شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي شاعري گهن رخي علامتي معنائن ۽ علامتي شعور منجهان آهي سندس شاعريءَ مان سماجي ڪارج جي خبر پڻ پوي ٿي۔ يعني هن جي شاعري سماج جي ڪنهن هڪ مخصوص طبقي يا شيءِ لاءِ نه آهي، پر جنهن طرف پرک ڪجي ٿي ته لطيف سامهون نظر اچي ٿو. ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو نه رڳو سنڌي سماج تي اطلاق ٿئي ٿو، پر عالمي سماجي قدرن جي بنياد تي هن جي سماجي فڪر لاءِ دنيا جي الڳ الڳ ملڪن ۽ سماجن ۾ پرکي سگهجي ٿو. اهائي ڳالهه ان جي شاعريءَ لاءِ عالمگيريت عطا ڪري ٿي. اڄ مند ۽ موسم سان اهڙي مٺي شيءِ جو تذڪرو ڪريان ٿو جنهن کي دنيا ته ماکي چوي ٿي پر لطيفي فڪر ان جي خصوصيت کي پنهنجي بيتن ۾ ڳائي امر ڪري ڇڏيو آهي.
ماکيءَ کي انگريزيءَ ۾ Honey، عربيءَ ۾ العسل، اردو ۾ شھد سڏيو ويندو آهي. هي هڪ مٺو پاڻياٺو مادو آهي جيڪو ماکي جون مکيون گلن جي رس جي مدد سان ٺاهينديون آهن. ماکي انسان لاءِ الله تعاليٰ جي عطا ڪيل هڪ بي بها نعمت آهي جنهن کي تمام غذائي نعمتن مان هڪ امتيازي درجو حاصل آھي. ماکي قدرتي طور تي انسان لاءِ نمٺاڻ Fructose، گلوڪاڻ Gulucose ۽ معدنيات Minerals جو ذريعو آهي ۽ دافع تڪسيد Antioxident ۽ دافع بئڪٽيريا Antibacterial آھي. ماکي دوا سان گڏ غذا آھي جنھن کي لاتعداد بيمارين ۽ جسماني تڪليفن جي ڇوٽڪاري لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ماکيءَ ۾ موجود ڪيلشم ڏندن ۽ ھڏين کي مضبوط ڪري ٿو. وٽامن سي ھاضمي جي نظام کي ٺيڪ رکي ٿو. ھي مرڪب جسم کي مضبوط بڻائين ٿا. شاهه لطيف رح تشبيهي طور پنهنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪيو آهي.
سونھپ ۾ سپ گھڻا منجهڻ ماکي ھوء
پرو تھين پوءِ، جو اجھي پوءِ ان تان
سمجھاڻي: رھبري ھيٺ ھلڻ ۾ نانگن جا ڏنگ آهن، منجھي پوڻ ۾ ماکي جھڙو مزو آهي خبر انهن کي ٿي پوي جيڪي ٿاٻڙجي ٻنهي راھن تان اڪريو وڃن. ڪجهه ماڻھو ماکي کي کير سان، ڪجهه چانھن سان ۽ ڪي پاڻي سان استعمال ڪن ٿا. ڪي ماڻھو صبح جو ناشتي ۾ استعمال ڪن ٿا، ڪي ڊبل روٽي تي ۽ ڪي اڦراٺن تي مکي کائڻ پسند ڪن ٿا. ڇو ته ماکي هڪ بهترين غذا آھي، جنهن سان نه رڳو رت صاف ٿئي ٿو، پر دل ۽ دماغ کي به ﻃﺎﻗﺖ ملي ٿي. ماکي ۽ زڪام کان بچائي ٿي ۽ ڪيترين ئي اندرين ۽ توڙي ٻاهرين جسماني تڪليفن جو هڪ بهترين علاج آهي. ماکي گلوڪوز، فرڪٽوز، مئگنيشم، پوٽيشم، ڪئلشم، سوڊيم، سليڪا، ڪلورين، سلفر، آئرن ۽ فاسفورس سان مالا مال آھي. ان کانسواءِ وٽامن بي-1، وٽامن بي-2، وٽامن بي-6، وٽامن بي-5، ڪاپر، آيوڊين ۽ جست جي ٿوري مقدار پاتي وڃي ٿي. ھزار سالن کان ماکيءَ کي آيورويدڪ دوائن ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ان جو بنيادي مقصد مختلف عناصرن ۾ پيدا ٿيڻ واري عدم توازن کي مثبت طور تي دور ڪرڻ آھي. نظر ۾ تيزي، وزن گهٽ ڪرڻ، نامردي ختم ڪرڻ ۽ سرعت انزال جھڙن مرضن ۾ مفيد آھي. پيشاب جي نالين جي بيمارين، دم ۽ آتن جي صورت ۾ فائديمند شي آھي، تڏهن شاهه ڀٽائي فرمايو:
قاتل ڪمائي ڪري، وهه ماکي جي ڪن،
وٽان ويهي تن، پيج ڪي پياليون.
