پولينڊ جي هڪ ننڍڙي علائقي ۾ هڪ غريب نينگر رهندي هئي، جنهن جو نانءُ مانيا سڪلوڊو وسڪا هو ۽ هوءَ ٽيوشن پڙهائي زندگي گذاريندي هئي. 19 سالن جي عمر ۾ هوءَ هڪامير خاندان جي ڏهن سالن جي ٻارڙي کي پڙهائيندي هئي. نينگر جو وڏو ڀاءُ هن ۾ دلچسي وٺڻ لڳو. هوءَ به هن ڏانهن مائل ٿي، جيتوڻيڪ ٻنهي شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جڏهن ڇوڪريءَ جي ماءُ کي ان جي پروڙ پئي ته هن آسمان مٿي تي کڻي ڇڏيو. هن مانيا کي ڪن کان ورتو ۽ پورچ ۾ آڻي بيهاريو. هن رڙ ڪري سمورن نوڪرن کي گڏ ڪيو ۽ دانهن ڪندي چيائين، ڏسو! هيءَ ڇوڪري جنهن وٽ پائڻ جي لاءِ صرف هڪ فراڪ آهي، جنهن جي جتيءَ جي ترن ۾ سوراخ آهن ۽ جنهن کي 24 ڪلاڪن ۾ صرف هڪ ڀيرو سٺو کاڌو ملي ٿو ۽ اهو به اسان جي گهر کان! هيءَ ڇوڪري منهنجي پٽ جي زال بڻجڻ چاهي ٿي. هيءَ منهنجي ننهن سڏائڻ جي خواهش دل ۾ سانڍي رهي آهي. سمورن نوڪرن ٽهڪ ڏنو ۽ عورت دروازو بند ڪري اندر هلي وئي. مانيا کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ هن جي مٿان ڪنهن تيزاب جي بالٽي وجهي ڇڏي هجي، هوءَ بيعزتي جي شديد احساس ۾ گرفتار ٿي وئي ۽ هن انهيءَ پورچ ۾ بيٺي بيٺي فيصلو ڪيو ته هوءَ زندگي ۾ ايتري عزت، شهرت ڪمائيندي ته سمورو پولينڊ هن جي نالي سان سڃاتو ويندو.
اهو سن 1891ع هو. هوءَ پولينڊ کان پيرس آئي. هن يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي ۽ فزڪس پڙهڻ شروع ڪري ڇڏيو. هوءَ ڏينهن ۾ 20 ڪلاڪ پڙهندي هئي. هن وٽ پئسا سدائين نه هئڻ جي برابر هوندا هئا، جيڪي ڪجھه گڏ ٿيل هئس، هوءَ انهيءَ منجهان گذر سفر ڪندي هئي. هوءَ روزاني صرف هڪ شلنگ خرچ ڪندي هئي (يعني چند پئسا) هن جي ڪمري ۾ بجلي، گيس ۽ ڪوئلن جي سگري به نه هئي. هوءَ برفاني موسمن جون راتيون ڏڪي گذاريندي هئي. جڏهن ٿڌ برداشت کان ٻاهر ٿي ويندي هئس ته هوءَ پنهنجا سمورا ڪپڙا ڪڍندي هئي. اڌ بستر تي وڇائيندي هئي ۽ اڌ پاڻ سان ويڙهي سمهي پوندي هئي. پوءِ به گذارو نه ٿيندو هئس ته هوءَ پنهنجا سمورا ڪتاب ايستائين ته پنهنجي ڪرسي به پنهنجي مٿان رکي ڇڏيندي هئي. پورا پنج سال هن ڊبل روٽي جي سڪل ٽڪرن ۽ مکڻ کانسواءِ ڪجھه نه کاڌو. ايستائين جو ڪڏهن ڪڏهن هوءَ هنڌ تي ويٺي ويٺي بيهوش ٿي ويندي هئي، پر جڏهن هوش ايندو هئس ته هوءَ پنهنجي بيهوشي کي ننڊ قرار ڏئي پاڻ کي آٿت ڏئي ڇڏيندي هئي. هوءَ هڪ ڏينهن ڪلاس ۾ بيهوش ٿي وئي، ڊاڪٽر هن جي تپاس ڪندي چيو، توکي دوا جي نه کير جي هڪ گلاس جي ضرورت آهي. هن يونيورسٽي ۾ ئي پائري نانءُ جي هڪ سائنسدان سان شادي ڪري ڇڏي هئي. اهو سائنسدان به هن جيان ئي مسڪين حال هو. شاديءَ جي وقت ٻنهي وٽ ٽوٽل ملڪيت ٻه سائيڪلون هيون. هوءَ غربت جي انهيءَ عالم جي دوران پي ايڇ ڊي تائين پهچي وئي. مانيا پي ايڇ ڊي جي لاءِ وڏو دلچسپ موضوع چونڊيو هو.
هن فيصلو ڪيو ته هوءَ دنيا کي ٻڌائيندي ته يورينيم مان روشني ڇو ٿي نڪري. اهو هڪ مشڪل بلڪه ناممڪن ڪم هو، پر هوءَ ان ۾ محو ٿي وئي. تجربن جي دوران هن هڪ اهڙو عنصر دريافت ڪري ورتو، جيڪو يورينيم جي مقابلي ۾ 20 لک ڀيرا وڌيڪ روشني پيدا ڪري ٿو ۽ ان جا شعاع ڪاٺ، پٿر، ٽامي ۽ لوھ مقصد ته دنيا جي هر شيءَ کان اڪري وڃن ٿا، هن ان جو نالو ريڊيم رکيو.
اهو سائنس جي دنيا ۾ هڪ تمام وڏو ڌماڪو هو. ماڻهن ريڊيم جو ثبوت گهريو، مانيا ۽ پائريءَ هڪ جهريل ورانڊو ورتو، جنهن جي نه ڇت سلامت هئي ۽ نه ئي فرش ۽ اهي چئن سالن تائين ان ورانڊي ۾ لوھ پگهاريندا رهيا. هن اڪيلي 8 ٽن لوھ پگهاريو ۽ ان منجهان مٽر جي داڻي جي برابر ريڊيم حاصل ڪيو. انهن چئن سالن دوران سيءَ ۽ گرميءَ کي پنهنجي جسم تي سٺو. بٺيءَ جي زهريلي دونهين مانيا جي ڦڦڙن ۾ سوراخ ڪري ڇڏيا، پر هوءَ ڪم ۾ لڳل رهي ۽ هن هار نه مڃي. ايستائين جو سموري سائنس سندس ڪارنامي جو اعتراف ڪيو. اهو ريڊيم ڪينسر جي لکين ڪروڙين مريضن جي لاءِ زندگي جو نياپو کڻي آيو. اسان اڄ جنهن کي شعائن جو علاج سڏيون ٿا، اها مانيا جي ئي ايجاد هئي. جيڪڏهن اها ڇوڪري چئن سالن تائين لوھ نه پگهاري ها ته اڄ ڪينسر جا سمورا مريض مري وڃن ها. اها ڇوڪري دنيا جي اڪيلي سائنسدان هئي جنهن کي فزڪس ۽ ڪيميسٽري ۾ الڳ الڳ نوبيل انعام مليا. جنهن جي زندگيءَ تي 30 فلمون ۽ سوين ڪتاب لکيا ويا. اهوئي سبب آهي جو اڄ سائنس جا ڪيترائي شاگرد پولينڊ جو نالو ٻڌندي ئي پنهنجي مٿي تان ٽوپي لاهي ان ملڪ کي عقيدت سان سلام پيش ڪن ٿا. جڏهن دنيا مادام ڪيوري کي ان ايجاد جي بدلي اربين ڊالرن جي پيشڪش ڪئي ته هن، خبر اٿو ته ڇا چيو، هن چيو، مان هيءَ دريافت صرف ان ڪمپني کي ڏينديس، جيڪا پولينڊ جي هڪ پوڙهي عورت جو مفت علاج ڪندي. جي ها! اها امير پولش عورت جنهن ڪڏهن ڪيوري کي ڪن کان وٺي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هو، جيڪا عورت ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿي چڪي هئي ۽ هوءَ ان وقت موت جي بستري تي پئي هئي. اهڙا هوندا آهن قومي هيروز!