بلاگنئون

قائد اعظم محمد علي جناح هڪ نظر ۾

قائد اعظم محمد علي جناح جو خاندان: قائد اعظم محمد علي جناح جو ڏاڏاڻو خاندان ڏھين کان سورھين صدي جي وچ واري عرصي ۾ ايران کان ھندستان جي گجرات جي ڀرسان گونڊل رياست جي پانيلي ڳوٺ ۾ آباد ٿيو، سندس خاندان اھل تشيع واري فرقي سان لاڳاپيل خواجا برداري تي ٻڌل ھو. قائداعظم محمد علي جناح جي ڏاڏي پونجا بنيادي طور تي واپار کي ترجيح ڏني، ڳوٺ جي ڪجھه ڪاريگرن کي ملازم رکي سوٽي ڪپڙي جي اڻت ڪندو ھو، جنھن کي تياري بعد بازار ۾ وڪيو ويندو ھو، ان ڪاروبار ۾ ايتري بچت ٿيندي ھئي جو جناح پونجا جو گھراڻو خوشحال گھراڻو ليکيو ويندو ھو.
جناح جي ڏاڏي پونجا کي ٽي پٽ ھئا والجي ڀائي، ناٿو ڀائي ۽ جناح ڀائي، جڏھن ته ھڪ ڌيءَ ھئي جنھن جو نالو مان ٻائي ھو. قائداعظم محمد علي جناح جو پيءُ جناح پونجا 1850ع ۾ ڄائو. جناح ڀائي پنھنجي سڃاڻپ الڳ پيدا ڪئي، پنھنجي پيءُ واري ڪاروبار کي ڇڏي وڃي چمڙي جو ڪاروبار ڪيو، انھي دوران ھن جي شادي پانيلي ڳوٺ جي ويجھو ھڪ ٻئي ڳوٺ “دھغا” مان مٺي ٻائي سان 1874ع ۾ ڪرائي وئي. انھن ڏينھن ۾ڪاروبار جي حوالي سان ٻه وڏا شھر مشھور ھئا ھڪ ممبئي ۽ ٻيو ڪراچي، جناح ڀائي پنھنجي واپار لاءِ ممبئي بدران ڪراچي کي ترجيح ڏني، ھن اتان لڏي اچي سڀ کان پھريان ڪراچي جي ويجھو ٺٽي ضلعي جي ھڪ مشھور سياحتي شھر جھرڪن ۾ جاءِ وٺي رھائش اختيار ڪئي.
قائد اعظم محمد علي جناح جو ننڍپڻ ۽ تعليم: جھرڪن جي ڳوٺ ۾ ٻن سالن بعد 25 ڊسمبر 1876ع ڌاري جناح پونجا کي پھريون پٽ محمد علي جناح ڄائو، (اسٽينلي وولپرٽ قائداعظم محمد علي جناح جي پيدائش 20 آڪٽوبر 1875ع ٻڌائي ٿو، ۽ چوي ٿو ته قائد اعظم محمد علي جناح جي پھرئين اسڪول سنڌ مدرسة الاسلام جي رجسٽر ۾ ائين لکيل آھي، پر قائداعظم محمد علي جناح پنھنجي حياتي ۾ ئي پنھنجي ڄم جي تاريخ 25 ڊسمبر 1876ع قرار ڏني ھئي ۽ جاءِ پيدائش ڪراچي کي قرار ڏنو ھو.) انھي عرصي دوران قائداعظم محمد علي جناح جي والد کي ٻيو اولاد به ٿيو، جن ۾ ٻه پٽ بندهه علي ۽ احمد علي ھئا ۽ چار ڌيئرون رحمت، مريم، شيرين ۽ فاطمه جناح شامل ھيون، جناح ڀائي سنڌ ۾ ڏھن سالن جي عرصي دوران 8 ڪروڙ رپين کان به وڌيڪ ملڪيت جو مالڪ ٿي چڪو ھو، ھي ان وقت ھر قسم جو واپار ڪندو ھو. قائد اعظم محمد علي جناح کي ننڍپڻ ۾ پڙھائي سان بلڪل شوق نه ھو. جناح ڀائي سندس والد ڏٺو ته ھي پڙھائي ۾ شوق وٺي نه رھيو آھي ڇو نه ھن کي ڪراچي ۾ داخلا ڏيارجي، ان سلسلي ۾ ئي قائداعظم محمد علي جناح کي کارادر جي ھڪ پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. 1887ع ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي پڦي ممبئي مان “مان ٻائي” پنھنجي ڀاءُ جناح ڀائي پونجا سان ملڻ لاءِ ڪراچي آئي، ۽ ھي چار ڏينھن رھي، انھن چئن ڏينھن ۾ ڀائيٽيو قائداعظم محمد علي جناح ڏاڍو پسند آيس، ۽ ھن کي پاڻ سان گڏ ممبئي وٺي وئي، جيئن اتان واپس وريو ته تقريباً 12 سالن جي عمر ۾ 23 ڊسمبر 1887ع ۾ ھن کي سنڌ مدرسة السلام اسڪول ۾ سندس والد داخل ڪرايو، ان ۾ ھي نھايت ھوشياري ۽ محنت سان پڙھڻ لڳو، اُن پڙھائي واري عرصي دوران، اوچتو گرامس ٽرينڊنگ ڪمپني جي ھڪ انگريز جنرل مينيجر فيڊرڪ ڪرافٽ جيڪو قائداعظم محمد علي جناح جي والد جو گھرو دوست ھو، ھن ان کي آڇ ڏني ته ھو پنھنجي پُٽَ کي ھڪ سٺي واپاري تربيت ڏيارڻ لاءِ انٽرنشپ ذريعي انگلينڊ موڪلي جتي ھو ٽي سال تعليم وٺندو مان اُن ڏس ۾ کيس مدد فراھم ڪندس، جناح ڀائي کي اھا آڇ ڏاڍي پسند آئي ۽ ھو سوچڻ لڳو جيڪڏهن ائين ٿئي ته “جناح پونجا اينڊ ڪمپني” لاءِ ڏاڍو فائدو ٿيندو، ھن فوراً ان انگريز دوست کي چيو ته اوھان ان سلسلي ۾ منھنجي مدد ڪريو.
