نئون

آصف زرداري پاران رائو انوار کي بهادر ٻچو چوڻ تي سنڌ ۽ خيبر پختونخواهه اسيمبلي ۾ مذمتي قراردادون جمع

پاڪستان تحريڪ انصاف پاران ڪوڙي پوليس مقابلن ۾ مطلوب رائو انوار کي بهادر ٻچو چوڻ تي آصف زرداري خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ مذمتي قرارداد جمع ڪرائي ڇڏي  آهي.

خبرن موجب پي ٽي آءِ جي سنڌ ۾ پارلياماني ليڊر خرم شير زمان طرفان اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ مذمتي قرارداد جمع ڪرائي آهي. جنهن ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري تي تنقيد ڪئي وئي آهي. خرم شير زمان قرارداد ۾ چيو آهي ته سابق صدر ڪوڙي مقابلن ۾ سوين معصو۾ شهرين کي قتل ڪرڻ واري سابق ايس ايس پي رائو انوار کي بهادر ٻچو قرار ڏئي لواحقين جي دل آزاري ڪئي آهي. 

رائو انوار جيڪو نقيب قتل ڪيس ۾ مفرور آهي اهڙي شخص کي بهادر ٻچو قرار ڏيڻ بذات خود قانون جي توهين آهي  جنهن جي اسيمبلي کي مذمت ڪرڻ کپي. 

واضح رهي ته آصف علي زرداري پاران هڪ ٽي وي  چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته  نوي جي ڏهاڪي ۾  ايم ڪيو ايم خلاف آپريشن ۾ حصو وٺندڙ بهادر آفيسرن مان هن وقت واحد آفيسر آهي جيڪو زنده آهي.

جڏهن ته آصف زرداري پاران پنهنجي هڪ ٻئي انٽرويو ۾  پهرين انٽرويو بابت ڏنل وضاحت ڏيندي چيو ته پيپلز پارٽي ماورائي عدالت قتل جي حوصلا افزائي نه ٿي ڪري رائو انوار اهڙن قتلن ۾ ملوث آهي ته هن کي سزا ملڻ گهرجي. ٻئي طرف خيبر پختونخواهه اسيمبلي ۾ به تحريڪ انصاف جي رڪن فضل الاهي مذمتي قرارداد جمع ڪرائي آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سابق صدر آصف زرداري جي بيان سان پختونن جي دل آزاري ٿي آهي، ان لاءِ هي ايوان اهڙي بيان جي مذمت ڪري ٿو.