بلاگنئون

گمنام ڪهاڻيڪار منير عرف ماڻڪ سنڌي

منير احمد المعروف ماڻڪ جنھن متعلق اها ڳالهه پڙهي بيحد افسوس ٿيو ته ماڻڪ خودڪشي ڪئي، پر خودڪشي ڇو ڪئي؟

ماڻهو خودڪشي ڇو ڪندا آهن؟ جڏهن ان سوال جو جواب ڳولهڻ ويٺس ته مختصر اهو ئي جواب مليو ته اهو ذهني دٻاءُ ۽ پريشاني سبب مايوس ٿي خودڪشي جو عمل ڪري ٿو ڪنھن لکيو هو ته “ڊپريشن صرف مايوسي محسوس ڪرڻ يا خراب ڏينهن نه هجڻ آهي. اهو هڪ سنگين طبي حالت آهي جيڪا هڪ شخص جي روزاني زندگي تي گهرو اثر وجهي سگهي ٿي. اهو انهن جي ڪم ڪرڻ، مطالعي ڪرڻ جي صلاحيت کي متاثر ڪري سگهي ٿو” ها اهو بلڪل درست جواب آهي جو ڪا ڳالھه صلاحيتن تي ايئن اثرانداز ٿئي ٿي جيئن علامه صاحب پنھنجي زال ايلسا قاضي، جنھن کي سنڌ جا ماڻهو عزت سان “امڙ ايلسا” سڏيندا هئا جنھن 28 مئي 1967ع تي وفات ڪئي. علامه صاحب سندس وفات کانپوءِ گهڻو وقت جيئرو نه رهي سگهيا ۽ 13 اپريل 1968ع تي خودڪشي ڪري پنهنجي زندگي جو خاتمو آندو. اهڙي طرح قومپرست 25 سال عمر جو قومي سھڻو هيرو عرفان مھدي سنڌ جو ٽيلنٽ هو جنھن جي ٽيلنٽ کي ايجنسين  دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن جو نتيجو اهو نڪتو جو 3 آگسٽ 1991ع تي سنڌوءَ جي لھرن ۾ عرفان جي وجود کي لڙهندي يا ٻڏندي ڏٺو. جيئن عرفان اسان جو هڪ سٺو دوست جدا ٿيو. اهڙي طرح کلڻو ملڻو محبتي انسان ڀلوڙ شاعر ماٺيڻو اوٺو به يونيورسٽي جي هڪ سندري جي محبت ۾ گرفتار ٿي  15 فيبروري 1981ع ۾ غلام محمد بئراج جي 44 دروازي ۾ لهندڙ سج وقت ٽپو ڏئي زندگيءَ جو انت آڻي هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. اھڙي طرح سنڌ جي ڪھاڻيڪار منير ماڻڪ به  26 جنوري 1982ع تي نوابشاهه ۾ آپگهات ڪري جسماني طرح پنهنجو انت آندو. سندس موت بابت ناول “ساهه مٺ ۾” تبصرو ڪندي نصير مرزا لکي ٿو ته:

“26 جنوري اڱاري جي ڏينهن ٻي وڳي منجهند ڌاري برک ڪهاڻيڪار ماڻڪ جي اوچتي دکدائڪ وفات واري خبر 27 جنوري تي شام سوائين ڇهين وڳي تصديق ۾ تبديل ٿي چڪي هئي. کوڙ سارن دوستن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو ۽ ڪنھن کي به ان ڳالھه جو يقين نٿي آيو، پر  سائين نثار حسيني تصديق ڪئي ته ماڻڪ ختم ٿي ويو. ماڻڪ آخري ڏينھن ۾ معاشي حالات سبب سخت پريشاني ۾ جيڪو خط پنھنجي مرتئي کان ڏهه، ٻارهن ڏينهن اڳ نثار حسيني کي لکيو هو ان ۾ ان جو اظھار ڪندي لکي ٿو ته:

“پيارا دوست نثار! اميد ته خوش هوندين، ههڙي قسم جا خط اڳ به مان لکي چڪو آهيان، وري هڪ ڀيرو يقين ڪرڻ چاهيان ٿو، ڳالهه دراصل هي آهي ته: هتي مون کان نڪو وڪالت ٿي هلي ۽ نڪو ميڊيڪل اسٽور تربيت ئي اهڙي ٿيل آهي جو ٻنهي ڌنڌن ۾ ٺڳي جيڪا مون کي نه ٿي اچي. مان اهو ڄاڻڻ ٿو چاهيان ته ڇا اتي سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ ڪا جاءِ خالي آهي، اوهان جي چيئرمين شاهه صاحب جو هڪ سٺو دوست هتي آهي، ان چيو آهي ته جيڪڏهن شاهه صاحب وٽ ڪا جاءِ آهي، يا ڪڍي ڪري ڏئي سگهي ٿو ته مان اهو ڪم ڪرائڻ جي همت رکان ٿو . مون وٽ ايم اي سوشالاجي ۽ ايم ايڊ جون ڊگريون آهن. هن ڏس ۾ پوري تفصيل سان پر ستت جواب ڏيندا. اڄ ڪلهه اوهان ڇا پيا ڪيو، ڪتابي سلسلي ۾ ڪو نئون ڪتاب آيو آهي؟ گهٽ ۾ گهٽ يار هڪ ڪاپي ته موڪليندا. هتي هجڻ سبب في الحال لکڻ ڇڏي ڏنو اٿم، پر ڪالهه کان ڪجهه نه ڪجهه لکڻ جو ارادو ڪيو اٿم. ليکڪ ۽ سماج جي Establishment جي حوالي سان پڪو ارادو نه ڪيو اٿم ته رات ضرور هڪ ٻه پئراگراف ئي لکندس، پر هر حالت ۾ جيڪڏهن اوهانجو ڪو ڪتاب ڇپيو هجي ته موڪليندا، جواب جو انتظار رهندو.

