پيپلز پارٽي جي صوبائي وزير ناصرشاه پنهنجي وزارتن تان استعيفا ڏئي ڇڏي
سنڌ جي صوبائي وزير ناصر شاه پنهنجي وزارتن تان استعيفا ڏئي ڇڏي. ناصر حسين شاه پنهنجي استعيفا سنڌ جي وڏي وزير کي پيش ڪري ڇڏي آهي. هن وٽ آبپاشي، جنگلات،ورڪس اينڊ سروسز جا قلمدان هيا. خبرن مطابق پي پي اڳواڻ ناصر حسين شاه گهوٽڪيءَ ۾ ضمني اليڪشن ۾ چونڊ مهم هلائڻ جو خواهشمند آهي. قومي اسيمبلي جي تڪ 205 گهوٽڪي ۾ ضمني اليڪشن جي لاءِ چونڊ 18 جولاءِ تي ٿيندي.