قائد اعظم محمد علي جناح جون شاديون: انگلينڊ وڃڻ کان پھرين قائداعظم محمد علي جناح جي والده سخت احتجاج ڪيو ۽ راضي ڪرڻ لاءِ کين وڏا جتن ڪيا ويا، آخرڪار ھڪ ڳالهھ تي راضي ٿي ته لنڊن وڃڻ کان پھريان پٽ جي شادي ڪرائي وڃي، پوءِ ڀلي وڃي، قائد اعظم محمد علي جناح جي شادي لاءِ سندس امڙ مٺي ٻائي پنھنجي پانيلي ڳوٺ وارن مائٽن جي ھڪ چوڏھن سالن جي ڇوڪري ايمي ٻائي جو رشتو ڳولھي ھٿ ڪري ورتو ۽ ڪجھه ڏينھن بعد قائد اعظم محمد علي جناح جي شادي ڪرائي وئي، جڏھن قائد اعظم محمد علي جناح شادي ڪري رھيو ھو، ان وقت پنجين ڪلاس جو شاگرد ھو، ۽ عمر سورنھن سال ھئس ۽ گھر واري جي عمر 14 سال ھئي. شادي جي فوراً بعد قائداعظم محمد علي جناح کي انگلينڊ وڃڻو ھو ڇو جو ان جي پڙھائي جو بندوبست ٿي چڪو ھو، ھوڏانھن جن مائٽن وٽان قائداعظم محمد علي جناح شادي ڪئي انھن وٽ رسم ھئي ته ڪنوار گھٽ ۾ گھٽ ھڪ مھينو پنھنجن مائٽن وٽ گذاريندي تنھن تي قائداعظم محمد علي جناح جي والدين ۽ سندس جو ھڪ ٻئي جي سامھون اچڻ فطرتي ھو، گھڻي جھڳڙي کان پوءِ قائداعظم محمد علي جناح پنھنجي ساھرن کي سڌو سڌو چيو ته ڇوڪري جيڪڏھن اسان سان گڏ موڪليو ٿا ته ٺيڪ نه ته پوءِ ڪراچي ڏياري موڪلجو، جنھن کان پوءِ ڇوڪري جا والدين راضي ٿيا ۽ سندس ڪنوار کي ڪراچي رخصت ڪيو ويو. قائداعظم محمد علي جناح چون ٿا ته ٽي ڏينھن ڪراچي رھي جنوري 1893ع ڌاري سامونڊي جھاز ۾ انگلينڊ روانو ٿيو.
قائداعظم محمد علي جناح جي پھرين شادي ٻاراڻي عمر ۾ ٿي، انگلينڊ وڃڻ کانپوءِ سندس زال فوت ٿي وئي. قائداعظم جي ٻين شادي ممبئي جي مشھور پارسي صنعت ڪار ڪروڙ پتي سر ڊنشا پيٽٽ جي اڪيلي سڪي لڌي ڌي رتن ٻائي سان ٿي. رتن ۽ جناح جي وچ ۾ عمر جو 24 سالن جو فرق ھو، جڏھن سر ڊنشا کي پنھنجي ڌي جي عشق جي خبر پئي ته تمام گھڻو ناراض ٿيو، ڌي کي جناح سان ملڻ لاءِ منع ڪيو ليڪن عشق جي آڏو قيد ۽ بند، قلعه ۽ ڪوٽ، زنجير ۽ رڪاوٽون سڀ بي معنيٰ آھن ۽ مائونٽ پليزنٽ روڊ تي جناح جي بنگلي اچي سورنھن اپريل 1918ع تي اسلام قبول ڪيو ۽ سندس مسلم نالو مريم رکيو ويو. ٽن ڏينھن بعد 19 اپريل تي جمع واري ڏينھن سندس شادي ٿي. شادي ۾ قائد جو دوست راجا صاحب آف محمود آباد به شريڪ ٿيو. رتن کي قائداعظم طرفان ڏنل منڊي به راجا صاحب آف محمود آباد جي ھئي. قائداعظم محمد علي جناح کي مريم (رتن) مان 1919ع ۾ هڪ ڌيءَ پيدا ٿي، جنھن جو نالو دينا رکيو ويو. رتن 28 سالن جي عمر ۾ 22 فيبروري 1929ع ۾ بيماري سبب گذاري وئي. کيس ممبئي ۾ دفن ڪيو ويو.
