙو يارويس ڀلو اداڪار ڪنهن به ريت  وڏن اداڪارن جهڙوڪ، اداڪار قوي، سيد شفيع محمد شاھ، يار محمد شاھ، گلاب چانڊيو، منظور مراد، قربان جيلاني، مشتاق چنگيزي، يعقوب مرزا، بشرا انصاري ۽ انهن جھڙن ٻين گهڻن قدآور  آرٽسٽن کان گهٽ حيثيت وارو اداڪار شمار نٿو ڪيو وڃي.

پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تان نشر ٿيل ڊرامن سميت مشهور چينلن تان به ڊراما تيار ڪري نشر ڪيا ويا آھن جن ۾ آرٽسٽ شوڪت ميمڻ اداڪاري جي فن ۾ پاڻ ملھايو آھي کيس پاڪستان جي وڏن فنڪارن سان ڊرامن جي مختلف ڪردارن سان نڀاء ڪندي ڪاميابي ڏيارڻ جو اعزاز پڻ مليل آھي.

سنڌ سرڪار خاص ڪري “ثقافت کاتي سنڌ” کي ڏات ڌڻين/فنڪارن جي فن جو سندن زندگيء ۾  قدر ڪرڻ جي گذارش ڪجي ٿي. ھن سينيئر اداڪار جا  ڪيترا مشھور ڊراما ۽ قسطوار سيريل به ڏسندڙن طرفان گهڻو پسند ڪيا ويا آھن. جن ۾، گناهگار، نصيب، پڇتاء، ڇانوَ، ڪوھيڙو، انتھا، جياپي جي جنگ، آخري بس، وغيره ۽ اردو ڊرامن ۾، تبديلي، سردار، نصيب، درد ڪِي ڪٿها

۽ ٻيا ڪيترا ڊراما جن جي فهرست ڊگهي آھي.

سپر اسٽار شوڪت ميمڻ کي مختلف فن ۽ ادب سان محبتون ڪندڙ تنظيمن پاران شاندار پروگرام رچائي کيس ڪيترن ايوارڊن، اعزازن ۽ شيلڊن سان نوازيو ويو آھي. اسان کيس سندس فني ڪاوشن ۽ خدمتن تي سلام پيش ڪريون ٿا.