ايڊيٽوريلخاصنئون

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس عورتن جي بااختيار هجڻ لاءِ کنيل قدم

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي اڳواڻي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ڄڻ هڪ نئين دور جي ابتدا ٿي آهي. خوشي جي لهر آهي، جو ملڪ ۾ هلي رهي آهي ۽ ماڻهن ۾ اطمينان آهي ته هيءَ هڪ نئين عدالت آهي ۽ اتان انصاف ملندو ۽ انصاف ٿيندو نظر ايندو. اهو تڏهن کان ئي نظر آيو هو، جڏهن پاڻ 17 سيپٽمبر 2023 تي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي عهدي جو قسم کنيائين، تنهن ڏينهن اهو منظر ڏسڻ وٽان هو، جڏهن حلف جي تقريب ۾ ملڪ جو صدر، نگران وزيراعظم ۽ اعليٰ حڪومتي شخصيتون موجود هيون، تڏهن اسانجي ملڪ جي ماڻهن ۽ سڄي دنيا هڪ حيران ڪندڙ منظر ڏٺو. اهو انهن لمحن جو منظر هو. جڏهن اسلامي جمهوريه پاڪستان جو صدر ملڪ جي سپريم ڪورٽ جي نئين چيف جسٽس کان حلف وٺي رهيو هو. تڏهن محترمه سرينا عيسيٰ پنهنجي ور چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان گڏ بيٺي هئي ۽ اهو سڀ سندس ور نئين چيف جسٽس آف پاڪستان جي حڪم سان ٿي رهيو هو. ملڪ ۾ حلف برداري جي اهڙي تقريب جو هن کان اڳ ڪو به مثال ڪونه ٿو ملي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي گهرواري محترمه سرينا عيسيٰ کي جيڪو مقام ڏنو اهو پاڪستان جي ساڃاهه وند ماڻهن لاءِ انتهائي خوشي ۽ اميد جو سبب آهي. انهيءَ سبب کي پنهنجو ماضي آهي، جيڪو انتهائي ڏکوئيندڙ پڻ آهي. تڏهن قاضي فائز عيسيٰ تي ملڪ جي وزيراعظم جي منظوري سان صدرِ پاڪستان هڪ ريفرنس داخل ڪيو. ريفرنس جيئن ته ڪوڙو ۽ انتقام تي ٻڌل هو ۽ پاڪستان جي اعليٰ اختيارين جو عدليه جي ڪجهه ججن جي تال ميل سان ارادو هو ته قاضي فائز عيسيٰ کي سپريم ڪورٽ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏجي، پر وقت کي ڪجهه ٻيو منظور هو، جو موصوف پاڪستان جو 29هون چيف جسٽس بڻجي ويو. محترمه سرينا عيسيٰ باوقار طريقي سان حلف جي انهيءَ تقريب ۾ موجود هئي. اهو هن جو حق هو، جو پاڻ ڏکئي وقت ۾ جڏهن ملڪ جون اعليٰ اختياريون انهيءَ گهراڻي جي خلاف هيون، تڏهن هو اوچي ڳاٽ بيٺي رهي ۽ هن سپريم ڪورٽ جي برادر ججن جي سامهون پنهنجي ۽ پنهنجي ور جي بيگناهي ثابت ڪئي. جيڪڏهن قاضي فائز عيسيٰ جو انهيءَ ڏکئي وقت ۾ ڪو ساٿي هو ته اها سندس گهرواري سرينا عيسيٰ هئي ۽ هن پنهنجي حلف برداري واري تقريب ۾ پنهنجي زندگيءَ جي ساٿيءَ کي پنهنجي ڀرسان بيهاري انهن سڀني ماڻهن کي اهو پيغام ڏنو ته توهان جنهن عورت کي ايترو تنگ ڪيو ۽ ان جي انڪم ٽيڪس ۽ جائيداد جا ڪوڙا معاملا اٿاريا، اڄ انهيءَ جو ور سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس طور حلف کڻي رهيو آهي ۽ هيءَ بهادر عورت سندس ڀر ۾ بيٺل آهي. جيڪو عمل پڻ غير روايتي هو، پر هڪ تاريخ ٺهي وئي. اسانجي نظر ۾ اها ڳالهه اڃا به اهم آهي ته ملڪ جي هڪ اعليٰ آئيني عهديدار عورت کي عزت ڏني. عورت جا اسانجي معاشري جي آبادي جو 50 سيڪڙو آهي. هڪ طرح سان اسانجي سڄي معاشري کي انهيءَ عمل سان اهو پيغام ڏنو آهي ته عورت جا حق ۽ ان جي وقار تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. انهيءَ پيغام جي ان ڪري اهميت آهي جو اهو نه صرف حلف برداري واري تقريب واري ڏينهن ظاهر ٿيو، جڏهن ملڪ جون اعليٰ اختياريون اتي موجود هيون. اسانجي پراڻ پسند معاشري لاءِ اهو عمل نيڪ نيتي تي ٻڌل آهي. قاضي فائز عيسيٰ کي چيف جسٽس ٿيندي لڳ ڀڳ ٻه هفتا ٿيا آهن، انهن ٻن هفتن جي فيصلن ۾ ڪجهه فيصلا اهڙا به آهن. جن ۾ اهو واضح اشارو ملي ٿو ته موجوده سپريم ڪورٽ آف پاڪستان عورتن جي حقن تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪندي. جيئن ته سپريم ڪورٽ مري ويل والد جي نياڻي کي ملڪيت جو وارث قرار ڏيندي چاچي جو داخل ڪيل ڪيس خارج ڪري ان عورت جي حق ۾ فيصلو ڪري حڪم ڏنو ته روينيو اختياريون سموري ملڪيت ان عورت جي نالي ڪري ڇڏين. جيئن ته پاڪستان جي ملڪيتن جي قانون متعلق اهو تاريخ ساز فيصلو آهي ته عورت هاڻي ملڪيت جي هڪ جهڙي دعويدار آهي. اسين سپريم ڪورٽ جي انهيءَ فيصلي جي آجيان ٿا ڪريون ته اها ملڪ جي حد کان وڌيڪ آبادي جي حقن جو خيال ڪري رهي آهي ۽ ساڳئي وقت اسين وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان به اهو مطالبو ٿا ڪريون ته اهي عورت جي حقِ ملڪيت جي متعلق نئين قانون سازي ڪن ته جيئن ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ آبادي قانون ۽ آئين تحت پنهنجا حق حاصل ڪري سگهي.
***