قائداعظم محمد علي جناح جو لنڊن وارو دور ۽ سياست کان متاثر ٿيڻ: قائد اعظم محمد علي جناح کي پنھنجي والد انگلينڊ وڃڻ وقت ٻه ڳالھيون چيون يا ته پنھنجي وڏن جي عقل، ڏاھپ تي ڀروسو ڪري سندن ڏسيل واٽ تي ھلي گھربل ترقي ماڻ يا وري پنھنجي رستي تي ھلي غلطين مان پاڻ سکي اڳتي وڌ. چون ٿا ته قائد اعظم محمد علي جناح پوئين طريقي کي اھميت ڏني ۽ اڳتي وڌندو رھيو، سورھن سالن جي عمر جو محمد علي جناح انگلينڊ وڃڻ واري پاڻي واري جھاز ۾ چڙھي پيو، جيڪو لڳ ڀڳ ھڪ مھيني جي مسافري کانپوءِ فيبروري 1893ع ۾ انگلينڊ جي اتر واري ڪناري تي وڃي لنگر انداز ٿيو. جنھن کان پوءِ قائد اعظم محمد علي جناح گراھم واري ڪمپني جي آفيس ۾ واپاري ڪم ڪار واري ڪرت سان لڳي ويو، ڪمپني جي ھيڊ آفيس انگلينڊ شھر جي وچ ۾ ھئي، جيڪا وولپرٽ موجب، شھر جي ٿريڊنيڊل اسٽريٽ جي ويجھو ٽيمپر درياءَ جي ڪناري تي ليڊن ھال اسٽريٽ وٽ تاريخي گلڊ ھال، بئنڪ آف انگلينڊ، ۽ پراڻي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ھيڊ آفيس جي ٿوري ئي مفاصلي تي ھئي. جتي قائداعظم محمد علي جناح روازانو وڃي اتي ھڪ ميز ۽ ڪرسي تي ويھي سکندو رھيو.
قائداعظم محمد علي جناح واپاري ڪم ڪار کي اڃا سمجھي ئي نه سگھيو ھو ته ھن کي اتان جي ماحول ٻي رخ ۾ موڙي وڌو ۽ ھن ارادو ڪيو ته ھو واپاري ٿيڻ بجاءِ وڪيل ٿيندو، جڏھن اھو ارادو پنھنجي والد کي خطن ذريعي ٻڌايو ته سندس والد سخت ناراض ٿيو، ان باوجود ھن والد جي پرواھه نه ڪئي ۽ 25 جون 1893ع ۾ ھن انگلينڊ جي ھڪ وڏي درسگاھه “لنڪن اِن” ۾ وڪيل ٿيڻ جي داخلا وٺي ڇڏي ۽ وڪالت جي تعليم شروع ڪري ڏنائين، ۽ ايتري ته محنت ڪيائين جو ٽن سالن وارو امتحان ٻن سالن ۾ پاس ڪيائين ۽ ڊگري ورتائين، ھي اتي ارڙھن ورھين جو ننڍي ۾ ننڍو شاگرد ھو، جيڪو بئريسٽر ٿيو ۽ محمد علي جناح پنھنجي نالي ۾ تبديلي آڻيندي محمد علي جناح واري ڊگھي نالي کي ايم اي جناح واري مختصر نالي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ھو. انگلينڊ ۾ قائد اعظم محمد علي جناح پنھنجي نالي ۽ لباس ۾ تبديلي آڻڻ سان گڏ ھڪ ٻئي تبديلي به آندي، اھا ھئي ھڪ شيشي واري عينڪ پڻ پائڻ شروع ڪري ڇڏي ھئي ۽ ھي عادت سڄي عمر تائين رھي ھئي. ھن دور ۾ ئي ھو لارڊ مارلي جوزف چيمبرلين ۽ گلڊاسٽون جھڙن سيڪيولر ماڻھن کان متاثر ٿيو، ھن کان پوءِ ھو دادا ڀائي نوروزجي کان به متاثر ٿيو، دادا ڀائي نوروزجي ھندستان جي پارسي اقليت جو ھڪ وڏو روشن خيال ۽ سيڪيولر اڳواڻ ھجڻ سان گڏ وڏو واپاري به ھو.