سمجهاڻي: اھي ڪيمياگر (ڪامل شخصيتون) جيڪي ڪڙي زھر کي به پنهنجي محنت ۽ رياضت سان ماکيءَ جهڙو مٺو ۽ فائديمند ڪن ٿا، انهن جي صحبت اختيار ڪري ڪجھ ونڊ حاصل ڪجي.
ماکيءَ ۾ اهڙيون خاصيتون آهن جيڪي مختلف مرضن ۽ تڪليفن ۾ فائدو ڏين ٿيون. ماکي ڪمزور دماغ وارن لاءِ ڪارائتي شيءِ آهي. هي چهري جو رنگ صاف رکي ٿو ۽ خون صاف ڪري ٿو. هن جو روزانو استعمال سان معدو صحتمند رهي ٿو. پاڻي ۾ پيئڻ سان اکين کي فائدو ڏيندو آهي. ماکي فاسد مادن کي ڪڍي ٿي ۽ زھريلن مادن کان دور ڪري ٿي. ماکيءَ جا بيڪٽريا روڪ مادا انسان جي مدافعتي نظام کي مضبوط ڪن ٿا. ماکي جگر جي فعل کي بيدار ڪري ٿي. يرقان، فالج ۽ لقوي کي دور ڪري ٿي ۽ مثاني ۽ بڪين جي پٿري کي ٽوڙي ڪڍي ٿي، جيڪو دارچيني ۾ اسينشل آئل ٿئي ٿو اھو ماکي سان ملي ٿو ته ان سان ھائيڊروجن، پر آڪسائيڊ ٺھي ٿو جيڪو جسم ۾ فنگس يا جراثيمن جي وڌڻ کي روڪي ٿو. ھن خدائي نعمت کي مرشد لطيف محبوبن سان ڪيڏي نه سهڻي مشابهت ڪري ٿو:
هن تاري سامهان، هن تاري هيٺ،
سڄڻ ماکي ميٺ، ڪوڙا ٿين نه ڪڏھن.
يا وري هيئن فرمايائين:
هُنَ تاري، هُنَ هَنڌِ، هُتِ منهنجا سُپرِين،
سَڄَڻَ ماکيءَ مَنڌِ، ڪَئوڙا نه ٿين ڪڏَهِين.
منهنجا سپرين هن ڏورانهين تاري هيٺ آهن. منهنجن محبوبن ۾ ماکيءَ جو ميٺاج آهي ۽ هو ڪڏهن به ڪئوڙا ٿيڻ جا نه آهن.
