نئون

گهڻو پاڻي پيئڻ موت جي مُنهن ۾ به وٺي وڃي سگهي ٿو

بنا ضرورت جي ٿوري وقت ۾ گهڻو پاڻي پيئڻ واٽر پوائزننگ ڪري سگهي ٿو. جيڪو موت جو سبب به بڻجي سگهي ٿو. پاڻي جيڪڏهن ضرورت کان وڌيڪ پي وٺجي ته ان سان جسم ۾ اليڪٽرولائٽس جنهن ۾ سوڊيم پوٽيشيم وغيره جو توازن بگڙجي سگهي ٿو، جيڪي جسم جي عام صحت لاءِ تمام ضروري آهن، اهي ڪيميائي ماده جسم جي گهرڙن جي اندر پاڻياٺ جو توازن برقرار رکڻ ۾ مدد ڏين ٿا. ٿوري دير ۾ بنا ضرورت جي گهڻو پاڻي پيئڻ رت ۾ اليڪٽرولائٽس جي سطح کي گهٽ ڪن ٿا، خاص طور تي سوڊيم، جنهن سان گهرڙن جي چوڌاري پاڻياٺ جي توازن ۾ خلل پيدا ٿئي ٿو ۽ اهي ڦوڪجي وڃن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ انسان جي زندگيءَ کي خطرو ٿي سگهي ٿو.

علامتون: واٽر پوائزننگ جون علامتون شدت جي لحاظ کان مختلف ٿي سگهن ٿيون، تڏنهن به عام طور تي دل ڪچي ٿيڻ، مٿي جو سور، گهٻراهٽ، جسم جي مشڪن ۾ سور جي شدت ۾ ماڻهو ڪوما ۾ به وڃي سگهي ٿو ۽ آخرڪار موت جو شڪار ٿي سگهي ٿو.

خطري جا عوامل: ڪجهه عوامل واٽر پوائزننگ جي خطري کي وڌيڪ وڌائي سگهن ٿا، جيئن ته طبي حالتن تحت گردن جي ڪارڪردگي کي متاثر ڪري سگهن ٿا يا اهڙيون دوائون جيڪي جسم جي پاڻياٺ جي توازن کي گهرڙن ۾ متاثر ڪن ٿيون. ان کانسواءِ جيڪي ماڻهو پيشاب جي وڌيڪ اچڻ سبب ڊائيورٽيڪس (Diuretics) وٺن ٿا، اهي به پاڻي پيئڻ جي استعمال ۾ احتياط اختيار ڪن.

علاج: جيڪڏهن ڪنهن کي به واٽر پوائزننگ جو ڊپ هجي ته هڪدم طبي امداد حاصل ڪرڻ گهرجي. علاج ۾ عام طور تي اليڪٽرولائٽ جي سطح جي نگراني ۽ ڪنهن به قسم جي عدم توازن جي درستگي شامل آهي. شديد صورتحال ۾ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ ۽ نس ذريعي اليڪٽرولائٽ جي تبديلي ضروري ٿي سگهي ٿي.