قائد اعظم محمد علي جناح جي وڪالت ڪرڻ جي شروعات: 16 جون 1896ع ۾ قائداعظم محمد علي جناح ڪراچي وڃڻ جي بجاءِ ممبئي لاءِ بحري ٻيڙي ۾ روانو ٿيو ۽ ڪجھه ڏينھن ۾ اچي ممبئي ۾ پھتو ھن جي عمر 20 سال ھئي، ھي ننڍي عمر جو ڊگري يافته بئريسٽر ھو ھن جي ٻولي انگريزي ھئي ۽ اھا ئي ٻولي آخر تائين رھي ۽ ممبئي کي پنھنجي مستقل رھائش قرار ڏنائين ۽ اتان ئي وڪالت جي پريڪٽس شروع ڪيائين، قائد اعظم محمد علي جناح ڪجهھ عرصي کان پوءِ ميڪفرسن جي آفيس ۾ ڪم ڪندو رھيو، ھي تمام ڄميل وڪيل ھو، انھيءَ دوران چارلس اوليونٽ ھن کي ٽئين پريزيڊنسي مئجسٽريٽ جي نوڪري ڏني، جنھن سان قائداعظم محمد علي جناح جي معاشي پريشاني ختم ٿي ۽ اڳتي وڌڻ جو به کيس موقعو مليو، ھن کان پوءِ قائد اعظم محمد علي جناح پنھنجي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح کي به ممبئي گھرايو ۽ ھڪ مشھور ڪانوينٽ اسڪول ۾ داخل ڪرايو، قائد اعظم محمد علي جناح سال تائين ميجسٽريٽ رھيو ۽ ان عھدي تان 1901ع ۾ استعفيٰ ڏني ۽ ٻيھر وڪالت شروع ڪيائين ۽ پنھنجي وڪالت ڄمائڻ کان پوءِ ھن ممبئي جي مڙني وڪيلن کان وڌيڪ دولت ۽ پيسو ڪمايو. (ھيڪٽر بوليٿو جي موجب ھن پنھنجي ڪم کان سواءِ ٻي ڪنھن ڳالھه ۾ دلچسپي نه ورتي رات ڏينھن محنت ڪندو ھو.)
قائد اعظم محمد علي جناح ممبئي ۾ پنھنجي حيثيت کي مضبوط ڪيو تنھن کان پوءِ سندس والد جناح ڀائي پونجا ڪراچي کي ڇڏي، پنھنجي مڙني ٻارن سميت ممبئي کان ڪجھه دور رتناگري واري علائقي ۾ رھڻ لڳو. قائد اعظم محمد علي جناح کي ذاتي طرح سيڪيولر ذھنيت رکندڙ ڏٺو ويو. ھن جي زندگيءَ ۾ مذھبي تعصب بلڪل شامل نه ھو، ھن جا اڪثر دوست ٻين مذهبن سان تعلق رکندا هئا، جن سان ھو وقت گذاريندو ھو.
قائد اعظم محمد علي جناح جي سياسي زندگي جو احوال: قائد اعظم محمد علي جناح آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جو رڪن ته 1906ع ۾ ٿيو، پر سندس پھريون رسمي لاڳاپو سيپٽمبر 1905ع ۾ ٿيو، جڏھن کيس ممبئي پريزيڊنسي ايسوسيئيشن، انگلستان ويندڙ وفد ۾ فيروز شاھه مھتا جي جاءِ تي ڪانگريس وفد جو ھڪ رڪن چونڊيو ويو. ڊسمبر 1906ع تائين قائد اعظم محمد علي جناح ڪانگريس ۾ پنھنجي حيثيت مضبوط ڪندي نظر اچي ٿو. ايستائين جو کيس ڪانگريس جي صدر دادا ڀائي نوروزجي جو پرسنل سيڪريٽري چونڊيو ويو. خودمختيار حڪومت جو تصور پھريون ڀيرو ڪلڪتي 1906ع ۾ ڪانگريس جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويو، جنھن ۾ قائداعظم محمد علي جناح پنھنجي پھرين سياسي تقرير ڪئي، اھا به خودمختيار حڪومت جي ٺھراءَ جي حمايت ۾ هئي. ٻن سالن کان پوءِ ڪانگريس جي مدراس واري اجلاس ۾ آل انڊيا ڪانفرنس ڪاميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو، انھيءَ دوران سندس اھميت ۽ حيثيت به مڃجڻ لڳي.
جنوري 1907ع تي ڪلڪتا ۾ انڊين مسلمان ايسوسيئيشن جو بنياد وڌو ويو. اھا جماعت به ڪانگريس پرو ھئي ۽ ٻين فرقن سان گڏجي ھندستاني عوام جي سياسي ۽ اقتصادي ترقي ڪرڻ لاءِ جوڙي وئي ھئي. اھو ساڳيو ئي دور ھو جڏھن انجمن ضياءُ اسلام سان به سندس ويجھو لاڳاپو پيدا ٿيو، ھي انجمن چون ٿا ته مسلمانن جي سڀ کان پھرين مذھبي ۽ سياسي جماعت ھئي. قائد اعظم محمد علي جناح آگسٽ 1909ع ۾ انجمن جي ھڪ جلسي ۾ اھو ٺھراءُ پيش ڪيو، جنھن ۾ سرڪار کان گھر ڪئي وئي ھئي ته ڌار چونڊن جي بنياد تي ڪائونسل جون جيڪي چونڊون ٿيڻ واريون آھن، انھن لاءِ مسلمانن جي انتظامي حلقن قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ مسلمان اڳواڻن سان صلاح مشورو لازمي ڪيو وڃي.