اوهان جو پنهنجو منير.”

منير کي اڄ سندس ورسيءَ تي ڪير ياد ڪري ٿو يا نٿو ڪري بھرحال مون کيس ياد ڪندي هي ٻه ڪجھه جملا هتان هتان کڻي جوڙي لکيا آهن ته هن ماٺيڻي، مطالعي جي شوقين نوجوان منير احمد ماڻڪ سنڌي 5 مارچ 1943ع ۾ نوشهرو فيروز ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو محمد ادريس ميمڻ هو. ماڻڪ ابتدائي تعليم نوابشاهه مان حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم ايم اي سوشالاجي، بي ايڊ ۽ ايل ايل بي جو امتحان پاس ڪري، پھرين ماستري ۽ پوءِ روسي سفارتخاني ۾ ڪجهه عرصو نوڪري ڪري نوابشاهه ۾ وڪالت سان گڏوگڏ ميڊيڪل اسٽور هلائڻ لڳو.

ماڻڪ لکڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ڪئي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت نوابشاهه جو سرگرم ڪارڪن هو. ماڻڪ سنڌي ادب جي انهن منفرد ڪهاڻيڪارن مان آهي، جنهن سنڌي ڪهاڻيءَ کي نئين زندگي ڏني ۽ سنڌي جديد ڪهاڻي ۾ نون موضوعن کي پڻ متعارف ڪرايو. سندس ڪهاڻيون فني ٽيڪنيڪ جي حوالي سان لاجواب مثال آهن. ماڻڪ پنهنجن ڪهاڻين ۾ سماجي حالتن جي چٽي تصوير پيش ڪري ٿو. ڪهاڻين جا اڪثر پلاٽ سنڌ جي مظلوم عورتن جا مقدما آهن. جنهن کي هو پنهنجي منفرد انداز سان مختلف ڪردارن وسيلي پلاٽ ۾سمائي عورتن جي حقن جي تحريڪ جي نمائيندي ڪندي نظر اچي ٿو. سندس ڪهاڻيون عورت جي نفسياتي مونجهارن، داخلي ڪيفيتن، ذهني اذيتن ۽ حق تلفين جو کليل پڌرنامو آهن. ماڻڪ سنڌي ادب جي انهن ٿورن ڪهاڻيڪارن مان آهي، جنهن عورت جي حقن تي بيباڪ ٿي لکيو آهي. ان ڪري کيس ادبي هلڪي ۾گهڻي تنقيد به ٿيندي رهي، مختلف وقتن تي گارين جا خط ۽ فحاش ليکڪ جا الزام پڻ لڳندا رهيا. ماڻڪ بابت ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته:

“ماڻڪ سنڌي ڪهاڻي ۾ منفرد طرز جو ليکڪ آهي، سندس تحريرن جو وڏو حصو ان پيڙا جو پڙلاءُ آهي، جنهن ۾ خود کيس پيڙهيو ويو. هن سماج ۾ جيڪو ڏٺو، ان خلاف لکيائين. سمجهه جي مار وارن کيس ئي کڻي چوکنڀو ٻڌو، چئي بد اخلاقي ٿو پکيڙي، جنسياتي مرض ۾ ورتل آهي.”

ماڻڪ وٽ انساني جذبن جو قدر آهي. هو بنا ڪنهن رک رکاءُ جي عورت جي آنڌ مانڌ ۽ ڦوهه جواني واري اضطرابي ڪيفيت جو بيان شاندار نموني سان ڪري ٿو، جيڪا ڦوهه جواني ۾ جيون ساٿي جي سخت ضرورت محسوس ڪري ٿي. ان ساٿي جي نه هجڻ ڪري ان عورت جي اندر جي دنيا ڇا هوندي؟ ماڻڪ حقيقت پسند ڪهاڻيڪار هو. سندس ڪهاڻين جا موضوع پڻ سماج جي کري ۽ چٽي تصوير آهن. هن وٽ حقيقت ۽ دوکي ۾ واضح فرق آهي. جيئن ڪهاڻي “حقيقت ۽ دوکو ” ۾ معاشري جي انهن مدي خارج ذهنن جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪي سام ۾ خيانت ڪن ٿا ۽ پنهنجي گناهه کي لڪائڻ خاطر مختلف دليل ڏيئي پاڻ کي بيگناهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.

