بلاگنئون

ساهتي پرڳڻي جو مڻيادار ماڻهو

سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جي خمير مان ڪيترائي علمي ادبي سيبتا ۽ سهڻن اخلاقن وارا ماڻهو پيدا ٿيا آهن. انهن محبوب ماڻهن مان ڊاڪٽر ذوالفقار علي ولد عبدالڪريم جلباڻي، تعلقي ڪنڊياري ۽ هاڻوڪي تعلقي محرابپور، ضلعي نوشهري فيروز ۾ 6 جون ۱۹۷۲ع ڳوٺ محمد حسن جلباڻي ۾ جنم ورتو. پاڻ جڏهن پنجن سالن جا ٿيا ته سندس ڀيڻويي گلڻ خان جلباڻي نرينا اولاد نه هئڻ ڪري پُٽيلو ڪري ڳوٺ گاهي خان جلباڻي ۾ وٺي آيس. جيئن ته پاڻ ابتدائي تعليم ڳوٺ گاهي خان جلباڻي جي پرائمري اسڪول مان سن 1984ع پنج درجا پاس ڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول خانواهڻ ۾ داخل ٿيو، جتان سن 1989ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. اهڙيءَ طرح سن 1991ع گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊياري مان انٽر ۽ ساڳئي ڪاليج مان 1993ع ۾ بي اي جو امتحان پاس ڪيائين. استاد بخاري جي هڪ ڪتاب “نه ڪم نبريو نه غم نبريو” جي پڙهڻ کانپوءِ علم و ادب سان سن 1993ع کان نينهن جو ناتو جوڙيائون. سنڌي ادبي سنگت شاخ خانواهڻ جو ميمبر بڻجي باقاعدي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو رهيو. انهيءَ چاهه سبب سن 1995ع ۾ سنڌي ادب ۾ ايم اي جو امتحان پاس ڪيائين. انهيءَ عرصي دوران پاڻ گورنمينٽ پرائمري اسڪول گاهي خان جلباڻي ۾ پرائمري استاد جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. اهڙي طرح علمي و ادبي ذوق سندس رڳ رڳ سمائيندو ويو. سن 1997ع ۾ پائيٽ ڪاليج نوابشاهه مان بي ايڊ جو امتحان پاس ڪيائين. سن 2005ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سنڌي سبجيڪٽ جو ليڪچرار ٿيو ۽ سندس مقرري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج محرابپور ۾ ٿي. ڪجهه وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊياري ۾ رهيو. سن 2014ع  ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي سنڌي شعبي مان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب جي رهنمائي ۾ “غلام رباني آگري جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتن جو تنقيدي جائزو” جي عنوان سان ايم فل جي سند حاصل ڪيائين. اهڙي طرح تحقيقي ڪم کي جاري رکندي سن 2021ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي مان، سنڌ جي نامياري استاد ۽ محقق ڊاڪٽر محمد انور “فگار” هڪڙو جي نگراني ۾ “ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي ادبي تحقيق جو تنقيدي جائزو” جي عنوان سان پي ايڇ ڊي جي سند حاصل ڪيائين. ڊاڪٽر جلباڻي هڪ محنتي ۽ باصلاحيت محقق ۽ نقاد آهي جنهن جا هن وقت تائين مختلف موضوعن ستهتر مضمون ۽ مقالا مختلف اخبارن، سائين، سوڀ، ساهتي رسالن مهراڻ، ڪينجهر، همسري ۽ تحقيقي جرنلن ڪارونجهر، ڪلاچي، ڪينجهر، قليچ ۽ ماخذ ۾ شايع ٿي چڪا آهن. لکڻ ۽ پڙهڻ جو سلسلو جاري آهي. ڊاڪٽر جلباڻي جو پهريون مضمون هفتيوار اخبار “سائين” ۾  عنوان: “موتي جي مزاج جو قدر منجهه ڪنار” الهبچائي ولد يار سمون جي جنم ڏينهن جي حوالي سان لکيل آهي. اهڙي طرح ڊاڪٽر جلباڻي جي تحقيق جو قدر ڪندي سنڌي ادبي بورڊ سال 2021ع ۾ سندس ايم فل جي مقالي کي شايع ڪيو آهي. ڊاڪٽر جلباڻي هڪ سٺي سوچ جو مالڪ هئڻ سان گڏ انسان دوست پڻ آهي. پاڻ هن وقت گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج محرابپور ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن ۽ سچل ڪميونٽي ڊولپمينٽ ويلفيئر ايسوسئيشن محرابپور ضلعي نوشهرو فيروز جا چيئرمين آهن انهيءَ پليٽ فارم تان پنهنجي ساٿين سان گڏجي علمي و ادبي ۽ سماجي خدمتون سر انجام ڏئي رهيا آهن، انهيءَ کان علاوه پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ خانواهڻ جا 2016ع کان اڄ تائين سيڪريٽري جا فرائض سهڻي نموني ادا ڪري رهيا آهن. ڌڻي در دعا آهي ته هو وڏي ڄمار ماڻي سندس ايماندارنه صلاحيتن مان هر ڪو استفادو حاصل ڪندو رهي.

***