قائد اعظم محمد علي جناح جي آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شموليت: قائد اعظم محمد علي جناح کي ممبئي ۾ مسلمان پنھنجي ويجھو اچڻ لاءِ قائل ڪندا رھيا، سندس قدر ان ڳالھه مان لڳائي سگھجي ٿو ته ممبئي جي مسلمانن امپريل ڪائونسل ۾ کين پنھنجي نمائندگي جو حقدار سمجھيو ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي رڪن نه ھوندي به لڳاتار ٽن سالن 1910ع کان 1912ع تائين ڪائونسل جي اجلاس جي ڪارروائي ۾ شرڪت ۽ خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏني. ھن آل انڊيا مسلم ليگ جي نمائندن کي ڏاڍو متاثر ڪيو، ڇو ته آل انڊيا مسلم ليگ ڪائونسل اجلاس 1912ع ۾ ڪيل ٻه فيصلا اھڙا ھئا جن ۾ گھڻي ڀاڱي سندس ھٿ ھو. انھن فيصلن مان ھڪ آل انڊيا مسلم ليگ جي بنيادي دستور جي نظرثاني بابت ھو ۽ ٻيو فيصلو ھندو مسلم اتحاد لاءِ ڪم ڪرڻ بابت ھو. تنھن کان پوءِ مارچ 1913ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ھڪ ٺھراءُ پاس ڪري خودمختيار حڪومت حاصل ڪرڻ کي پنھنجو واحد مقصد قرار ڏنو ۽ ھي اھو مقصد ۽ منزل ھئي جيڪا قائد اعظم محمد علي جناح کي سڀ کان وڌيڪ عزيز ھئي، سڀني ڪوششن کي لاڀائتو بنائڻ لاءِ آخرڪار مولانا محمد علي جوھر ۽ سر وزير حسن لنڊن ۾ قائد اعظم محمد علي جناح کي چيو ته اوھان آل انڊيا مسلم ليگ جا ميمبر ٿيو، تنھن کان پوءِ قائداعظم محمد علي جناح 10 آڪٽوبر 1913ع ۾ ميمبرشپ فارم ڀري آل انڊيا مسلم ليگ جو ميمبر ٿيو.
ھندو مسلم اتحاد جي جرئتمدانه ڪوشش: قائد اعظم محمد علي جناح جو سياسي زندگي جو پھريون دور 1905ع کان 1920ع تائين جو وچون حصو آھي. جنھن ۾ کيس سر سيد احمد خان جيان اھو يقين پيدا ٿيو ته ھندو مسلم اتحاد ڪرائي گھڻو ڪجهھ حاصل ڪري سگھجي ٿو، ان ئي سلسلي ۾ رات ڏينھن ڪوششون ڪندو رھيو، جنھن جو نتيجو اھو نڪتو جو ھندستان جا اڳواڻ ھڪ ٽيبل تي 30 ڊسمبر 1916ع قيصر باغ بارھه دري لکنوءُ ۾ ويٺا جنھن کي لکنوءُ پيڪٽ جو نالو ڏنو ويو، ان معاھدي ۾ مسلمانن کي ڪافي فائدو پھتو، جنھن ۾ آل انڊيا مسلم ليگ کي مسلمانن جي جماعت تسليم ڪيو ويو، مسلمانن جي ڌار چونڊن کي به منظور ڪيو ويو، اقليتي صوبن ۾ مسلمانن کي وڌيڪ سيٽون ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو، ملڪ ۾ اھڙو ڪوبه قانون نافذ نه ڪيو ويندو، جنھن ۾ مسلمانن جا مفاد متاثر ٿين. لکنوءُ ٺاھه جي حوالي سان سروجيني نائيڊو قائداعظم محمد علي جناح جي باري ۾ چيو ته ھي ھندو مسلم اتحاد جو پيغامبر آھي. ان ئي اتحاد جي حوالي سان سيد سليمان ندوي ھڪ اردو ۾ نظم پيش ڪيو.
ہر مریض قو م کے جینی کی ہے کچھ کچھ امید
ڈاکٹر اس کا گر ہو محمد علی جناح
آل انڊيا نيشنل ڪانگريس ۽ ھوم رول ليگ تان استعفيٰ:
ھوم رول ليگ جو بنياد ھڪ آئرش عورت ايني بسنت وڌو ھو، ھي ھڪ سياسي تنظيم ھئي، ھي تنظيم سيڪيولر بنيادن تي قائم ڪئي وئي ھئي، ان ڪري قائد اعظم محمد علي جناح به 1917ع ۾ ھن تنظيم ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ھو ممبئي شاخ جو صدر بڻيو. ۽ ايني بسنت جي گرفتاري کان پوءِ اجلاس جي صدارت ڪندو رھيو.
