رپئي جي قدر ۾ وڌيڪ گهٽتائي نه ٿيندي: اسد عمر
خزاني واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته رپئي جي قدر ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو ڪوبه امڪان نه آهي. وفاقي وزير پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي ميمبرن سان وڊيو لنڪ تي خطاب ڪندي چيو ته افواهن جي بنياد تي ماڻهو ڊالر خريد ڪري پنهنجو پئسو ضايع نه ڪن. هن چيو ته رپئي جي قدر کي هٿرادو طور تي مٿي رکيو ويو هو، ان جو قدر هاڻي ٺيڪ ٿي ويو آهي. آءِ ايم ايف سان رپئي جي قدر تي ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي ۽ اسان تمام ڏکيا فيصلا ڪيا آهن.

