نئون

پاڪستان ۾ سڀئي ڌريون ڊيل ڪري ئي پاور ۾ اينديون آهن: زرداري

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سڪرنڊ ۾ ورڪرن سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ هرڪو ڊيل ڪري ئي حڪومت ۾ ايندو آهي. نواز شريف به ائين ئي آيو هو ۽ عمران خان به ائين ئي آيو آهي ۽ ٻنهي کي ڪم ڪرڻ نٿو اچي نه ئي ملڪ هلائڻ اچي ٿو. وزيراعظم پاران ملڪ اندر انويسٽمينٽ آڻڻ واري طريقي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان سڀ ڪنهن کان پني رهيو آهي. جيڪو ملڪ جي عزت لاءِ بهتر نه آهي. اسان جي پارٽي موجوده ذريعن سان ئي ملڪ کي هلايو هو. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان هن وقت چين سان پنهنجي ڪرنسي ۾ ڪاروبار ڪرڻ جو معاهدو ڪري آيو آهي پر اسان ان قسم جو معاهدو پنجن ملڪن سان ڪيو هو جنهن ۾ اردن، ترڪي ۽ سريلنڪا به شامل آهن. اڳوڻو صدر جيڪو هن وقت قومي اسيمبلي جو ميمبر به آهي چيو ته هن کي گرفتار ڪرڻ جي سازش رٿي پئي وڃي پر ان سڄي ڪوشش سان منهنجي مشهوري ۾ اضافو ٿيندو ۽ مان انهن ڳالهين کان ڊڄان نٿو.