ھندو مسلم اتحاد جي ڪجھه سالن کان پوءِ جڏھن ھندستان جي سياست ۾ تشدد جو عنصر داخل ٿيو ته قائد اعظم محمد علي جناح کي ڏاڍي مايوسي ٿي. قائد اعظم محمد علي جناح ڪرم چند گانڌيءَ جي پروگرامن ستياگر ۽ سول نافرماني سان گڏ سرڪاري امداد سان ھلندڙ اسڪولن، ڪاليجن، عدالتن، ڪائونسلن ۽ برطانوي ڪپڙي جي ٽه طرفي مخالفت ڪئي ۽ 1920ع ۾ جڏھن گانڌي ھوم رول ليگ جو صدر چونڊيو، ھن ان جو نالو ۽ دستور بدلائڻ ٿي چاھيو، تنھن تي قائد اعظم محمد علي جناح آڪٽوبر 1920ع تي ھي لفظ چئي ھوم رول ليگ جي ميمبر شپ تان استعفيٰ ڏني، “توھان جو انتھا پسندانه پروگرام وقتي طور ناتجربي ڪار نوجوانن تي اثر ڪري سگھي ٿو، پر ان جو نتيجو رڳو بدنظمي ۽ انتشار ھوندو.” ان کان پوءِ ڊسمبر 1920ع ۾ ڪانگريس جي ناگپور جي اجلاس ۾ عدم تعاون جي پروگرام کي ڪانگريس حتمي شڪل ڏني تنھن تي قائد اعظم محمد علي جناح ڪانگريس جي ميمبر شپ تان استعفيٰ ڏني، قائد اعظم محمد علي جناح 14 سال ڪانگريس ۾ رھيو ۽ سياست جي شروعات به ھن تنظيم جي پليٽ فارم تان ڪئي ھئي.
قائداعظم محمد علي جناح جي اڳواڻي ۾ پاڪستان جو آزاد ٿيڻ: انڊين نيشنل ڪانگريس، ھوم رول ليگ ۽ ٻين جماعتن جي استعيفائن کان پوءِ قائد اعظم محمد علي جناح آل انڊيا مسلم ليگ جون ڪمانون سنڀاليون، انھيءَ دوران کيس ڏاڍا لاھا چاڙھا پلئي پيا ايتري تائين جو ھندستان ڇڏي وڃي، چار سال لنڊن رھڻو پيو، ھندستان اچڻ لاءِ سڀ کان پھريان سندس دوست عبدالمتين 1933ع ۾ خط لکيو، ان کان پوءِ نواب زاده لياقت علي خان، حسين شھيد سروردي، محمد ايوب کهڙو ۽ ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي خطن ۽ ٻين مسلمان رھنمائن جي زور ڀرڻ تي واپس ورڻو پيو ۽ واپس اچي آل انڊيا مسلم ليگ جي نئين سر تنظيم سازي ڪئي، جنھن جو اھو نتيجو نڪتو جو 23 مارچ 1940ع ۾ ھندستان جي مسلمانن سندس ئي سربراھي ۾ قرارداد پاڪستان پاس ڪئي، ۽ ھندستان جا مسلمان ھڪ نظريي تي گڏ ٿيا ۽ اڪثريت رکندڙ (ھندو قوم) ۽ حڪمران قوم(انگريز) کي مڃرائي وڃي ھنڌ ڪيا ۽ پاڪستان ستن سالن جي عرصي 14 آگسٽ 1947ع ۾ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ ٿي دنيا جي نقشي تي نروار ٿيو. قائد اعظم محمد علي جناح جي اڻٿڪ محنت ۽ بي لوث خدمت کي پاڪستاني قوم اڄ ڏينھن تائين وساري نه سگھي آھي. کين قوم ۽ ملڪ جو باني ۽ رھبر قرار ڏنو آھي. پاڪستان آزاد ٿيڻ کان پوءِ قائد اعظم محمد علي جناح 11 سيمپٽبر 1948ع تي وفات ڪري ويو. محمد علي جناح نه نعري بازي جي سياست ڪئي، نه تقرير بازي جي ھو ھميشه قائدي قانون، اصولن ۽ آئين جو پابند ھو. ھو نه نواب ھو نه جاگيردار، نه سرمائيدار ھو نه صنعتڪار ۽ نه وري ڪنھن دولتمند خاندان جو چشم و چراغ، پر ھن سڀ ڪجھه پاڻ ٺاھيو، اڪيلي سر ٺاھيائين، ۽ ديانتداري سان ٺاھيائين. دنيا ۾ ڪا طاقت ھن کي خريد ڪرڻ واري ڪانه ھئي. سندس ارادو ايڏو ته مضبوط ھو جو ان جو مقابلو ھندستان جو ڪوبه ٻيو سياستدان ڪري نه پئي سگھيو. برطانيا ۽ ڪانگريس جي گڏيل طاقت کي عظيم شڪست ڏنائين. سندس زبان تي آخري لفظ ھي ھئا ته پاڪستان جو ھاڻي خدا ئي حافظ آھي.
