ايران کي تيل وڪرو ڪرڻ جي اجازت ملي وئي

آمريڪا جي پرڏيهي وزير چيو آهي ته ايران کي اجازت ڏني آهي ته اهو اٺن ملڪن کي پنهنجو تيل وڪرو ڪري. هيءَ اجازت عارضي آهي ۽ انهن 8 ملڪن کان علاوه ڪنهن به تيل خريد ڪيو ته ان کي سزا ڏني ويندي. هڪ پريس بريڪنگ ۾ مائيڪ پومپيو چيو آهي ته ايران پاران ايٽمي معاهدو ختم ٿيڻ تي سومر کان ايران تي معاهدي ۾ ختم ڪيل پابنديون وري لڳايون ويون آهن. جڏهن ته ايران جي توانائي شپنگ، بينڪنگ ۽ شپ بلڊنگ جي شعبي تي پابنديون لڳل هونديون. اميد آهي ايران سان نئون ايٽمي معاهدو ٿي سگهندو. مائيڪ پومپيو وڌيڪ چيو ته ايران تي هنن پابندين جو مقصد ايران کي هوثي باغين ۽ خزب الله جي فنڊنگ کان روڪڻ آهي. ٻئي پاسي ايراني سفير پاران گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کان خط ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته ايران جي تيل ۽ شپنگ تي پابندي سلامتي ڪائونسل جي قرار داد جي خلاف ورزي آهي ۽ هو آمريڪا کان ان بابت جواب طلب ڪري.  

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *