بشير ميمڻ جو بيوروڪريسي کان سياست ۾ اچڻ جو سفر
بشير ميمڻ صاحب هڪ بهتر بيوروڪريٽ رهيو آهي، سندس بيوروڪريسي وارو دور بي داغ رهيو آهي. سنڌ جي ستن ضلعن ۾ ايس ايس پي رهيو، ڊي آئي جي پڻ رهيو، انهيءَ ڪري سنڌ ۾ کيس وڌ ۾ وڌ سڃاتو ويندو آهي، پر پوري پاڪستان ۾ کيس تڏنهن سڃاتو ويو، جڏهن ڊي.جي ايف آئي اي جي حيثيت سان ان وقت جي وزيراعظم عمران خان کي شٽ اپ ڪال ڏئي، ان جي آفيس کان ٻاهر نڪري آيو ۽ پوءِ استعفيٰ پيش ڪري ڇڏي. سبب اهو هو ته اهو سابق وزيراعظم محترمه مريم نواز کي انتهائي گهٽ وڌ ڳالهائي رهيو هو، جنهن تي سنڌ جي سپوت کي ڪاوڙ اچي وئي ۽ هن وزيراعظم جهڙي طاقتور عهدي جي سامهون کيس جواب ڏنو. ان کانپوءِ پاڪستان جي پوري ميڊيا هن کي اکين جو تارو بڻائي ڇڏيو. بشير ميمڻ صاحب هڪ مڊل ڪلاس زميندار ۽ ننڍڙو صنعتڪار آهي، پر سندس ڪارڪردگي کي ڪيل نوڪري دوران جانچي سگهجي ٿو. هاڻي هو سياست ۾ عملي طور داخل ٿي چڪو آهي ۽ هن نون ليگ کي بهتر پليٽ فارم سمجهي انهيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي. ڪنهن به ماڻهو جو آئيني ۽ بنيادي حق آهي ته پنهنجي مرضي مطابق سياست ڪري ۽ جيڪا سياسي پارٽي کيس بهتر لڳي يا ان جي نظرئي سان متفق هجي ته ان ۾ شامل ٿئي. اسان بشير ميمڻ صاحب کي وفاق جي سياست ۾ اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا، ان سان گڏ اهو پڻ سمجهون ٿا ته سندس لاءِ هي امتحان بيوروڪريسي کان به وڌيڪ سخت هوندو. ڇو ته بيوروڪريٽ حڪم هلائيندو آهي ۽ حڪم ٻڌندو آهي. قانون مطابق عمل ڪندو آهي، پر ملڪ جي سياست ۽ خاص طور تي سنڌ جي سياست جنهن ۾ وڏيرڪو عنصر تمام گهڻو آهي ۽ جتي 15 سالن کان هڪ ئي پارٽي جي حڪومت هلي رهي آهي. انهيءَ راند ۾ هي پنهنجو ڪردار ڪيئن ادا ڪندو، اهو وقت ٻڌائيندو. نون ليگ وٽ ان جي لاءِ نرم گوشو آهي. انهيءَ ڪري ئي جيئن ئي هي شامل ٿيو آهي ته هن کي نواز شريف استقباليه ڪميٽي سنڌ جو ڪنوينر مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو هڪ نئين شامل ٿيندڙ ماڻهو جي لاءِ وڏو اعزاز آهي، پر ان سان گڏ سندس امتحان به آهي ته ڇا هو سنڌ مان خاطر خواهه قافلو لاهور جي جلسي لاءِ وٺي وڃڻ لاءِ ڪامياب ٿيندو؟ سندس چواڻي ته هو ڪافي پُراميد آهي ته سنڌ مان ايترا ڪارڪن هلندا، جيڪي يقينن جلسي ۾ نظر ايندا. ائين محسوس ٿيندو ته سنڌ جي ڀرپور نمائندگي ٿي رهي هوندي. ماڻهو ڪيترا ويندا اهو اندازو نه ڏئي سگهيو آهي. اسان سمجهون ٿا ته ڪوشش ڪن ته 10 کان 15 هزار ماڻهن جو قافلو وٺي وڃي سگهن ٿا، هن سان گڏ 11 ٻيا به ميمبر شامل آهن، پر انهيءَ ۾ صرف ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن کي نمائندگي ملي آهي. سکر، لاڙڪاڻو ڊويزن جو ڪوبه ماڻهو انهي 12 رڪني ڪاميٽي ۾ شامل نه آهي. سابق وزيراعظم تي سندس ايتري ڪاوڙ آهي، ان لاءِ هو چوي ٿو ته سياست ته پري جي ڳالهه آهي، پر پي ٽي آئي چيئرمين کي ڪنهن سٺي نفسيات جي ماهر جي ضرورت آهي ۽ هو سنڌ ۾ اچڻ چاهي ته سنڌ ۾ حيدرآباد ۾ گدوبندر اسپتال سندس علاج لاءِ بهتر ثابت ٿي سگهي ٿي. پي ٽي آئي به هن تي تنقيد جا تير هلائي رهي آهي، پر سنڌ ۾ هن جو اصل مقابلو پيپلز پارٽي سان آهي، جن تي پڻ هن پنهنجي ڊي.جي ايف آئي اي واري دور ۾ ڪرپشن جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ تفتيش ڪري چالان نيب ۾ جمع ڪرايا آهن، جيڪي اڃا به هلندڙ آهن. انهي ۾ ايف آئي اي جو هڪ وڏو عمل دخل آهي، انهن ڪيسن جي ڪري پيپلز پارٽي جي قيادت پڻ بشير ميمڻ کان ناراض آهي ۽ ٻيو ته هو سمجهي ٿي ته هي ماڻهو جنهن جو ماضي شاندار آهي ۽ صاحب حيثيت به آهي، هن جا پوري سنڌ ۾ واسطا به آهن. ائين ته نه ٿيندو ته مستقبل ۾ پيپلز پارٽي کي بشير ميمڻ نون ليگ جي پليٽ فارم تان هڪ وڏو چئلينج ڏئي! ماضي ۾ نون ليگ جو چڱو خاصو ووٽر سنڌ ۾ موجود هو، پر 2008 کان 2023 تائين 15 سالن ۾ نون ليگ پنهنجي ووٽر سان ڪوبه رابطو نه رکيو آهي. انهيءَ جي ڪري هن وقت نون ليگ جي سنڌ ۾ پوزيشن مضبوط نه آهي. ان کي بشير ميمڻ صاحب ڪيئن ٿو بهتر بڻائي، ڇو ته مستقبل ۾ هن کي مسلم ليگ نون سنڌ جو صدر مقرر ڪرڻ جا روشن امڪان آهن. هاڻي جڏهن پي پي پي ۽ نون ليگ جي چپڪلش وڌي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نون ليگ سنڌ ۾ هڪ بهتر ۽ موثر انٽري ڪئي آهي ته ڇا پيپلز پارٽي پنجاب ۾ پنهنجي وڃايل حيثيت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. جنهن جي لاءِ بلاول ڀٽو زرداري تمام گهڻي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر ان سان گڏ ڪجهه ويجها ۽ بهتر ماڻهو پيپلز پارٽي کي ڇڏي چڪا آهن، جن ۾ مصطفيٰ نواز کوکر جو نالو سرفهرست آهي، جيڪو بلاول ڀٽو جو ترجمان هو ۽ پنجاب ۾ پيپلز پارٽي لاءِ هڪ متحرڪ ڪردار ادا ڪري رهيو هو. پنجاب جي عوام وٽ هڪ کان وڌيڪ آپشن آهن ته هو ڪهڙي پارٽي کي ووٽ ڪري، پر سنڌ جي عوام وٽ خاص طور تي ٻهراڙي جي علائقن ۾ انتهائي محدود آپشن رهيا آهن. صرف هڪ پارٽي جي اجاراداري رهي آهي. جيڪڏهن نون ليگ بهتر تنظيم سازي ڪري ٿي ته عوام وٽ هڪ ٻيو بهتر آپشن اچي سگهي ٿو، پر اهو وقت ٻڌائيندو.
بشير ميمڻ صاحب کي سنڌ جي عوام جا مسئلا چڱي طرح معلوم آهن. ڇا هو سنڌ جي عوام جا مسئلا بهتر نموني سان نون ليگ جي اڳيان رکي سگهندو؟ جنهن کي يقينن رکڻ کپن ايندڙ اليڪشن ۾ اڃا به 4 مهينا پيا آهن. هن جديد دور ۾ ماڻهن کي موٽيويٽ ڪرڻ ۽ موبلائز ڪرڻ ۽ ان جي لاءِ وقت مليل هجي 4 مهينا پوءِ گهٽ وقت نه آهي، شرط اهو آهي ته توهان ڪيتري محنت ڪريو ٿا، ڇو ته جڳهه بهرحال موجود آهي. انهي کي ڀرڻ جي لاءِ ڏسون نون ليگ جو نئون لاٿل کلاڙي ڪيتري محنت ڪري سگهي ٿو.
***