پرويز مشرف جي پاڻ حوالي ڪرڻ تائين پٽيشن وصول نٿي ڪري سگهجي: سپريم ڪورٽ

سپريم ڪورٽ سنگين غداري ڪيس ۾ خصوصي عدالت پاران موت جي سزا واري فيصلي خلاف جنرل (ر) پرويز مشرف جي اپيل جي ٻڌڻي کان انڪار ڪري ڇڏيو. گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ رولز 1980 جي رول 8 جي آرڊر تحت اپيل تي اعتراض عائد ڪندي ان کي واپس موٽايو جنهن تحت ڏوهي جي عدالتي حڪام آڏو پاڻ حوالي ڪرڻ تائين پٽيشن وصول نٿي ڪري سگهجي.