تيز رفتار انٽرنيٽ لاءِ اميزون ڪمپني 3000 سيٽلائيٽ خلا ۾ ڇڏيندي

اميزون ڪمپني پاران هڪ اعلان ۾ چيو ويو آهي ته سڄي دنيا ۾ انٽرنيٽ جي تيز ترين سروس آڻڻ لاءِ اميزون ڪمپني خلا ۾ 3000 سيٽلائيٽ موڪليندي. هن منصوبي جو نالو پروجيڪٽ ڪائپر رکيو ويو آهي. اميزون ڪمپني پاران چيو ويو آهي ته سڄي دنيا ۾ انٽرنيٽ جي سهولت پهچائڻ جو هن کان بهتر طريقو ٻيو ڪوبه نه آهي. واضح رهي ته اميزون ڪمپني انٽرنيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن يونين ۾ پروجيڪٽ ڪائپر جا تفصيل به جمع ڪرايا آهن هي يونين گڏيل قومن هيٺ ڪم ڪري رهي آهي. ياد رهي ته اميزون ڪمپني آمريڪا جي ڪمپني آهي جنهن جو مالڪ جيف بيزوس هن وقت دنيا جو امير ترين شخص آهي. هن جي پروجيڪٽ کي آمريڪا جي ڪمپني اسپيس ايڪس، ڪئناڊا جي ڪمپني ٽيلي سيٽ پاران مقابلي جو خدشو پڻ آهي. اهي ڪمپنيون به ساڳي قسم جا منصوبا  شروع ڪرڻ چاهيون ٿيون.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments