اڏڻ کان بغير دنيا جوسير ڪرائيندڙ هوائي ڪمپني
جاپان ۾ هڪ اهڙي هوائي ڪمپني آهي جيڪا اڏام جي بغير دنيا جو سير ڪرائيندي آهي. هن جهاز ۾ سوار ٿيندڙ مسافر بورڊنگ پاس به وٺندا آهن، سيٽ بيلٽ به ٻڌندا آهن، ان ۾ هڪ جهاز جو عملو به موجود آهي، پر جهاز جي اڏام نه ٿيندي آهي. هن ايئر لائين ۾اڏام بجاءِ مسافرن کي 3-ڊي عينڪون پارايون وينديون آهن جنهن جي مدد سان اهي دنيا جي مختلف علائقن جو سير ڪندا رهندا آهن. 3-ڊي ذريعي مسافر دنيا جي مختلف شهرن جو سير ڪندا آهن. هن قسم جي جهاز جي هڪ ٽڪيٽ 62 ڊالرن جي آهي، ڪمپني جي مالڪ جو چوڻ آهي ته جڏهن کان هي ڪمپني شروع ڪئي آهي تڏهن کان وٺي هڪ سيٽ به خالي نه رهي آهي. هن وقت تائين هي ايئر لائين نيو يارڪ، روم ۽ پئرس جو ورچوئل سير ڪرائيندي آهي.