قائد اعظم محمد علي جناح جا ويجھا ساٿي ۽ دوست: شروع جي سياسي زندگي ۾ داد ڀائي نوروزجي ۽ فيروز شاھه مھتا سندس بزرگ دوست ھئا، ان بعد گوپال ڪرشنا گوکلي سان ته گھري سياسي ۽ ذاتي دوستي به ھئس، جيتوڻيڪ عمر ۾ ھو کائنس وڏو ھو، اھڙي طرح راجا محمد علي آف محمود آباد، غلام محمد خان ڀرڳڙي، ڊاڪٽر علامه محمد اقبال، محترمه سروجني نئڊو، ديوان چمن لال، ڪانجي دوارڪاداس، سر عبدالله ھارون، چوڌري عبدالمتين به سندس دوست ھئا.
قائد اعظم محمد علي جناح ٻين جي نظر ۾:
موھنداس ڪرم چند گانڌي جي نظر ۾: اھا حقيقت آھي ته قائد اعظم محمد علي جناح ڪردار ۽ سيرت جو مالڪ آھي ۽ لالچ ۽ خوف ان ۾ نه ھو، نه ئي ھو پنھنجي جاءِ تان ھٽڻ وارو ھو.
ميسوليني جي نظر ۾: قائد اعظم محمد علي جناح، اھڙي شخصيت جو مالڪ ھو جيڪو صدين کان پوءِ پيدا ٿيندو آھي.
سر فريڊرڪ ڪرافٽ جي نظر ۾: مون پنھنجي زندگي ۾ ايڏو وڏو ھوشيار، ھونھار ۽ ذھين ٻار نه ڏٺو آھي.
پنڊت جواھر لال نھرو جي نظر ۾: قائد اعظم محمد علي جناح اعلى ڪردار ۽ سيرت جو مالڪ ھو ۽ اھو ئي وڏو ھربو ھو جنھن جي ذريعي قائد اعظم محمد علي جناح پنھنجي زندگي ۾ ڪامياب ويو.
بريٽنڊرسل جي نظر ۾: ھندستان جي تاريخ ۾ بنا شڪ جي مسلمانن ۾ اھڙو شخص ھو جيڪو پھريان پيدا نه ٿيو ھو.
لارڊ چيلمسفورڊ جي نظر ۾: جناح تمام گھڻو ھوشيار ۽ سمجھدار آھي.
سروجني نائيڊو جي نظر ۾: ان جي انانيت ۾ وڏي معصوميت ھئي، ان جو مشاھدو ھڪ عورت جي مشاھدي وانگر تيز ۽ نازڪ آھي، ان جي مزاج ۾ ٻارن جي مزاج جھڙي شوخي ۽ دلڪشي آھي، ھو بنيادي طرح عملي ماڻھو آھي.
بيرولي نڪولسن جي نظر ۾: مسٽر جناح ايشا جي اھم شخصيت آھي، ھو پنھنجي مرضيءَ مطابق جنگي صورتحال تبديل ڪري سگھي ٿو.
لارڊ مائونٽ بيٽن جي نظر ۾: قائد اعظم محمد علي جناح ڪنھن فريق سان فيصلو ڪندو ھو ته مردن وانگر سمجھوتو ڪندو ھو، ھن ڪڏھن به ڪوبه سمجھوتو جھڪي ۽ بزدلانه انداز ۾ نه ڪيو آھي. اھا ئي سندس وڏي خوبي آھي. ان کان علاوه اھو به چيائين ته جناح ھڪ برف جو جبل آھي.
لارڊ ويول جي نظر ۾: مسٽر جناح مخلص قوم جو مخلص رھنماءُ ئي نه بلڪه سچو وڪيل به آھي، ۽ مسٽر جناح جا ارادا اٽل آھن ان کي پنھنجي ارادي ۽ راءِ کان ڪابه شيءِ نه ٿي ھٽائي سگھي.
گوپال ڪرشنا گوکلي جي نظر ۾: محمد علي جناح بيشمار صلاحيتن جو مالڪ آھي، ھو ڪنھن به فرقيوارنه تعصب کان مٿي آھي، تنھنڪري ھو ھندو مسلم اتحاد جو پيغمبر ٿي سگھي ٿو.
سرونسٽن چرچل جي نظر ۾: قائد اعظم محمد علي جناح وڏو ذھين سياستدان آھي ۽ مان مسلمانن جي ان وڏي اڳواڻ جي ياد کي ڪڏھن وساري نٿو سگھان.
راجگوپال اچاريه جي نظر ۾: قائد اعظم محمد علي جناح اعلى ڪردار جو مالڪ آھي، ان کي ملڪ ۾ وڏي مقبوليت حاصل آھي، ۽ ان جي انڌي پيروي ڪئي پئي وڃي ۽ اھڙي پيروي ڪئي پئي وڃي جيڪا سچي ھمدردي به آھي.
سر اسٽئفورڊ ڪرپس جي نظر ۾: مشرقي زندگيءَ ۾ مسٽر جناح ھڪ سر بلند شخصيت جو مالڪ آھي.
