اُڏام جو ۽ ٻيا خوف قسط-3
الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”
قسط-3
اُڏام جو ۽ ٻيا خوف
الطاف شيخ
منهنجا والدين ته هفتو کن مس ٽڪي وٺي اٽليءَ ڀڳا، جتي کين واپار جي سلسلي ۾ وڃڻو هو ۽ جتان پوءِ واپس آمريڪا موٽڻو هو. خوش قسمتيءَ سان هنن وٽ ته امپورٽ ايڪسپورٽ لائسنس آهي، سو جڏهن وڻين تڏهن اچي سگهن ٿا ۽ جڏهن چاهين (يا جڏهن ڏسن ته گهر ۾ ڇتائي بمباريءَ جي حد تي پهتي آهي) ته وڃي سگهن ٿا. هو هميشه پنهنجي ڌيئن وٽ گهمڻ لاءِ ايندا آهن ته سوکڙين جا ڍير اچي ڏيندا آهن ۽ وڃڻ وقت دعائن جا ڍير اهو سڄو مرحلو هفتي اندر پورو ٿي ويندو آهي، باقي سال جا ڏينهن هو اهي ئي ڳڻتيون کائيندا آهن ته هنن پنهنجا ٻار ايڏو ڏورانهين ڏيهه ۾ ڇو پرڻايا.
جن ڏينهن ۾ آئون جرمنيءَ اچي رهيس (رئنڊي بيروت اچي چڪي هئي) ته امان هر وقت اهو سوچيندي هئي ته ٻن ٻارن ڇو کڻي دشمنن جي ڌرتيءَ تي رهڻ پسند ڪيو آهي. هڪ ڏينهن نيٺ مون به چئي ڏنومانس: “امان، ان ڪري جو اهي توهان کان وڌيڪ مهمان نواز آهن” ۽ پوءِ ته امان مون سان لائي ٻاري ڏني. ڏٺو وائٺو منهنجي خلاف ٿي بيٺي.

امان جن ته بيروت ڇڏيو، پر گهر اڃان تائين مهمانن سان ڳتيل هو، چار اسين ڀينرون، ڀيڻويو، ڊزن کن ٻار، نوڪرياڻي ۽ ڪپڙن ڌوئڻ ۽ ٿانون ڌوئڻ واري مائي. گرمي به انهن ڏينهن ۾ اهڙي هئي، جو اسان ورلي ڪو ٻاهر ٿي نڪتاسين، نه ته سڄو ڏينهن ايئرڪنڊيشن ڪمري ۾ ئي وقت گذريو ٿي. مون چاهيو ٿي ته ٻاهر نڪري ڪو سير سپاٽو ڪجي، پر ڪٽنب جي ٻين ماڻهن جي سستيءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿي ورتو. “سڀان مون سوچيو قاهره ٿي وڃان هلي” پر مصر اڪيلو ويندي ڀئو ٿي لڳو ۽ اوڏانهن هلڻ لاءِ نه ته لالاح ساٿ ڏيندي نه چولي بس ائين ئي هڪ ٻيو هفتو به گذري ويو. هڪ دفعي اسان ڪبانا ڪلب وياسين جتي پيري پٿرائين ڪناري تي بيهي نيري رنگ جي ميڊيٽرينن سمنڊ ڏانهن نهاري شاعري شروع ڪري ڏني، پر اسان کي باهه وٺي پئي وئي (هن ذري ذري بيروت بابت سٺي ۽ سڪون ڀري زندگي بابت ليڪچر ٿي ڏنو، جنهن خاطر هو آمريڪا جي واپاري ۽ مشيني قسم جي جيئڻ کي الوداع چئي موٽي آيو هو.) ها ڪلب ۾ پنهنجي هڪ دوست سان اسان کي اهو چئي تعارف ڪرايائين ته: “هي چار منهنجون زالون آهن” ۽ ان وقت مون کي اهڙي چڙ لڳي، جو دل چاهيو ته هينئر جو هينئر گهر هلي وڃان، پر منهنجو گهر ڪٿي آهي؟ امان بابا جن وٽ، پنهنجي رسي ويل مڙس وٽ، پنهنجي ساهيڙي پيئا وٽ، پنهنجي يار چارلي وٽ، پنهنجي پهرين مڙس برئان وٽ يا اڪيلو؟
بس بهرحال وقت ايئن بي مقصد گذرندو رهيو ڏينهن جو هڪ ڏيڍ وڳي اٿندا هئاسين ۽ سڄو ڏينهن ٽي وي ۽ ٻارن جون دانهون ڪوڪون ٻڌندا هئاسين. پيرس کان ايندڙ اخبار هرالڊ ٽربيون سينسر طرفان ڪتريل سوراخن جي چوڌاري پڙهندا هئاسين. (بيروت ۾ اڄڪلهه اسرائيل بابت هر ڇپيل ڳالهه پڙهڻ تي پابندي آهي. ايتري قدر جو ايلزبيٿ ٽيلر ۽ سيمي ڊيوس جهڙن ناليرن يهودي ايڪٽرن جي فلمن تي بندش آهي). پوءِ باقي بچيل ڏينهن گذارڻ لاءِ ويهي فيصلو ڪندا هئاسين ته ڪهڙو پروگرام ٺاهجي. ان رٿا ۾ اسان ايترو ئي هڪ راءِ هئاسين، جيترو عرب ۽ اسرائيل تي حملو ڪرڻ لاءِ. ڪو سمنڊ جي ڪناري هلڻ لاءِ پيو چوندو هو ته ڪو بائبلاس هلاڻ لاءِ منهن پيو ٺاهيندو هو. لالاح صلاح ڏيندي هئي ته بالبيق هلون، ته ٻار هڪدم چڙيا گهر هلڻ لاءِ دانهون ڪندا ۽ رئنڊي جا وڏا ٻار اميوزمينٽ پارڪ لاءِ ٻاڪاريندا هئا ۽ رئنڊي ويٽو جو پاور استعمال ڪري سڀ ڪجهه ختم ڪري ڇڏيندي هئي ۽ هونئن به ان بحث مباحثي ۾ ايتري دير ٿي ويندي هئي جو ٻاهر نڪرڻ لاءِ باقي وقت ئي نه رهندو هو ۽ پوءِ ڪو الحمرا اسٽريٽ ۾ ڪا ڦٿل سٿل فلم وڃي ڏسندو هو ته ڪو ماٺ ڪري ٽي وي اڳيان ويهي بونانزا (Bonanza) سيريز ڏسندو هو. جنهن جو عربي ۽ فرينچ ترجمو ٽي وي جو اڌ والاري ڇڏيندو هو.

ڪنهن ڪنهن شام جو بحث مباحثي جي وچ ۾ اسان جي ڀيڻويي پيري جي ماءُ ۽ ماسيون ڳوٺان اچي وينديون هيون (ٽي ٿلهيون متاريون زالون ڀريل ٿڻن ۽ مڇن جي ٻُر سان ڪارن جبن ۾ ذري گهٽ هڪ جهڙيون لڳنديون هيون منجهن جو تفاوت ته ٻڌائي سگهي!) اهي ٽيئي ڳائڻين جو ٽولو واهه جو ٺاهي سگهيون ٿي، انهن سان مصيبت اها هئي ته هنن ڇڙو هڪ ئي راڳ آيو ٿي: “لبنان گڊ لبنان سٺو يا نيويارڪ؟” جيڪو ذري ذري ڳائينديون رهيون ٿي. هونئن هيون ڀليون پر کين انگريزي نٿي آئي سو هر ڳالهه سمجهائڻ لاءِ مٿو ڦاڙڻو پيو ٿي. هنن جي نازل ٿيڻ سان ئي عرب نوڪرياڻي راحما ڪافيءَ جا وڏا پيالا ڀري آڻي اڳيان رکندي هئن. پيريءَ کي اوچتو ڪم ان وقت ياد اچڻ سان غائب ٿي ويندي هو ۽ اسان واري ڀيڻ رئنڊي کي جا هونئن ته سڄو ڏينهن گهر جي هڪ ڪمري ۾ جهار پئي هڪليندي هئي، پر سس ان جي ڀيڻ کي اهو ڏسي هڪدم ياد اچي ويندو هئس ته هوءَ نائين مهيني جي نازڪ حالت ۾ آهي ۽ ڪمري کي اندران بند ڪري کونگهرا هڻندي هئي. انهن کونگهرن جي پسمنظر ۾ باقي: لالاح، چولي ۽ آئون رهجي وينديون هيونسين ۽ اسان هنن پوڙهين اڳيان “هائو. لبنان نيويارڪ کان سٺو آهي” جو هر ڏينديون رهنديون هيون سين.
زندگي ويٺي ويٺي ايئن ئي بنا ڪنهن ڳالهه جي گذري وئي هئي ته اوچتو هڪ اهڙو ڦڏو ٿي پيو جنهن ڪري اسان سڀ هلچل ۾ اچي وياسين. جيتوڻيڪ ڪو ايڏو وڏو جهڳڙو نه هو، پر في الحال اسان جو مطلب ٿي ويو. ڇهن سالن جي راجر کي نوڪرياڻي راحما زوري وهنجاري رهي هئي ته هن ٺوڪي کڻي ابن شرت چيس، جنهن جو آزاد ترجمو “حرامڙي يا ڪڃري جو اولاد” يا ڪيئن به کڻي ترجمو ڪجي اها عربي جي حساب سان وڏي ۾ وڏي گار آهي. بس پوءِ ته راحما جو روڄ پٽڪو پئجي ويو ڇوري گهر ڇڏڻ لاءِ هڙ ٻڌڻ لڳي. پيريءَ فرينچ ايڪٽرن واري اداڪاري ڪري هن کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هوءَ به اڳ ئي ڳوٺ وڃڻ لاءِ تيار ويٺي هئي سو هڪ به نه مڃيائينس. پيريءَ وري پنهنجا خار پٽس راجر کي موچڙا هڻي ڪڍيا. جيتوڻيڪ راجر جو ان ۾ ڪوبه ڏوهه نه هو. هُو ته پڻس کان ئي اها ڳالهه ڪار هلائيندي ٻڌندو هو (بيروت ۾ رستي جا اصول نه پر گاريون ٿين. ۽ خود پيري پاڻ به چوندو آهي ته سندس پٽ عربي ۾ گاريون ڏيندي ٺاهوڪا لڳن ٿا).
خير سائين اها شا گارگند ۽ روڄ راڙي ۾ گذري وئي سڄو گهر پاڻيءَ جي ڇنڊن سان چڪڻ ٿي ويو، پر ٻارن ۽ راحما جي ماٺ نه ٿي، نتيجي ۾ ڪيڏانهن به گهمڻ جو پروگرام ان ڏينهن به نه ٺهي سگهيو، پر ان جهڳڙي مان اهو فائدو ٿيو جو راحما کي ڳوٺ ڇڏي اچڻ جي بهاني اسان کي گهمڻ جو وجهه ملي ويو. …(هلندڙ)…

