پرڏيهي بينڪن ۾ رکيل 7.5 ارب ڊالرن ۾ حڪومتي دلچسپي ختم
قومي اسيمبلي جي خزاني واري قائمه ڪميٽي جي اسد عمر جي اڳواڻي ۾ ٿيل اجلاس ۾ ايف بي آر جي ڊائريڪٽر جنرل انٽرنيشنل ٽيڪسز محمد اشفاق ٻڌايو ته جنوري بعد فيڊرل بورڊ آف روينيو آف شور بينڪ اڪائونٽ رکندڙ ماڻهن کي نوٽيس جاري نه ڪيا آهن. او اي سي ڊي پاڪستانين جي هڪ لک 52 هزار بينڪ اڪائونٽن جي معلومات گذريل سال سيپٽمبر ۾ ٽيڪس عملي کي ڏني هئي. ايف بي آر صرف اهڙن بينڪ اڪائونٽن لاءِ قدم کنيو آهي جنهن ۾ رکيل رقم 5 لک ڊالرن کان وڌيڪ هئي. ڊائريڪٽر جنرل مطابق هڪ اڪائونٽ ۾ رکيل رقم 137 ملين ڊالر (22 ارب رپيا هئي) محمد اشفاق مطابق انهن سڀني اڪائونٽن ۾ رکيل ڪل رقم 7.5 ارب ڊالر آهي. جنهن جا 4 ارب ڊالر رقم صرف 650 ماڻهن جي ملڪيت آهي. ڊي جي ٻڌايو ته ايف بي آر 650 مان صرف 325 ڄڻن جي نشاندهي ڪري سگهي آهي انهن کي نوٽيس به موڪليا ويا آهن جڏهن ته اهي گذريل ايمنسٽي اسڪيم مان فائدو حاصل ڪري چڪا آهن. محمد اشفاق ٻڌايو ته جنوري ۾ حڪومت ايمنسٽي اسڪيم جون ڳالهيون شروع ڪيون ته اسان نوٽيس موڪلڻ بند ڪري ڇڏيا هئا. هن اهو به اعتراف ڪيو هو ته ايف بي آر ابتدائي طور تي ٽيڪسن جي مقصد لاءِ انهن ماڻهن جي آمدني جو اندازو به نه لڳائي سگهي آهي.