ايڊيٽوريلنئون

سنڌو درياءَ تي ڪئنالن خلاف تحريڪ کي ٻئي رخ ۾ وٺي وڃڻ جون ڪوششون

            هن وقت سنڌ جو عوام بغير ڪنهن رهبر جي سنڌو درياءَ جي مٿان اڏجندڙ ڇهن ڪئنالن جي خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهي. اهو احتجاج هاڻي هڪ تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. هيءَ اها تحريڪ آهي جنهن جي اڳواڻي ڪوبه رهنما نه ڪري رهيو آهي، بلڪه اها تحريڪ عوام جي طاقت تي ازخود هلي رهي آهي، جنهن ۾ زندگيءَ جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهو شامل آهن. هن تحريڪ جي خوبصورتي اها آهي ته اها هڪ ايجنڊا تي ٻڌل تحريڪ آهي ۽ تمام اثرائتي نموني سان سڀني ماڻهن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي رهي آهي، ڇو ته هن تحريڪ ۾ شامل ٿيندڙ هر فرد کي اها خبر آهي ته منهنجو مسئلو ڪهڙو آهي ۽ آئون روڊن ۽ رستن تي ڇو نڪتو آهيان. هر ماڻهو ذهني طور تي ان ڳالهه کي پاڻمرادو سمجهي ٿو ته سنڌو نديءَ جي مٿان ڇهن ڪئنالن جي اڏاوت ان جو پنهنجو ذاتي مسئلو آهي ۽ اهو هڪ ايجنڊا جو هجڻ هر ماڻهو جي اندر اتحاد ۽ ٻڌيءَ کي جنم ڏئي ٿو ۽ سڀني کي پنهنجي ذميداريءَ جو احساس ڏياري پنهنجن گهرن مان ڇڪي ڪڍي اچي ٿو. هيءَ اها ايجنڊا آهي جتي شايد ٻه مخالف به گڏ جڏهن بيهن ٿا ته انهن جو احتجاج هڪ ئي ايجنڊا تي ٻڌل هوندو آهي. هن وقت ٻه مخالف ماڻهو به ڪئنالن جي خلاف گڏجي تحريڪ جو حصو بڻجي چڪا آهن.

            طاقتور ڌرين کي خبر هوندي آهي ته جڏهن پرامن ۽ هڪ ئي ايجنڊا تي ٻڌل احتجاج تحريڪن جي صورت اختيار ڪندا آهن ته طاقتورن جا ڪوٽ ڪنبي ويندا آهن ۽ انهن جي طاقت ۾ ڏار پئجي ويندا آهن. هن وقت ڊپ اهو آهي ته ماضيءَ وانگر اسان جي اتحاد ۾ ڏڦير وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جڏهن ڪنهن هڪ مسئلي تي تحريڪ هلندي آهي ته ان ۾ وڌيڪ طاقت هوندي آهي، ان جي ڪاميابيءَ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن ۽ ان ۾ ڪوبه ماڻهو ڌار يا الڳ ٿلڳ بيٺل نه هوندو آهي ۽ ان جي ناڪاميءَ جا خدشا گهٽ ٿي ويندا آهن. ماضيءَ ۾ سنڌ ۾ هڪ ايجنڊا تي ڪيتريون ئي تحريڪون هليون ۽ ڪامياب ٿي چڪيون آهن. ورهاڱي کان پهرين سنڌ کي ممبئيءَ کان ڌار ڪرڻ جي تحريڪ جنهن ۾ سنڌ کي ممبئيءَ کان ڌار ڪري هڪ الڳ صوبي جي حيثيت وٺرائي ڏني وئي. ان کانپوءِ سنڌ ۾ هاري ڪميٽي هارين جي حقن جي لاءِ هڪ تحريڪ هلائي ۽ ان ۾ هارين جي لاءِ قانونسازي ڪرائي وئي. ان کانپوءِ ڪالا باغ ڊيم جي خلاف سنڌ جو عوام اٿي بيٺو ۽ ڪالا باغ ڊيم کي اڃان تائين اڏجڻ کان روڪي ويٺو آهي. اسان کي ان ڳالهه کي سمجهڻ گهرجي ته ون ايجنڊا موومينٽ هميشه دشمن يا مخلف ڌر کي ڪمزور ڪندي آهي ۽ احتجاج ڪندڙ ڪمزور ماڻهو پنهنجي هڪ ئي سوچ ۽ هڪ ئي گهر ڪندي جڏهن هڪ وڏي تعداد ۾ گڏجي بيهندا آهن ته اهي سڀ ڪمزور ماڻهو هڪ طاقتور آواز بڻجي دشمن کي للڪاريندا آهن ۽ ان کي ڪمزور ڪندا آهن.

            سنڌ جو عوام اها ڳالهه چڱيءَ طرح سان سمجهي ٿو ته هتي جڏهن به تحريڪون هليون آهن ته انهن کي عوام خود ليڊ ڪري پنهنجي حقن کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پوءِ وقت سان گڏوگڏ ان ۾ ڪجهه ننڍيون ۽ وڏيون جماعتون به شامل ٿي وينديون آهن. هن وقت به سنڌ جو عوام، سنڌ جو نوجوان ۽ خاص طور تي سنڌ جي ناري جيڪا ڪيترن ئي مسئلن کي به منهن ڏئي رهي آهي، ڪاميابيءَ سان هن تحريڪ کي هلائي رهيا آهن. هن وقت سنڌ جو احتجاج تمام گهڻو پرامن ۽ آئيني دائري جي اندر ٿي رهيو آهي، اها هن تحريڪ جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي، نه صرف ايترو بلڪه پيپلز پارٽي جيڪا سنڌ جي حڪمران پارٽي به آهي ان کي گوڏن ڀر جهڪڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو ثبوت 25 مارچ 2025 واري احتجاج کانپوءِ اهو ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته پيپلز پارٽي مسلسل احتجاج ڪندي ۽ ان کان علاوه سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه 28 مارچ 2025 تي باضابطا درخواست موڪلي سي  سي آءِ جو اجلاس جلد گهرائڻ جي به گهر ڪري ڇڏي آهي. آئين پاڪستان جي آرٽيڪل 154 (3) تحت سي سي آءِ جي ميٽنگ هر ٽن مهينن کانپوءِ لازمي ٿيڻي آهي، جيڪا 20 جولاءِ 2024 تي ٿيڻي هئي ۽ اڃان تائين نه ٿي آهي. اهو سڀ ڪجهه سنڌ جي عوام جي متحد آواز جو نتيجو آهي.

            اسان سڀني کي خبر آهي ته هن وقت وفاقي حڪومت پيپلز پارٽي جي آڌار تي بيٺل آهي، جيڪڏهن پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام سان سچي آهي ته اها وفاق کان ڌار ٿي حڪومت کي ڊاهي به سگهي ٿي. صدر پاڪستان آصف علي زرداري ايوان صدر ۾ 8 جولاءِ 2024 تي گرين پاڪستان انيشيئيٽو جي تحت ٿيل ميٽنگ ۾ لکت ۾ منظوري ڏني هئي، ان جي ڪري سنڌ جو عوام هن وقت پيپلز پارٽي کان سخت ناراض به آهي ۽ ان جي ڪنهن به کنيل قدم تي ڀروسو نٿو ڪري. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جو عوام متحد ٿي پنهنجي هڪ ايجنڊا تي تحريڪ کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي. عوام جو پرامن احتجاج سڀني طاقتن کان وڌيڪ طاقتور هوندو آهي. اها ڳالهه به پڌري پٽ پئي آهي ته سنڌ سان جيڪي زيادتيون ٿي رهيون آهن انهن جو ڪوبه حساب ناهي. سنڌ مان نڪرندڙ وسيلا هجن يا سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ روزگار جا ذريعا انهن سڀني تي سنڌ کان ٻاهران ايندڙ ماڻهن جو قبضو آهي، جنهن جو سبب سنڌ حڪومت جي خراب ڪارڪردگي آهي. سنڌ جي تعليم جي صورتحال اها آهي جو هن وقت 70 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن ۽ پرائمري جي تعليم جو حال انتهائي برو آهي. ڪرپشن عروج تي آهي، نوڪريون وڪامجي رهيون آهن، اهل ماڻهو بيروزگار آهن ۽ نااهل ماڻهو نوڪريون خريد ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجي اختيار جو غلط استعمال ڪري پنهنجي ڌرتي ۽ ماڻهن کي نقصان پهچائي رهيا آهن. ان سڄي صورتحال ۾ ڪئنالن جي مسئلي کي ٻين سڀني مسئلن سان ڳنڍي تحريڪ هلائي وڃي. جيڪڏهن ايئن ڪيو ويو ته ڪئنالن جو مسئلو يقينن نظر انداز ٿيندو ۽ اهي طاقتون ڪامياب ٿي وينديون جيڪي هن تحريڪ کي ناڪام بنائڻ جي لاءِ متحرڪ ٿي چڪيون آهن. پرامن احتجاجن کي پرتشدد بنائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. ان کان علاوه ڪئنالن جي اڏاوت سان گڏوگڏ ٻين زيادتين جو ذڪر ڪري ڪئنالن جي مسئلي کي پٺتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.