ڪابل ۾ طالبان جو خودڪش حملو فوجين سميت 40 ڄڻا قتل
پرڏيهي خابرو اداري مطابق افغانستان جي گادي واري هنڌ ڪابل ۾ خودڪش حملو ٿيو آهي حملي ۾ 6 فوجي ۽ 34 سويلين اجل جو شڪار ٿيا آهن. جڏهن ته 80 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. زخمين ۾ 20 ڄڻا فوجي اهلڪار آهن. خبرن موجب طالبان حملي جي ذميواري قبولي ورتي آهي. جڏهن ته پاڪستان بم ڌماڪن جي مذمت ڪئي آهي. بم ڌماڪي سان گڏ حملو ڪندڙن ۽ فوج وچ ۾ ڇتي ويڙهه پڻ ٿي آهي. جنهن ۾ زخمين جو تعداد وڌي ويو آهي. افغانستان جي وزارت تعليم جي ترجمان نوريا نزهت چيو آهي ته حملي ۾ پرائمري اسڪول جا 50 کان وڌيڪ ٻار زخمي ٿيا آهن. بم حملي سبب اسڪول جي عمارت کي به نقصان رسيو آهي. ٻئي طرف طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد پنهنجي ٽوئيٽر جي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان حملي جي ذميواري قبول ڪريون ٿا. جڏهن ته حملي ۾ نشانو افغان وزارت دفاع جو لاجسٽڪ اينڊ انجنيئرنگ يونٽ هو. اسان سويلين کي نشانو نه پئي چاهيو اهو هڪ حادثو آهي.

