پاڪستاننئوننيو‍‍ز

پاڪستان جي ڊجيٽل فيوچر لاءِ سي پيڪ پلان

پاڪستان جي بنيادي ڪميونيڪيشن فريم ورڪ کي ٻيهر تعمير ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۽ چين تمام گهڻو سنجيده آهن. جنهن جو ثبوت اسلام آباد ۽ چين جو لانگ ٽرم پلان تي صحيحون ڪرڻ آهي. (LTP) ٻنهي ملڪن وچ ۾ صحيح ٿيل هڪ دستاويز آهي جيڪو 2016 کان 2030ع تائين جي هڪ ايگريمينٽ آهي. ان دستاويز مطابق پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ڪميونيڪيشن ۾ فائبر آپٽڪ ڪيبل جيڪا پاڪستان ۽ چين وچ ۾ڪميونيڪيشن کي ڳنڍيندي، انٽرنيٽ جي فلو کي برقرار رکڻ لاءِ سمنڊ اندر هڪ نئين لينڊنگ اسٽيشن قائم ڪئي ويندي ان کان سواءِ عوام لاءِ هڪ ڊجيٽل ٽي وي جو قيام به ڪيو ويندو. اهو روڊ مئپ 2013ع کان 2015ع تائين ٻنهي ملڪن وچ ۾ تيار ڪيو ويو، اهو دستاويز ايڪيهين پنن تي مشتمل آهي ۽ اهو معاهدو ٻنهي ملڪن وچ ۾ 15 سالن تائين قائم رهندو.