طبي ماهرن مطابق ماکي کي ڪن، نڪ ۽ گلي جي انفيڪشن لاءِ روڳ روڪAntibiotic طور استعمال ڪري سگهجي ٿو، ڇو جو ماکي جي مکين جي اڪثر قسمن ۾ روڳ روڪ خاصيتون موجود هونديون آهن. رپورٽ موجب طبي ماهرن جي ليبارٽري ٽيسٽن مان معلوم ٿيو آهي ته ڇوت Infection سبب پيدا ٿيل اڪثر بيڪيٽريا ماکي سان مري ويندا آهن. ماھرن مطابق ماکي جو روڳ روڪ دوا طور ڪم ڪرڻ جو عمل تمام حيرت انگيز آهي. هن وقت سڀني کان وڌيڪ اثرائتي اينٽي بايوٽڪ دوا “ريلفمين” سان رڳو 18 سيڪڙو بيڪٽيريا مرندا آهن، پر ماکيءَ جي اينٽي بايوٽڪ دوا طور استعمال سان 91 سيڪڙو تائين بيڪٽريا ختم ٿي ويندا آهن. نِج ماکي بيمارين سان مقابلي جي سگھ وڌائي ٿي. هن ۾ جيوڙن ۽ بيمارين کان بچائڻ واري خاصيت هوندي آهي جنھن سان قوت مدافعت وڌندي آهي. موسم جي اثرن کان بچڻ لاءِ به ماکي استعمال ڪري سگھجي ٿي. ماکي سيءَ کان به بچائي ٿي ۽ ان جي کائڻ سان ماڻهو ٿڌي پاڻي ۾ به وهنجي سگهندا آهن. ٻڪري جي کير ۾ ماکي ملائي پيئڻ سان رت صاف ٿئي ٿو ۽ چرٻي به گهٽ ٿئي ٿي.
قديم يوناني، رومي، بازنطيني، مصري (قبطي)، ايراني (فارسي)، سامي قومون ماکيءَ کي غذا ۽ دوا طور ڪتب آڻينديون هيون، کين اُن جي بھترين معلومات هئي جنھن جو تذڪرو تاريخي ڪتابن ۾ آيل آهي. زيتون جو تيل، ماکي ۽ انجير مان ٺهيل شراب کي بني اسرائيل جون قومون قديم زماني کان استعمال ڪن ٿيون، ان رسم جو رواج عرب ۾ به پيو. اڍائي ھزار سال اڳ جالينوس، افلاطون ۽ بقراط جھڙا وڏا حڪيم ماکي جي افاديت جا قائل ھئا. پراڻي زماني کان ماکي بطور دوا استعمال ٿيندي پئي اچي. لنڊن جي ھڪ ميوزيم ۾ پيل فرعون جي لاش تي ماکيءَ جي مک جي تصوير ٺھيل آھي جيڪو 36 سو قبل مسيح اڳ جو آھي. ميڊيڪل جي دور کان اڳ ۽ پوءِ مغرب ۾ ايپائرن ٿراپي رائج ھئي جنھن ۾ ماکي ۽ ماکي مان ٺھيل شين جو استعمال ڪيو ويندو ھو. ميٺ ۽ محبت جي علامت ماکيءَ کي لالئون لال لطيف هن بيت ۾ ڪيڏو نه خوبصورت ڳايو آهي:
آما ڀانيان اڪ، کٻڙ کٿوريان اڳرا،
ڪٽيان پٽيان پيٽ کي، ماکيان مٺي مڪ،
ڪوڪڙ ڪوڍيرن ۾، ڦوڪئو ڀريان ڦڪ،
ور ھلاکي سين حق، کوء وڏائون وڙن سين .
اي سومرا سردار، آئون تنهنجي انبن کي پنهنجي ملڪ ملير جي اڪن برابر ٿي سمجهان ۽ پنهنجي وطن جي کٻڙن جي خوشبوءِ کي تنهنجي مشڪ جي خوشبوءِ کان وڌيڪ ٿي ڀانيان، آئون پنهنجي پيٽ کي (چڙ مان) پئي مڪون ھڻان ته تنهنجي ماکي کان وڌيڪ مٺا منهنجي ملڪ جا پيرون (مڪ) آھن، شل آئون ڪوڪڙ ڪوڍيرن ۾ وجهي صاف ڪري ان جا ڦڪ ڀريان (اي عمر!) پنهنجي مڙس سان ڏکيو گذران غير مرد سان خوش گذارڻ کان وڌيڪ ڀلو آھي، ڀلي اھو وڃي کڏ کوھ ۾ پوي!