ماڻڪ پهريون سنڌي ڪهاڻيڪار آهي، جنهن مڪمل وجودي فڪر ۾ ڪهاڻيون لکيون آهن. هو انسان جي وجود ۾ ليئو پائي انساني پيڙاءُ، ڏک، تڪليف، انسان جي هيڻائپ ۽ بيوسي تي قلم کڻي ٿو. ماڻڪ جي ڪهاڻي جا موضوع بيروزگاري، غربت، عورت سان ٿيندڙ ناانصافي، انسان جي داخلي ڪيفيت، بيوسي، تڙپ، نفسياتي احساس ۽ ملڪي سياست پڻ آهن. ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ پنهنجي ڪتاب “سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر” ۾ لکي ٿو ته:

“ماڻڪ جي اها خوبي بيمثال خوبي آهي ته هو ماڻهن جي نفسيات کي ايتري ويجهڙائي کان ڄاڻي ٿو ڄڻ ته انهيءَ ڪردار جو ڏک پاڻ ڀوڳيو اٿس.” ماڻڪ جي تحريرن جي انمول خوبي انداز بيان آهي، هن وٽ لفظن جا ڀنڊار ۽ ڪمال جو ربط آهي، جيڪو پڙهندڙ کي آخر تائين جوڙي رکي ٿو. ادب جي دنيا ۾ گهٽ ڪهاڻيڪار آهن جيڪي ٻوليءَ ذريعي ڪردارن جي اهميت کي اجاڳر ڪرائي سگهن، اهو ته ماڻڪ جهڙي ڪهاڻيڪار جو ئي ڪمال آهي.

ماڻڪ جا ڪجهه مجموعا شايع ٿي چڪا آهن، جيڪي پڻ سنڌي ڪهاڻي ۽ ناول جي حيثيت ۾ وڏو مقام رکن ٿا، تنهن مان “حويليءَ جا راز”، “رڃ ۽ پڙاڏا” ناوليٽ “لڙهندڙ نسل” ناولٽ، “پاتال ۾ بغاوت” “ڇهه انام” ڪهاڻيون ۽ ڪجهه اسٽيج ڊراما جنهن مان “ڪَلاچي جي ڪُن ۾” ۽ ڪجهه مضمون آهن، جيڪي ادب جي دنيا ۾اهميت جوڳا آهن. ماڻڪ جي تحريرن جي خاص خوبي بھترين منظرنگاري آهي، هو پنھنجي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ منظرنگاري جا خوبصورت چٽ ڪنهن مصور جي آرٽ جيئان اُڪيري ٿو. جيئن ناول “رڃ ۽ پڙاڏا ۾” هڪ ڳوٺ جي سادي گهراڻي جو ڏيک ملاحظه فرمايو:

“ڳوٺ جو گهر: ڪچو اڱڻ- ورانڊو ٻه ڪوٺيون، پينگهو ڪوٺي ۾ کٽ تي هنڌ جو ڍير.

هلڪي اوندهه- ليپي ڏنل مٽي جو سڳنڌ، عاشيءَ سان راند، اک ٻوٽ گڏين. چيڪلي اڳ بچائڻ- لڪ- لڪوٽي.”

ماڻڪ جي ڪهاڻين جا گهڻا ڪردار سندس زندگيءَ سان مشابهت رکن ٿا. جيئن ناول “ لڙهندڙ نسل” ۾ هڪ بيروزگار نوجوان جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪو بيروزگاري جي ڪري بيحد مايوس ۽ پريشان آهي.

ماڻڪ هر ڪھاڻي ۾ پنھنجي زندگيءَ جي عڪاسي ڪئي آهي. هن جو بيروزگار هجڻ جو ذڪر به ڪھاڻي ۾ ڪيو اٿس جنھن سبب جي ڪري هن 26 جنوري 1982ع تي نوابشاهه ۾ آپگهات ڪري پنهنجي زندگي جو انت آندو. جيڪو عمل هن کي ته نه ڪرڻ کپندو هو، پر ذهن تي پريشانين جو دٻاءُ انتھائي خراب نتيجا ڪڍندو آهي جنھن متعلق ڊاڪٽر خليل ابراهيم پنھنجي ڪتاب عبرت ڪده ۾ اظهار خيال ڪيو آهي ۽ مون خود چرين جي اسپتال ۾ پنھنجي ڏاهي، بھترين لکندڙ ننڍي ڀاءُ طفيل احمد شيخ کي اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ دوران قابل انسانن سان مليس جن جو الڳ ذڪر لکندس ته اهڙن ماڻهن کي هڪ سٺي ساٿي ذريعي پيار جي، مدد جي سخت ضرورت هوندي آهي جيڪا انهن کي نه ملڻ ڪري انھن کي خودڪشي ۾ آخري نجات نظر اچي ٿي جنھن جا ذميدار وقت جا حاڪم پڻ آهن.