بلاگنئون

سانگي برادري جي ٻنهي ڌرين ڏانهن خط

اوهان جي وچ ۾ هلندڙ ستن سالن جي تڪرار هڪ ڊگهي ۽ تڪليف ڏيندڙ ڪهاڻي آهي، جنهن نه رڳو اوهان کي، پر اوهان جي معصوم ٻارن ۽ خاندانن کي به تباهه ڪري ڇڏيو آهي. گهرن کان پري دربدري جي زندگي ڪيترو ڏکيو آهي، اهو اوهان سڀني کان بهتر ڪير ڄاڻي سگهي ٿو. ڇا اوهان ڪڏهن انهن معصوم ٻارن جي باري ۾ سوچيو آهي، جيڪي هن تڪرار جي ڪري پنهنجي مستقبل کان محروم ٿي رهيا آهن؟ انهن جي تعليم، صحت ۽ خوشين تي ڪهڙو اثر پئجي رهيو آهي؟

 اوهان سڀني وٽ ٻار آهن ۽ اوهان پنهنجن ٻارن لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهيو ته انهن کي سٺي زندگي ملي، پر انهن ٻارن جو ڇا قصور آهي، جيڪي اوهان جي تڪرار جي ڪري دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن؟

ڇا انهن جو حق ناهي ته اهي به هڪ محفوظ ۽ خوشحال زندگي گذارين؟هي تڪرار اوهان جي ذاتي انا جو مسئلو ناهي، پر اهو هڪ انساني مسئلو آهي. اهو هڪ اهڙو مسئلو آهي، جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ اوهان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. اچو ته پنهنجي انا کي هڪ طرف رکي ۽ انهن معصوم ٻارن جي مستقبل لاءِ سوچيون. اچو ته گڏجي هڪ اهڙو حل ڳولهيون، جنهن سان اوهان سڀني کي امن ۽ سڪون ملي. مان اوهان سڀني کي اپيل ٿو ڪريان ته پنهنجي دلين کي نرم ڪريو ۽ هڪ ٻئي کي معاف ڪريو. اچو ته پنهنجن ٻارن کي هڪ اهڙو مستقبل ڏيون، جنهن ۾ امن، سڪون ۽ خوشحالي هجي. اوهان جي جواب جو منتظر.