ھيري ايسٽرومين جي نظر ۾: مسٽر جناح کي پنھنجي محنت ۽ جدوجھد جي عيوض مسلمان قوم ۽ ملڪ مليو، جنھن جو ھو اھل ھو، قائد اعظم محمد علي جناح خواب کي حقيقت جو روپ ڏياري دنيا اڳيان ثابت ڪري ڇڏيو آھي.
ڪليمنٽ ايٽلي جي نظر ۾: مسٽر جناح جو بي مثال جذبو ۽ رات ڏينھن محنت ئي ان جو سرمايو آھي، جنھن پاڪستان جھڙي ملڪ جو بنياد وڌو.
انگلينڊ جي وزير اعظم مسٽر رامسي مئڪڊونلڊ جي نظر ۾: قائد اعظم محمد علي جناح کي چيائين توکي خبر آھي ته اسان ھندستان کي ذميوار حڪومت ڏيڻ چاھيون ٿا، تنھنڪري اسان کي ھندستان جي صوبائي گورنرن لاءِ ماڻھن جي ضرورت پوندي، تنھن ۾ تون اسان جي نظر ۾ آھين جنھن تي جناح جواب ڏنس ته ڇا اوھان مونکي خريد ڪرڻ چاھيو ٿا، آئينده مونکي ائين ھر گز ڪڏھن نه چئجو.
جمشيد نسروانجي جي نظر ۾: اعتبار ڪريو ته جناح انسان دوست ھو، ھن جڏھن ھندن کي ڪئمپ ۾ ڏٺو ته سندن تڪليف محسوس ڪندي روئي ڏنائين، ھالانڪه ھو ڏاڍو گھٽ روئيندو ھو.
ميجر جنرل فريٿ جي زال جي نظر ۾: ميجر جنرل فريٿ جي زال مئي 1929ع ۾ پنھنجي ماءُ ڏانھن خط ۾ لکيو “وائسريگل راج شمله ۾ ڊنر بعد مون مسٽر جناح سان ڳالھايو ھو ھڪ عظيم شخصيت آھي، ھو انتھائي خوبصورت انگريزي ڳالھائي ٿو ھن جو اٿڻ ويھڻ ۽ پوشاڪ ائڪٽر ڊي ماريئر جي طرز تي آھي، ھو مستقبل جو وائسراءِ آھي، جڏھن موجوده سسٽم کي درجه به درجه ھندستاني بڻايو ويندو. مان ھميشه ھن سان ملڻ جي تمنا رکندي ھئس، نيٺ اھا پوري ٿي.”
لارينس زونگ جي نظر ۾: جيڪڏھن جناح جي موجودگي نه ھجي ھا ۽ ھن ۾ ماڻھن کي وڏين قربانين لاءِ تيار ڪرڻ جي صلاحيت نه ھجي ھا ته پاڪستان آزادي جي چند ھفتن بعد ئي وري ھندستان سان گڏجي وڃي ھان.
سرتيج بھادر سپرو ۽ ايم آر جيڪر جي نظر ۾: مان مسٽر جناح کي پندرنھن سالن کان چڱي طرح سڃاڻا ٿو ھو ضدي آھي جيڪا ڳالھه ڪندو آھي ان تي پورو لهندو آهي. جنھن تي ايم آر جيڪر چيو ته مان قومي زندگيءَ ۾ جناح کي 16 سالن کان چڱي طرح سڃاڻا اسان گڏجي ڪم ڪيو آھي ھو ضدي نه بلڪه کرو ۽ سڌو چوڻ وارو آھي.
مانٽيگو سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار انڊيا (وزير ھند) جي نظر ۾: پنھنجي ڊائري ۾ لکي ٿو، جناح ھڪ جوان سال، صحيح عادتن ۽ طور طريقن جو مالڪ، متاثر ڪندڙ شخصيت نھن کان چوٽيءَ تائين منطق سان ڀرپور ۽ پنھنجي تجويزن کي مڪمل طور عمل ڪرائڻ وارو ماڻھو آھي، جناح قابل ماڻھون آھي ۽ اھو وڏو ظلم ٿيندو جو اھڙي ماڻھو کي پنھنجي ملڪ ھلائڻ جو موقعو نه ملي.
ڊاڪٽر امبيڊڪر جي نظر ۾: مسٽر جناح مسلمانن جي تصوراتي تبديلي جو نمائندو آھي، ھن بابت ڪوبه شڪ ڪنھن به صورت ۾ ڪري نه ٿو سگھجي ته ڪو ھو انگريزن جو ھٿيار بڻيو آھي، اھي الزام بدترين دشمن به ھڻي نه ٿا سگھن. پوري ھندستان ۾ ڪنھن به سياستدان لاءِ انتھائي ديانتداري جو لفظ ايترو موزون ٿي نه ٿو سگھي جيترو مسٽر جناح لاءِ. برطانيا حڪومت سان جناح جي تعلقات جي جنھن کي به خبر آھي سو چئي سگھندو ته ھو انگريزن خلاف تنقيد ڪندو رھيو آھي، توڙي کڻي انھن جو دشمن نه به ھجي، ھن کي ڪوبه خريد ڪري نه ٿو سگھي.