ڪائنات جي اڻکٽ وسعتن ۾ لڪل رازن کي پروڙڻ لاءِ انسان هميشه کان پنهنجي عقل جا گهوڙا ڊوڙائيندو رهيو آهي، پر هن دور ۾ سائنس جنهن معجزي کي جنم ڏنو آهي. ان کي اسين جيمز ويب خلائي دوربين جي نالي سان سڃاڻون ٿا هيءَ رڳو هڪ مشين ناهي، ڪائنات جي انهن رازن تان پردو هٽائڻ لاءِ انسان ڪيئي اوزار تيار ڪيا، جن ۾ سڀ کان اهم “دوربين” آهي گيليليو جي سادي دوربين کان وٺي اڄوڪي دور جي جديد ترين جيمز ويب اسپيس ٽيلي اسڪوپ تائين، سائنسي تحقيق جو هي سفر عقل کي دنگ ڪري ڇڏيندڙ آهي، پر انساني عزم جو اهو سونهري مينار آهي، جنهن لاءِ ناسا يورپي ۽ ڪينيڊين خلائي ماهرن لڳ ڀڳ 10 بلين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪري سائنس جي تاريخ ۾ هڪ نئون باب رقم ڪيو آهي، هڪ انوکي تخليق جيمز ويب دوربين کي جيڪڏهن اسان جي اک چئجي ته غلط نه ٿيندو. جيمز ويب جي حساسيت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن چنڊ تي هڪ ننڍڙو ٽانڊاڻو به ويٺل هجي ته هيءَ دوربين اتان کان ان جي روشنيءَ کي محسوس ڪري سگهي ٿي. جڏهن اسان جي پراڻي 90 جي ڏهاڪي جي ساٿي هبل دوربين پنهنجي سفر تان موڪلائي رٽائر ٿي ته ان جي جڳهه هن شاهڪار والاري هيءَ دوربين هبل جي ڀيٽ ۾ 7 دفعا وڌيڪ روشني ميڙڻ جي صلاحيت رکي ٿي، جنهن جي ڪري ڪائنات جا رنگ وڌيڪ چٽا ۽ روح پرور نظر اچن ٿا.
عام طور تي سڀئي هٿراڌو گرهه سيٽلائيٽس اسان جي ڌرتيءَ جي مدار جي چوڌاري ڦرندا آهن، پر جيمز ويب جي اڏام ڪجهه نرالي آهي. عام طور تي سڀئي هٿرادو گرهه سيٽلائيٽ ۽ دوربينيون ڌرتي جي مدار ۾ گردش ڪندا چڪر لڳائيندا آهن، پر جيمز ٽيلي اسڪوپ کي ڪجهه مختلف ڊزائين ڪيو ويو آهي. هي زمين کان 15 لک ڪلو ميٽر پري هڪ خاص نقطي تي آهي جنهن کي Lagrange Point 2 چيو ويندو آهي، جتي هيءَ زمين جي اوٽ ۾ رهي ڪري سج جي چوڌاري چڪر لڳائي ٿي. هن جي سن شيلڊ 70 فوٽ ڊگهي ۽ 47 فوٽ ويڪري آهي. جنهن جي مدد سان سج مان خارج ٿيندڙ گاما ريز ۽ ٻين خطرناڪ شعائن کان محفوظ رکي ٿي، ان مقام کي سائنسي ٻوليءَ ۾ L2 پوائنٽ چيو ويندو آهي، هيءَ دوربين ڪائنات جي ماضيءَ جا ورق اٿلائي رهي آهي، جيمز ويب کي سج جي تيز تپش ۽ خطرناڪ شعاعن گاما ريز کان بچائڻ لاءِ ان ۾ هڪ عظيم الشان سن شيلڊ سج کان بچاءُ واري ڇت لڳائي وئي آهي. هيءَ ڍال 70 فوٽ ڊگهي ۽ 47 فوٽ ويڪري آهي، هن جو ڪمال اهو آهي ته سج جي سامهون وارو پاسو جڏهن تپي باهه ٿي ويندو آهي، تڏهن ان جي ٻئي پاسي لڳل حساس اوزار منفي 230 ڊگري سينٽي گريڊ تائين ٿڌا رهن ٿا. جيڪڏهن اها سردي نه هجي ها ته هيءَ دوربين ڪائنات جي انفراريڊ گرميءَ جي شعاعي لهرن واري روشنيءَ کي ڪڏهن به توري تڪي نه سگهي ها.
هن نئين ۽ جديد دوربين جي ذريعي اسين انهن ڪهڪشائن ۽ ستارن جا نقش ڏسي رهيا آهيون، جيڪي ڪائنات جي تخليق جي شروعاتي دور (بگ بينگ) ۾ جڙيا هئا. ماهرن جو ويساهه آهي ته هيءَ دوربين خلا ۾ زندگيءَ جي آثارن کي ڳولهڻ ۾ انقلاب آڻيندي، هي دوربين رڳو تصويرون ناهي ڪڍندي، پر اسان کي اهو ٻڌائي ٿي ته ڪنهن پرانهين گرهه تي پاڻي يا آڪسيجن موجود ٿي سگهن ٿا. جيمز ويب خلائي دوربين، جنهن جو سفر ڊسمبر 2021 ۾ شروع ٿيو. اڄ اسان جي سوچڻ ۽ سمجهڻ جا سڀ روايتي انداز بدلائي ڇڏيا آهن. هيءَ اسان کي ٻڌائي ٿي ته اسين هن اڻکٽ ڪائنات ۾ ڪٿي بيٺا آهيون ۽ اسان جو ماضي ڪيترو وسيع هو. اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن هيءَ سونهري اک اسان کي ڪو اهڙو راز ٻڌائيندي جنهن سان انساني تاريخ جو رخ ئي مٽجي ويندو.