وزيراعظم 27 جنوري تي لاڙڪاڻي ۾ جلسي کي خطاب ڪندو: گورنر سنڌ

گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان 27 جنوري تي لاڙڪاڻي ۾ عام جلسي کي خطاب ڪندو. اها ڳالهه گورنر سنڌ گورنر هائوس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي رڪن مبين احمد جتوئي جي قيادت ۾ ملڻ واري وفد سان ڳالهائيندي ڪئي ۽ چيو ته هي جلسو انشاءَ الله سنڌ جي سياسي تاريخ جو اهم جلسو ثابت ٿيندو ۽ وزيراعظم سنڌ لاءِ خصوصي پئڪيج جو اعلان ڪندو.